مڪاني کاتن ۾ ڪرپشن جو انڪشاف…؟

 

سنڌ جي مڪاني کاتي ۽ ان جي ماتحت ڊپارٽمينٽن رورل ڊولپمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، هائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ ۾ مالي سال 13-2012ع ۾ 6 ارب 32 ڪروڙ 79 لک 30 هزار رپين جون رڪارڊ مالي بي قاعدگين ۽ گھوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته انهن ڊپارٽمينٽ بچت واري 56 ڪروڙ 80 لک 90 هزار رپيا رقم به وقت سر استعمال نه ٿيڻ تي جمع نه ڪرائي آهي، 2001ع جي ڊيولوشن  پروگرام تحت  لوڪل گورنمينٽ سسٽم سماجي سهولتن جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو، جنهن ۾ ان کي واٽر سپلاءِ نيڪال ۽ روڊ رستا تعمير ڪرڻ جي ذميواري ڏنل هئي ان کانپوءِ ناڻي کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب هاڻ ان کاتي جو سيڪريٽري تي ٻين ڊپارٽمينٽن جي به ذميواري منتقل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ رورل ڊولپمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ هائوس اينڊ ٽائون پلاننگ جا ڊپارٽمينٽ شامل آهن هاڻ اهي سڀ ڊپارٽمينٽ هڪ پرنسپل اڪائونٽ آفيسر جي ضابطي هيٺ آهن. رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ٻهراڙين جي ترقي جو ذميوار آهي. ڄاڻايل ڊپارٽمينٽن ۾ مالي سال 13-2012 ۾ 6 ارب 32 ڪروڙ 79 لک 30 هزار رپين جون رڪارڊ مالي بي قاعدگيون ۽ گھوٻيون ٿيون آهن . مڪاني کاتي کي ان مالي سال ۾ 40 ارب 61 ڪروڙ 48 لک 10 هزار رپيا بجيٽ ڏني وئي، جڏهن ته 2 ارب  42ڪروڙ 96 لک 60 هزار رپيا سپليمينٽري گرانٽ به ڏني وئي. جڏهن ته مالي سال 13-2012 ۾43 ارب 4 ڪروڙ 44 لک 60 هزار رپيا  گرانٽ ملي  جنهن مان کاتن  42 ارب  37 ڪروڙ  63 لک 90 هزار رپيا خرچ ڪيا ۽ 56 ڪروڙ 80 لک 90 هزار رپيا بچت ٿي جيڪا رقم خرچ نه ٿي سگھي اها رقم  مڪاني کاتي کي  مقرر وقت اندر  جمع ڪرائڻي هئي جيڪا جمع نه ڪرائي وئي. جڏهن ته مڪاني کاتي 3 ارب 81 ڪروڙ 56 لک 30 هزار رپيا بنا ٽينڊر جاري ڪري خرچ ڪيا، جڏهن ته ان رقم مشينري جي خريداري، يونيفارمن، اسٽيشنري جي سامان. ايڊورٽائيزمنيٽ ۽ پبلسٽي تي خرچ ڪئي وئي ان لاءِ ڪنهن به قسم جو ٽينڊر جاري نه ڪيو ويو. ان بابت جڏهن آڊٽ وارن کانئن پڇاڻو ڪيو ته ان جو به انهن ڪنهن به قسم جو جواب نه ڏنو. جڏهن ته ڊپارٽمينٽ مختلف هائوسنگ اسيڪمن جي الاٽين. ايجنسين ۽ ٻين کان مالي سال 13-2012 ع ۾ 1 ارب 76 ڪروڙ 66 لک رپين جي ڊولپمينٽ جارچز جي اوڳاڙي نه ڪئي وئي ان بابت به ڪنهن به قسم جو جواب نه ڏنو ويو. جڏهن ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ٺيڪيدارن طرفان  ٺيڪي وٺڻ لاءِ جمع ڪرايل رقم 31 ڪروڙ28 لک 30 هزار رپيا ٽن سالن تائين ڪليم نه ڪرڻ کانپوءِ اها رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي آهي جيڪا نه ڪرائي وئي. جڏهن ته پي ايڇ اي طرفان، انڪم ٽيڪس، اسٽيمپ ڊيوٽي  جي مد ۾ ٺيڪيدارن کان 4 ڪروڙ 50 لک 4 هزار رپيا نه اوڳاڙي قومي خزاني کي نقصان پهچايو ويو ان بابت به پڇاڻو ڪرڻ باوجود ڪنهن به قسم جو جواب نه ڏنو ويو. جڏهن ته ان ساڳئي سال ۾ ساڳئي ڊپارٽمينٽ 1 ڪروڙ 68 لک رپيا مختلف ڪمن لاءِ ٺيڪيدارن کي ايڊوانس طور ادا ڪيا پر اها ايڊوانس رقم ڪٿي به ايڊجيسٽ نه ڪئي وئي. اهڙي طرح 4 ڪروڙ 20 لک 70 هزار رپيا اضافي  رقم مختلف ڪمن جي اسمن تي خرچ ڪيا ويا .اها اضافي رقم  اعلي اختيارين جي اڳواٽ منظوري کانسواءِ خرچ ڪئي وئي آهي. ڪم مڪمل ٿيڻ کانسواءِ  1 ڪروڙ 54 لک 20 هزار رپيا ٺيڪيدار کي ادا ڪيا ويا، جڏهن ته ٺيڪيدار هڪ به پائيپ نه لڳايو. جڏهن ته ٺل جي واٽر سپلا  اسڪيم جي لاءِ زمين وٺڻ تي 1 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيو ويو. پر اها زمين اصل جاءِ بدران اعلي اختيارين جي اجازت کانسواءِ ٻئي هنڌ ورتي وئي. ٻئي طرف سيوهڻ ڊوپلمينٽ اٿارٽي 19 ڪروڙ 27 لک 70 هزار رپيا ٺيڪدار کي گھرن جي اڏاوت لاءِ  جاري ڪيا پر اها رٿا مڪمل نه ٿي سگھي.گلشن شهباز ۾  زمين تي ڪم ڪرڻ جي مد ۾  90 لک 76 هزار رپيا ادا ڪيا ويا اها اسڪيم جنهن تي اها رقم خرچ ڪئي وئي اها رٿا ۾ شامل ئي نه هئي. جڏهن ته سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي ڪنسلٽنٽ کي 90 لک کان وڌيڪ رقم  جي ڪنسلٽينسي جي مد ۾ جاري ڪئي جيڪو عمل درست نه هو. آڊيٽر جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته مڪاني کاتي ۾ ٿيل بي قاعدگين ۽ گھوٻين جو سنجيده نوٽيس ورتو وڃي.

سنڌ جي مڪاني کاتي ۽ ان جي ماتحت ڊپارٽمينٽن رورل ڊولپمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، هائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ ۾ مالي سال 13-2012ع ۾ 6 ارب 32 ڪروڙ 79 لک 30 هزار رپين جون رڪارڊ مالي بي قاعدگين ۽ گھوٻين ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي. ذميوار آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل هيٺ آندي  وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *