ملير حادثي ۾ وڏي جاني نقصان جو ڪارڻ تيل ۽ ڪيميڪل قرار

 

ملير ۾ 62 انساني حياتيون ڳڙڪائيندڙ خوفناڪ حادثي جي جاچ ڪندڙ ٽيم شروعاتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته حادثي دوران گھڻو جاني نقصان آئل ٽينڪر ۾ تيل ۽ ڪيميڪل سبب ٿيو،  ملير ڀرسان لنڪ روڊ تي مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ خوفناڪ حادثي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ طرفان ڊي آءِ جي ٽريفڪ امير شيخ سربراهي جوڙيل ڪميٽي رپورٽ ڏئي ڇڏي، ڪميٽي ۾ ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ، ڊي آءِ جي سي آءِ ڊي سلطان خواجه ۽ ايس ايس پي ملير شامل آهن. ڪميٽي جي تيار ڪيل شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مسافر ڪوچ سان پيش آيل حادثي بعد وڏو جاني نقصان آئل ٽينڪر سبب ٿيو، جيڪو حادثي وقت تيل ۽ ڪيميڪل سان ڀريل هو. رپورٽ موجب لنڪ روڊ سنگل هجڻ ڪري خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن لنڪ روڊ تي حادثو پيش آيو، ان کي ڊبل ڪرڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي کي 10 ڀيرا درخواستون لکيون ويون پر ان تي ڪوبه قدم نه کنيو ويو. جاچ ڪميٽي پاران حادثي بابت تيار ڪيل شروعاتي رپورٽ آءِ جي سنڌ آڏو پيش ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ميمڻ ڳوٺ وٽ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب حادثي ۾ فوت ٿيل 62 ڄڻن مان 41 جا نالا سامهون آيا آهن.  حادثي جي فوتين ۾ گهوٽڪي جي ڳوٺ عادل سندراڻي واسي هادي بخش سندراڻي ۽ سندس پٽ مقصود سندراڻي، ڳوٺ سلام ٽڳڙ واسي نوجوان عامر ٽڳڙ، ڳوٺ مراد سنگهڙ واسي ڀائر اعجاز ۽ سيف الله ٽڳڙ شامل آهن. گهوٽڪي جي ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ پٺاڻ لنڊ واسي 8 گهر ڀاتي به روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا، فوتين ۾ آدم لنڊ، ننگر احمد، ٻارڙي ثريا، 4 ورهين جي خالده، 8 ورهين جي خديجه، واحد لنڊ ۽ گل حسن لنڊ به شامل آهن. هانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ شڪارپور واسي عطا محمد ککراڻي، جنسار ٻرڙو، علي خان شر، ڪبير جوکيو، مير حسن منگي، وسيم منگي ۽ سلطان ڪوٽ واسي حق نواز چنو فوت ٿي ويا. لکي غلام شاهه جي ڳوٺ چهونباڻي واسي 60 ورهين جي عورت حسنا چوهاڻ سندس پوٽيون جميلا ۽ جويريه به فوت ٿيون، خانپور واسي غلام قادر شاهه، دلدار ابڙو ۽ ابراهيم انصاري به سڙي فوت ٿيا. نئون امروٽ واسي نوجوان سليم الله دل ۽ مدئجي جي ڳوٺ وانڍ واسي خادم حسين ڪيهر به فوتين ۾ شامل آهن. خوفناڪ حادثي ۾ سکر جي اخوت نگر جو رهواسي ياسين عباسي، سندس گهر واري راشده عباسي، معصوم ڌيئرون مهوش ۽ ماهه نور ۽ پٽ احسن علي به فوت ٿي ويا. پوليس ڪمانڊو ٽيسٽ ڏيڻ ڪراچي آيل ڪنڌرا جي ڳوٺ دارا واهڻ واسي نوجوان طاهر علي، سجاد علي، نظام الدين، عمران ڪٽوهر ۽ جواد احمد ڌاريجو به حادثي جو شڪار ٿي ويا، روهڙي واسي 50 ورهين جي عورت نظيران مغل ۽ نوجوان آصف مغل به فوت ٿي ويو.لڱ ڪانڊاريندڙ حادثي ۾ نوشهري فيروز ضلعي جي مٺياڻي واسي نوجوان ذوالفقار ملاح ۽ مختيار باغائي به فوت ٿي ويا، جيڪي پڻ پوليس ٽيسٽ ڏئي واپس موٽي رهيا هئا. حادثي ۾ خيرپور جي پيرڳوٺ واسي صفدر راهوجو ۽ ٺل جي ڳوٺ جونگل واسي سچل پهوڙ به فوت ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *