مقتل گاهه بڻيل ڪراچي شهر ۽ انتظاميه مٿان سواليه نشان؟

 

ايم ڪيو ايمي ميمبرن الزام لڳايو ته رياستي مشينري ذريعي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ سوال ڪيو ته ڇا ٻيهر نصيرالله بابر واري تاريخ ورجائي پئي وڃي. اهڙا الزام مڙهڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايمي ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن وقت ايم ڪيو ايمي ميمبر ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ايوان کي مٿي تي کنيو بيٺا هئا. انهي وقت تي اطلاع آهن ته ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ ڪارڪن اسلم کي مارڻ جا اطلاع مليا. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جنهن ڪارڪن جي قتل بابت قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪري رهي هئي اهو ڪارڪن پوليس جي تحويل ۾ فوت ٿيو هو. ايم ڪيو ايم هڪ ڊگهي عرصي کان اهي دانهون ڪندي رهي آهي ان جي ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي قتل ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ هلندڙ قتلام جنهن کي ٿورن لفظن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪوٺيو و ڃي ٿو. ان بابت اڄ ڏينهن تائين ڪا به سياسي پارٽي يا گروپ اهوٻڌائي نه سگهيو آهي ته آخر اها ٽارگيٽ ڪلنگ ڪنهن جي طرفان ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ٿلهي ليکي جيڪا ڳالهه سامهون ايندي رهي آهي، ان ۾ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته ڪراچي ۾ زمينن تي قبضا ڪندڙ ڌريون هڪٻئي جي ڪارندن کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آهن. اهڙي ريت ڪاري دنڌي ۽ ڀتاخوري ۾ ملوث مختلف گروپ پڻ هڪٻئي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جا ماڻهو قتل ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اڳ هڪ نجي ٽي وي تي هلندڙ بحث ۾ به اها ئي ڳالهه سامهون آئي ته ڪراچي ۾ مفادن ۽ علائقن تي ڪنٽرول لاءِ جنگ هلندڙ آهي ۽ ڪراچي ۾ اڄ به نوگوايرياز آهن ۽ خدشو ڏيکاريو ويو ته اهو وقت تمام ويجهو آهي، جڏهن ڪراچي جون حالتون اتروزيرستان جهڙيون ٿي وينديون. . هجڻ ته ائين گهرجي ته ايم ڪيو ايم جيڪا ڪراچي جي مک سياسي پارٽي آ هي، تنهن کي اخبارن ۽ ميڊيا ۾ واويلا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي جاچ رپورٽ تيار ڪري اهو ٻڌائڻ گهرجي ته آخر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ ۾ ڪهڙيون ڌريون ملوث آهن. اهڙي ريت ڪنهن به ڌرتي قتل جو الزام لڳائڻ کانپوءِ ان جا سچا ثبوت هٿ ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيا وڃن ۽ اهي ميڊيا آڏو آڻي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ايم ڪيو ايم جي فلاڻي ڪارڪن کي فلاڻي گروپ قتل ڪيو آهي ۽ ان جا هي ثبوت آهن. اسان سمجهون ٿا ته ايم ڪيو ايم جيڪڏهن هڪ درجن ڪارڪنن جي قتل جا ثبوت گڏ ڪري ميڊيا يا عدالت آڏو پيش ڪري ها ته يقينن عوام کي به اها ڳالهه سمجهڻ ۾آساني ٿيئي ها ته واقعي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ڪو گروپ قتل ڪري رهيو آهي. ليڪن افسوس آهي اڄ ڏينهن تائين ايم ڪيو ايم پاران اهڙي ڪنهن به قسم جي رپورٽ عوام آڏو پيش نه ڪئي وئي آهي ٿي سگهي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي قيادت ڪجهه رپورٽون تيار ڪيون هجن، پر عوام آڏو نه اچڻ جي ڪري عوام اڄ ڏينهن تائين انهن کان بي خبر آهي. ايم ڪيو ايم جي قيادت تي به مختلف طرفن کان جيڪي الزام لڳندا رهيا آهن تن ۾ اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو ته اڪثر قتل ايم ڪيو ايم جي اندروني جهيڙي جي نتيجي ۾ ٿيا آهن. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو موقف رهيو آهي ته ان جي ڪارڪنن کي ڪڏهن جهادي ۽ مذهبي تنظيمون ته ڪڏهن پ پ ۽ اي اين پي ته ڪڏهن اسٽبلشمينٽ پاران قتل ڪيو ويندو رهيو آهي. اسان اهو ته نه چونداسين ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن قتل نه ٿي رهيا آهن، پر اسان رڳو اهو چاهيون ٿا ته ڪنهن جو به قتل هڪ انسانيت جو قتل آهي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جيڪڏهن ٻين قتلن بابت جاچ ڪرائڻ بجاءِ رڳو الطاف حسين جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل بابت ڪو فيڪٽ فائينڊنگ مشن جوڙي اهو ظاهر ڪري ها ته انهن ٻنهي کي ڪنهن قتل ڪيو، تڏهن به گهڻو ڪجهه اڇرجي وڃي ها. هتي ڳالهه رڳو ايم ڪيو ايم جي ناهي جماعت اسلامي، پيپلز پارٽي اي اين پي سميت سڀيئي ننڍيون وڏيون پارٽيون هڪٻئي تي قتل ڪرڻ جا مڙهينديون رهيون. جڏهن ته اهي به انهي ساڳئي قسم جي غفلت جون ذميوار آهن پري ڇو وڃجي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي ڀاءُ کي به ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو، تنهن بابت رڳو الزامن پٺيان الزام لڳايا ويا. ليڪن ڪا به پڪي پختي رپورٽ وري به سامهون نه آئي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ سڀني قتلن بابت جيڪڏهن ويهي ڇنڊڇاڻ ڪجي ۽ الزامن جو جائزو وٺجي ته ائين لڳي ٿو ته سڀيئي پارٽيون قتلن بابت واويلا ته ڪنديون رهيون هڪٻئي تي الزامن پٺيان الزام ته هڻنديون رهيون آهن پر اهي اهڙا ڪي به ثبوت پيش ڪري نه سگهيون آهن ته آخر انهن قتلن پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي ائين کڻي چئجي ته جيڪڏهن في الحال ڪراچي جون دعويدار سياسي پارٽيون گڏجي انهن قوتن جي نشاندهي ڪن، جيڪي ڪراچي ۾ زمينن تي قبضا ڪن ٿيون يا ڀتاخوري، منشيات ۽ هٿيارن جي وڪري ۾ ملوث آهن ۽ اهي ئي هڪٻئي جي ڪارندن کي قتل ڪرڻ ۾ رڌل آهن ۽ سڀيئي سياسي پارٽيون رڳو انهن جي نشاندهي ڪري انهن کي سوگهو ڪرائين تڏهن به ڪراچي مان ڳچ جيتري رتوڇاڻ ختم ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته اهو ڪڏهن به ٿي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته سياسي پارٽين جو جياپو انهن سماج دشمن قوتن جي چندن ۽ انهن جي سرپرستي ڪرڻ تي تي ئي قائم دائم آهي ۽ اهي ئي انهن جي پٺڀرائي ڪن ٿيون. ان سلسلي ۾ اسان جي صلاح آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ رتوڇاڻ کي جيڪڏهن فوري طور تي ختم ڪرڻو آهي ته ان جو مستقل حل ڳولڻ گهرجي،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *