ميدانِ جنگ ۾ تبديل ٿيل مقدس ايوان….!

پارليامينٽ هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جو جاويد لطيف ۽ پي ٽي آءِ جو ايم اين اي مراد سعيد هڪ ٻئي سان وڙهي پيا ۽ مڪون ۽ ٺونشا هنيا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر معاملي جي جاچ لاءِ سينيئر پارليامينٽرين تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ٻنهي ميمبرن ۾ جهيڙي کان اڳ ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن مراد سعيد ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته توهان صرف معاملي تي ڳالهايو تقرير نه ڪريو جنهن تي مراد سعيد ڪاوڙ ۾ ايندي چيو ته توهان اسان سان سدائين ائين ورتاءُ ڪندا آهيو، مراد سعيد کانپوءِ جاويد لطيف پاڪستان سپر ليگ جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان پاران رانديگرن کي ڇٽل ڪارتوس چوڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته انهن کي ڳالهائڻ جي تميز نه آهي، ملڪي معاملن عزت خراب ڪندڙ ۽ اهڙا بيان ڏيندڙ به غدار آهن، پي ٽي آءِ وارا پنهنجي قائد کي عقل سيکارين، جنهن تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته جذباتي ٿيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، توهان آرام سان پنهنجي ڳالهه ٻڌايو، جنهن تي پي ٽي آءِ جي مراد سعيد چيو ته هي ڪو مذاق آهي يا ڪو نئون قانون اچي ويو آهي ته آئون 2 منٽن ۾ ڳالهه مڪمل ڪريان ۽ ٻيا پنهنجي مرضي سا ڳالهائين، راڻا ثناءُ الله به پنهنجي بيان تي معافي وٺي جنهن سان پختونن جي دل آزاري ٿي آهي جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر مراد جي  مائيڪ بند ڪري ڇڏي ۽ چيو ته توهان تقرير نه ٿا ڪري سگهو جنهن تي مراد سعيد سميت پي  ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ڊپٽي اسپيڪر کين چيو ته گوڙ ڪري ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، اجلاس کانپوءِ ٻئي ميمبر جڏهن پارليامينٽ جي لابي ۾ پهتا ته ٻنهي ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو ۽ هڪ ٻئي کي مڪون ۽ ٿڦڙون هنيون جنهن دوران ٻين ميمبرن وچ ۾ پئي معاملو ٺاري ڇڏيو. جاويد لطيف چيو ته اسيمبلي ۾ مراد سعيد (ن) ليگ جي قيادت تي تنقيد ڪئي جنهن جو مون جواب ڏنو ۽ جڏهن اجلاس ختم ٿيو ته لابي ۾ مراد سعيد ڪجهه ٻين ميمبرن سان گڏجي مون کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. مون مراد سعيد کي ٿڦڙ ناهي هنئي پر سندس ڳل تي ٿڦڪي ڏني هي ته منهنجي پٽ کان به ننڍو آهي پر کيس ڳالهائڻ جي تميز نه آهي، مراد سعيد چرين جهڙيون حرڪتون ڪندو آهي، هن جي  تربيت سٺي ناهي ٿيل ان لاءِ کيس معاف ڪريان ٿو جڏهن ته مراد سعيد چيو ته اجلاس کانپوءِ آئون جڏهن لابي ۾ آيس ته جاويد لطيف مون کي وڏي سڏ چيو ته مون توکي نه پر تنهنجي اڳواڻ کي غدار چيو آهي ۽ پارليامينٽ جي سي سي ٽي وي ڪئميرا ۾ سڄي وڊيو موجود آهي. عمران خان سڄي قوم جو فخر آهي ۽ اسان اهڙي قسم جي ڳالهه برداشت نه ڪنداسين. معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي کي مضبوط بڻايو وڃي، پهرين هنن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ۽ هاڻي پاناما جو فيصلو ويجهو اچڻ تي هي اهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن. جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪري معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. سيد خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ جي توهين ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر 6 سينيئر پارليامينٽرين تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي ۽ سي سي  ٽي وي ڪئميره ان جو سڄو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *