ملڪ جو موجوده سياسي گرمي پدُ

اڳوڻي صدر جي بيان تي گذريل ڏينهن به اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اِهوئي بحث جاري رهيو. ان حوالي سان اهي به خبرون گردش ڪنديون رهيون ته وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سان اهڙي بيان کان پوءِ رٿيل ملاقات کان معذرت ڪئي آهي. جنهن جي جيتوڻيڪ وزيراعظم هائوس مان ترديد پڻ سامهون آئي ته اهڙي قسم جي ڪا به ملاقات رٿيل نه هُئي، پر ن ليگ توڙي پ پ جي ذريعن جو حوالو ڏيندي ميڊيا اهڙيون خبرون بار بار نشر ڪندي رهي. جڏهن ته ڪالهه مشاورتي اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف جو اِهو چوڻ هو ته مُلڪي فوج تي تنقيد اهڙن عنصرن لاءِ حوصله افزا ڳالهه ثابت ٿيندي، جيڪي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته هن نازڪ مرحلي تي جڏهن دهشتگرديءَ جي خلاف آپريشن هلي پيو، قومي سطح تي اتفاق راءِ ضروري آهي. هن سڄي معاملي کي ڏسڻ کان پوءِ سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته گذريل اٺن سالن کان مفاهمت جي سياست تي زور ڏيندڙ اڳوڻي صدر، آخر ايترو سخت موقف ڇو اختيار ڪيو؟ ڇا سچ به کين ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي يا اڃائي ڪو ٻيو معاملو آهي. جيتوڻيڪ اڳوڻي صدر پنهنجي اُن جوشِ خطابت ۾ اِهو پڻ فرمايو ته کيس طاقت يا سياست سان نه پر عوام جي خدمت سان سروڪار آهي. جيڪڏهن سندس انهيءَ ڳالهه ۾ ڪا صداقت آهي ته پوءِ سوال اِهو به پيدا ٿئي ٿو ته مُلڪي تاريخ ۾ سندن ئي واحد سرڪار هُئي، جنهن پنهنجو مُدو پورو ڪيو هو، اُن دؤر ۾ آخر اهڙي قسم جو جذبو ڇو ڪونه اظهاريو ويو. اُن دور ۾ دهشتگردي، ڪرپشن ۽ مهانگائيءَ کي جيڪا ڇوٽ مليل رهي، تنهن جو ماضيءَ ۾ مثال نٿو ملي. اُن کان علاوه گذريل ٻن سالن کان سنڌ اندر سندن ئي سرڪار آهي، ڀلا اُتي عوام سان ڪهڙيون چڱايون ڪيون ويون آهن، جيڪي ڳڻائي سگهجن؟ سو عوام جو کين جيڪو لاچار آهي، تنهن جو پتو عوام جي حالتن مان چڱيءَ پر لڳائي سگهجي ٿو. پر جنهن اعتماد سان اڳوڻي صدر مُلڪ کي بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته ڇا واقعي به پيپلز پارٽي پاڻ ۾ ايتري سگهه ساري ٿي، جو اُها انهيءَ ايڏي وڏي دعويٰ تي پوري لهي؟ محترمه جي شهادت کان پهريان ۽ موجوده پيپلز پارٽيءَ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، پهريان ماڻهن کي انهيءَ پارٽيءَ مان اُميدون هُيون ته اها اقتدار ۾ اچي سماج جو تاڃي پيٽو سُڌاريندي، مُلڪ مان ڪرپشن ۽ غربت جو خاتمو آڻيندي، پر گذريل توڙي هاڻوڪي دؤر کي ڏسندي اُنهن سمورين اُميدن تي پاڻي ڦيرجي ويو آهي. سو اهڙي صورت ۾ ايڏي وڏي دعويٰ ڪرڻ سياسي داءُ آهي يا اُن جو حقيقت سان به ڪو واسطو آهي، تنهن جي ڪسوٽي پاڻ وقت تي ٿا ڇڏيون! پر موجوده حالتن ۾ اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ ڪنهن به ڌُر جي حق ۾ بهتر نه چئبي. جيڪڏهن آصف علي زرداريءَ جي تقرير جو جائزو وٺبو ته ڪيترائي پهلو اهم ۽ حقيقتن تي مُبني نظر ايندا. 68 سالن جي ڄمار ۾ مُلڪ اندر جيڪڏهن جمهوريت مضبوط نه ٿي سگهي آهي ته اُن پٺيان نه ته افغانستان جو هٿ رهيو آهي نه ئي وري ازلي مخالف ڀارت جو، بلڪه اسان جي پنهنجن ئي ادارن مُلڪ اندر جمهوريت جي ٻوٽي کي اُسرڻ ناهي ڏنو. جيتوڻيڪ انهيءَ سڄي وهنوار ۾ سياسي ڌُرين جو به برابر حصو رهيو آهي، پر غير جمهوري قوتون اڳيان اڳيان رهيون آهن ۽ تاريخ جي اهڙي سچ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي! مطلب ته ٿورو ڪي گهڻو ڏوهه سڀني جو آهي ۽ انهيءَ ڏوهه کي جنهن ڌُر سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي سو عوام آهي، جنهن جي نيڻن ۾ اوتيل خواب ڪڏهن به ساڀيان ماڻي ناهن سگهيا. اڄ به مُلڪ جي اڪثريت سڌو سنئون دهشتگرديءَ جي زد ۾ آيل آهي، غربت توڙي ٻيون مصيبتون مٿس الڳ ڪڙڪيل آهن، اهڙي صورت ۾ وري جو مُلڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ جو طوفان اُٿڻ جا انديشا وڌن ٿا ته عوام جو ساهه مُٺ ۾ اچيو وڃي. تنهن ڪري اسين انهيءَ سياسي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ واري واٽ جا حامي آهيون. اِها ڇڪتاڻ سواءِ نفرتن جي ٻيو ڪجهه به ڏئي نه سگهندي، بلڪه مُلڪ دشمنن کي موقعو فراهم ٿيندو ته اُهي سُڌاري جي راهه تي هلندڙ سماج کي هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائن جي واٽ تي وٺي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *