منافعا ڏيندڙ ادارا ۽ ڪارخانا بند ڇو ؟؟؟

گذريل 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 38هين ورسي جي موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي ته آِ ايم ايف کان نجات ڇو نه ٿي ملي بجلي بعد گئس جي لوڊشيڊنگ ڇو وڌي آهي، منافعا ڏيندڙ ادارا ۽ ڪارخانا ڇو بند ٿي رهيا آهن، غربت ۾ ڇو اضافو ٿي رهيو آهي، مزدور ڇو بک تي سمهي رهيو آهي، ميان صاحب عوام اوهان ۽ اوهان جي ننڍي ڀاءُ کان نجات گهري ٿو.ترقي جو ڍنڍورو وڄائيندڙ نواز ليگ حڪومت جي ترقي صرف اشتهارن ۾ نظر اچي ٿي ۽ اربين روپيا اشتهارن ۾ خرچ ڪري ڪرپشن ڪري پاڻ کي ايماندار سڏايو وڃي ٿو ۽ اسان اليڪشن جي تياري مڪمل ڪري ڇڏي آهي، ميان صاحب توهان کي هاڻ سنڌ ڇو ياد اچي وئي آهي، سنڌ جو عوام اوهان کي خوب ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو ۽ حيدرآباد جو عوام کي اوهان جي ڪوڙن واعدن تي اعتبار نه آهي، اوهان 20 سال اڳ اوهان ٿر لاءِ 20 ارب روپين جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته اوهان جي دل ٿري ماڻهن لاءِ روئي ٿي، پر جڏهن ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته اوهان صرف ڪوڙا واعدا ڪري هليا وڃو ٿا. ٻڌي ڇڏيو اوهان پاڻ کي دوکو ڏئي سگهو ٿا پر 20 ڪروڙ عوام کي دوکو نه ٿا ڏئي سگهو، حڪمران عوام جي طاقت سان نه پر ڌانڌلي سان آيا آهن، جن وٽ نه ئي خارجه پاليسيون آهن ۽ نه ئي وري دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت سر فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت اٿن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اڄ ملٽري ڪورٽن جي ضرورت ڇو پئي آهي، جيڪڏهن اوهان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو ها، پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ايڪشن کڻو ها، پارلياماني نيشنل سيڪيوريٽي بڻايو ها ته انهن جي ضرورت نه پوي ها، هنن حڪمرانن ۾ اها صلاحيت نه آهي ته اهي وقت تي فيصلو ڪري سگهن، انهن کي ملڪ هلائڻ جي ڪا به صلاحيت نه آهي. قومي سلامتي جي نه پر پاناما جي پريشاني آهي، پنجاب اندر اسان جي ٻن اڳواڻن مٿان حملو ڪيو ويو، گهر ۾ گهري قتل ڪيو ويو، گڊ گورننس جو دهل وڄائيندڙ شهباز شريف کان پڇون ٿا ته اسان کي ڪڏهن انصاف ملندو، پاڪستان جو عوام اوهان کي اقتدار مان ڪڍي پوءِ دم کڻندو. مان پنجاب ۾ ويس ته شينهن ۽ بيٽ وارن جي حالت خراب هئي. چند سيٽون کٽڻ لاءِ ننڍن صوبن ۾ محروميون پيدا ڪري رهيا آهيو، هڪ طرف نئين گئس ڪنيڪشن تي پابندي آهي ته ٻئي طرف پنجاب جي هڪ مخصوص علائقي ۾ 37 ارب روپين جا نوان گئس منصوبا شروع ڪري اوهان ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهيو، عمر ڪورٽ جهڙي تاريخي شهر کي گئس نه پئي ڏني وئي، حوارين ۾ نوان گئس ڪنيڪشن ورهايا پيا وڃن، مظلوم قومن جي ليڊر، هارين، مزدورن، طالب علم، عورتن جي حقن جي علمبردار، ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائيندڙ، نوجوانن جي روشن مستقبل جي اڳواڻ، خواتين جي حقن جي علمبدار، محب وطن، قومپرست پاڪستاني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، اڄ پوري قوم روئي رهي آهي، اڄ 38 سال گذرڻ باوجود به ماڻهو جون دليون روئي رهيون آهن، اڄ به هر زبان تي هڪ ئي سوال آهي ته شهيد ڀٽو کي ڇو ڦاهي ڏني وئي، ڀٽو جو عدالتي قتل ڇو ڪيو ويو، ڀٽو جو آخر ڏوهه ڪهڙو هو؟ اڄ جي ٻار کي به خبر آهي ته ان عوام سان سچو عشق ڪيو ۽ عوام کي طاقتور بڻائڻ چاهيو ۽ آزاد خارخه پاليسي ڏني ۽ سامراج کان عوام کي آزادي ڏياري ۽ پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻايو پر افسوس ته اڄ تائين نه ڀٽو کي ۽ نه ڀٽو جي وارثن کي انصاف مليو آهي.مذهبي انتهاپسندي جو ٻج ڇٽيو ويو، جنهن خلاف اڄ ڏينهن تائين وڙهي رهيا آهيون، ۽ ان خلاف اسان جنگ وڙهي رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *