موهن جي دڙي جي تباهي تي ماهرن کي ڳڻتي

 

سنڌ جي قديم تهذيب موهن جو دڙو جي آثارن لاءِ سم ۽ ڪلر وڏو خطرو قرار ڏنا ويا آهن ۽ پرڏيهي ماهرن ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي ماهر مائيڪل جانسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موهن جو دڙو عظيم ورثو آهي. آثارن کي بچائڻ گڏيل ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته موهن جو دڙو کي اڃا به سم، ڪلر ۽ زير زمين پاڻي جي سطح وڌڻ سبب خطرا درپيش آهن. زمين اندر پاڻي جي سطح وڌڻ ڪري ئي ڊراءِ ڪورڊرلنگ رٿا شروع ڪري موهن جو دڙو جي حدن جي تعين ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. هن چيو ته موهن جو دڙو وسيع ايراضي تي ڦهليل آهي. ان ڪري ان جي کوٽائي ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي ۽ زير زمين پاڻي به کوٽائي ۾ رنڊڪ وجهي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف ڊرلنگ ڪميشن سان معاهدا ڪيا پر ناڪام ويا. ان ڪري هاڻي مئي کانپوءِ ايندڙ گڏجاڻي ۾ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته يونيسڪو پاران موهن جو دڙو جي ايراضي جو تعين ڪري اتي بفر زون قائم ڪيو وڃي. جيئن ايراضي جي اصل حدبندي جي خبر پئجي سگهي. ان کان اڳ موهن جو دڙو جي ريسٽ هائوس ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن ۽ موهن جو دڙ جي ٽيڪنيڪل ڪنسليٽيٽو ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ پرڏيهي ماهر مائيڪل جانسن، هولگرشوٽرنف، ڊائريڪٽر آرڪيالاجي قاسم علي قاسم، آرڪيالاجي ماهر حاڪم علي شاهه، هائڊروجيالاسٽ ڊاڪٽر سرفراز احمد سولنگي، موهن جو دڙو جي انچارج علي حيدر گاڏهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب موهن جو دڙو جي سار سنڀال لاءِ ساليانو هڪ ڪروڙ رپين جي منظوري ڏيڻ، مئي مهيني تائين ڊراءِ ڪورڊرلنگ رٿا جو ڏنل ڪم مڪمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ خانگ ڪمپني جو ٺيڪو رد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. هوڏانهن پرڏيهي ماهر هائڊرو جيالسٽ هولگر شوٽرنف، آرڪيالاجي عملدارن علي حيدر گاڏهي، ارشد جتوئي، نويد سانگاهه سان گڏجي موهن جو دڙو جي بچاءَ بندن جو معائنو ڪيو. پرڏيهي ماهر هولگرشو جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو جي عظيم ۽ شاندار تهذيب آهي. دڙو جي بچاءَ بندن جي ڪجهه هنڌن تان اسپرن جا پٿر چوري ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو آهي. جنهن تي اسان کي ڳڻتي ٿي آهي. هوڏانهن موهن جو دڙو جي ڪيوريٽر علي حيدر گاڏهي جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو تي ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ موهن جو دڙو جي آثارن کي بچائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون ويون. جنهن تي سنڌ حڪومت عمل شروع ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *