نئين تڪبندين جو فيصلو

قومي اسيمبلي ۾ سمورن پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو هو، جنهن ۾  قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد، عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاجي غلام احمد بلور، جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڪرم خان دراني، مسلم ليگ (ف) جي غوث بخش مهر، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر، متحده قومي موومينٽ جي ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي سميت قانون واري سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، نادرا چيئرمين، شماريات واري اداري جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس شروع ٿيڻ تي پارلياماني اڳواڻن کي اجلاس جي اهميت ۽ فوري ضرورت جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ 2017ع جي آدمشماري جي شروعاتي نتيجن موجب نئين تڪبندين تي تفصيلي مشاورت ٿي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي نئين تڪبندين بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اجلاس ۾ سمورن پارلياماني اڳواڻن قومي اسيمبلي جون سيٽون 272 رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تڪبندين جي حوالي سان ڦيرڦار آبادي ۽ آدمشماري جي بنياد تي ٿيندي. ان ڏس ۾ سمورين پارلياماني سياسي پارٽين سان مشاورت جو سلسلو جاري آهي.نئين تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن کي وقت ڏيڻ چاهيون ٿا. تڪبندين ۾ توسيع ۽ ڦيرڦار آبادي ۾ اضافي جي بنياد تي ٿيندي.اڄ يا سڀا ڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظوري ورتي ويندي، اسان جي ڪوشش آهي ته سمورن معاملن کي بهتر نموني سان جلد کان جلد پڄاڻي تي پهچايو وڃي. تڪبندين ۾ ڦيرڦار رڳو قومي اسيمبلي ۾ ٿيندي صوبائي اسيمبلين ۾ نه. نئين تڪبندين سان سيٽون نه وڌنديون تنهن هوندي به بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد جي هڪ، هڪ سيٽ وڌي ويندي، نئين آدمشماري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ صوبن جي نمائندگي جي سراسري جاچڻ لاءِ آئيني بل تيار ڪيو ويو آهي ۽ پارلياماني اڳواڻن بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت قومي اسيمبلي ۾ پنجاب جون 9 سيٽون گهٽ ٿي وينديون جنهن ۾ 7 جنرل ۽ 2 مخصوص سيٽون آهن، خيبرپختونخواهه جي قومي اسيمبلي جي 5 سيٽن جو اضافو ٿيندو جن مان 4 جنرل ۽ هڪ مخصوص سيٽ شامل آهي، بلوچستان ۾ مجموعي طور تي قومي اسيمبلي جي 3 سيٽن جو اضافو ٿيندو جن ۾ 2 جنرل ۽ هڪ مخصوص سيٽ شامل آهي. اسلام آباد جي سيٽ ۾ هڪ اضافو ٿيندو جڏهن ته سنڌ جي قومي اسيمبلي جي موجوده سيٽن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيندو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي 342 سيٽن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 272 سيٽن تي ميمبر سڌوسنئون چونڊجي اچن ٿا جڏهن ته اقليتن جي لاءِ 10 ۽ عورتن جي لاءِ 60 سيٽون مخصوص آهن، جن کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ پارٽين جي وچ ۾ نمائندگي جي تناسب سان ورهايو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *