نئب کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم…!

سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي احتساب بيورو جي ميمبرن کي سنڌ اسيمبلي ۽ بيورو ڪريٽس خلاف انڪوائري جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ۲ رڪني بينچ سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ نيب جي اختيارن کي ختم ڪرڻ متعلق متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي گڏيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي جي لاءِ ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بيرسٽر ضمير گهمرو، پراسيڪيوٽر جنرل نيب وقاص ڊار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته اپوزيشن جي پيروي بيرسٽر فرغ نسيم ۽ سول سوسائٽي جي پيروي فيصل صديقي ايڊووڪيٽ ڪئي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن پارٽين پاران داخل درخواست ۾ الزام لڳايو ويو ته پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ مشيرن ڪرپشن ڪئي آهي، ان جي لاءِ سنڌ ۾ نيب آرڊيننس کي ڪلعدم قرار ڏنو ويو آهي،

عدالت چيو ته جن ميمبرن خلاف نيب ۾ انڪوائري هلي رهي آهي، انهن جي فهرست عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي ۽ انهن ميمبرن کي اسيمبلي جي فهرست مان خارج ڪيو وڃي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ۱۸ هين ترميم تحت سنڌ اسيمبلي کي ان بل جي منظوري جو اختيار حاصل آهي جنهن ۾ نيب کي صرف وفاقي ادارن ۾ ڪارروائي ڪرڻ جا اختيار ڏنل آهن، چيف جسٽس جا ريمارڪس هئا ته مطلب اهو آهي ته وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ، دهشتگردي جي خاص عدالت ۽ اينٽي نارڪوٽيڪس ڪورٽ کي تالا لڳائي ڇڏجن، عدالت نيب کي سنڌ اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ ۽ انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .

ياد رهي ته  سنڌ حڪومت جا ڪيترائي سياستدان ۽ آفيسر نيب جي پڪڙ ۾ آهن، صوبي ۾ ٦۰ کان وڌيڪ سياستدانن ۽ آفيسرن خلاف جاچ جاري آهي، نيب پاران هن وقت به قانون واري وزير ضياءُ النجار، ايم پي اي فقير داد کوسو، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن خلاف انڪوائري جاري آهي، ايم پي اي اويس مظفر خلاف نيب ۾ انڪوائري هلي رهي آهي، اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، اعجاز چوڌري ۽ ٻين خلاف نيب جاچ ڪري رهي آهي، اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق خلاف نيب جي انڪوائري آخري مرحلي ۾ آهي، ايم اين اي مير منور ٽالپر ۽ ايم پي اي علي مردان شاهه خلاف نيب جون انڪوائريون بند ٿي چڪيون آهن، اطلاعن موجب سنڌ ۾ هن وقت ۵ درجن کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ آهن، جڏهن ته نيب پاران گذريل سال هڪ سئو کان وڌيڪ ريفرنس داخل ڪيا ويا هئا، جيڪي هن سال به ۱۲ ريفرنس فائل ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *