موجوده حۡڪومت جي نه هلڻ جو اڳڪٿيون…

 

عمران خان جي حڪومت  پاليسي به  ناهي ٺاهي سگهي. جيڪو ماڻهو چوي ٿو گورنر هائوس جي ديوار ڊهرائينداسين اهو ملڪ ڇا هلائيندو . غير سنجيده وزيراعظم ملڪ نه سنڀالي سگهندو، حڪومت کي خطرو هوندو ته اهي سپورٽ ڪندا جن کيس آندو آهي. عمران خان ته چئي انتقامي ڪارروائي ڪري رهيو آهي،  وزيراعظم مخالف ڌر کي جيلن ۾ وجهڻ جي ڳالهه ڪئي، اسان ۾ جيل وڃڻ جو صبر به آهي ۽ حوصلو به آهي، ڇا عمران خان جيل جون سختيون برداشت ڪري سگهي ٿو. جيستائين جان ۾ جان آهي، اهي جنگيون هلنديون رهنديون، پهريون به بي بي کي تنگ ڪرڻ لاءِ مون کي قيدي بڻايو ويو، اسان جي همت آزمايو، اسان سندن ظلم آزمائينداسين. ميان صاحب احتساب جو قانون منهنجي لاءِ ٺاهيو ۽ کيس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. بلاول ڀٽو کي نه پر جي آءِ ٽي مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي طلب ڪيو.  ملڪي حالتون ڳنڀير آهن، پ پ آئين کي اصلي حالت ۾ بحال ڪيو، هو چون ٿا ته ارڙهين ترميم ۾ ڪجهه شقون ڪمزور آهن، هو ڪمزور شقن جو بهانو ڪري 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا.  ڪراچيءَ ۾ هزارين دڪان ڪيرائي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو، مان نه ٿو سمجهان ته حڪومت معاملا سنڀالي سگهندي. حڪومت غير سنجيده آهي، سياسي اپروچ ناهي، 100 سال پراڻي گورنر هائوس جي ڀت  ٽوڙڻ جي پاليسي سندن پاليسي آهي. عمران خان مون کي جيل ۾ موڪليو ته کيس ايندڙ وزيراعظم جيل حوالي ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *