مونجهاري جو شڪار رينجرز جا اختيار

ڪراچي ۾ رينجرز جي اختيارن جو مدو وڌائڻ جو معاملو مونجهاري جو شڪار ٿي ويو، چئن مهينن لاءِ رينجرز کي مليل اختيارن جو مدو هڪ ڏينهن اڳ ختم ٿي چڪو آهي، مدو ختم ٿيڻ کي هڪ ڏينهن گذرڻ باوجود ڪراچي ۾ رينجرز کي حاصل خصوصي اختيارن جي مدي ۾ واڌ لاءِ سنڌ سرڪار ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، سنڌ جي گهرو وزارت رينجرز جي خصوصي اختيارن ۾ واڌ جي سمري گذريل هفتي منظوري لاءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي اماڻي ڇڏي هئي، جيڪا آخري اطلاعن تائين منظور نه ڪئي وئي، آگسٽ ۾ رينجرز کي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي شق 4 تحت 4 مهينن لاءِ خصوصي اختيار ڏنا ويا هئا، ان وقت به سنڌ حڪومت کي خدشا هئا، پر ان هوندي به منظوري ڏني وئي هئي. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪراچي ۾ قانوني تحفظ ملڻ کانسواءِ رينجرز کي مقرر نٿا ڪري سگهون، ڇو ته رينجرز کي سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، سنڌ حڪومت اختيار ڏيڻ تي راضي نه ٿي ته رينجرز کي واپس گهرايو ويندو، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت رينجرز کي تلاشي، ڇاپي، گرفتاري ۽ شرپسند عنصرن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هٿيار استعمال ڪرڻ ۽ ڪنهن ملزم کي 90 ڏينهن تائين جاچ لاءِ پنهنجي تحويل ۾ رکڻ جا اختيار ڏنا ويا هئا.

رينجرز کي ڪراچي ۾ خصوصي اختيار ڏيڻ جي معاملي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان فون تي رابطو ڪيو، ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته 18هين آئيني ترميم منظوري ٿيڻ کانپوءِ صوبا هاڻي بااختيار ٿي چڪا آهن، اسان رينجرز کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ لاءِ اختيار نه ڏنا هئا، پر رينجرز سنڌ سرڪار جي مختلف آفيسن تي ڇاپا هڻندي رهي، جنهن تي اسان کي خدشا آهن، هن چيو ته ڪراچي آپريشن لاءِ وزيراعظم فنڊ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو پڻ نه پاڙيو ويو آهي، سنڌ حڪومت صوبي جي ترقياتي فنڊن مان ڪٽوتي ڪري رقم دهشتگردن خلاف آپريشن تي خرچ ڪندي رهي آهي، اسان وزيراعظم کان 20 ارب رپيا گهريا هئا، جيڪي نه ڏنا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *