مري کان پنجاب هائوس ۽ پوءِ جي ٽي روڊ…!

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته گهڻو سمجهي ويو آهيان، سدائين خاموش نه رهندس، سڀ ڪجهه ظاهر ڪندس، ميثاق جمهوريت تي اڃا به قائم آهيان، ملڪ بدري هڪ ٺوڪر هئي ڇا ڪير هڪ آمر جو به احتساب ڪري سگهي ٿو، ڇا آئين ٽوڙيندڙ کي به سزا ملي سگهندي، هڪ چونڊيل وزيراعظم کي پگهار نه وٺڻ تي نااهل قرار ڏيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مذاق ٿي سگهي ٿو، مشرف مون سان اين آر او ڪرڻ ٿي چاهيو پر مون انڪار ڪيو، هاڻي ته کيس پاڪستان اچڻ جي به جرئت نه آهي، اڃا ته آئون صبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهيان، آصف زرداري جي صدر بڻجڻ ۽ عهدو ڇڏڻ تي کيس عزت ڏني. جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ توهان جي سامهون آهي، آئون گهڻو ڪجهه سمجهي رهيو آهيان ۽ چوڻ به چاهيان ٿو پر في الحال خاموش آهيان ۽ سدائين ته خاموش نه رهندس. مون کان ۽ ٻارن کان پڇيو پيو وڃي ته ڪهڙو پئسو آهي جيڪو ناجائز طريقي سان ڪمايو. دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، اسان بلوچستان ۾ مفاهمتي عمل شروع ڪيو.جي ٽي روڊ تان لاهور وڃڻ جي خواهش هئي پر سيڪيورٽي وارن منع ڪئي آهي اڄ نه ته جلد ئي جي ٽي روڊ تان لاهور ويندس. اهڙو ڪو ڪم نه ڪندس جنهن سان معاشي ترقي متاثر ٿئي، اسان ڌرڻي جو جواب ان ئي انداز ۾ نه ڏنو. ميثاق جمهوريت تي اڄ به قائم آهيان، اڳوڻي صدر آصف زرداري جڏهن صدارت سنڀالي تڏهن به مون کيس عزت ڏني ۽ عهدو ڇڏڻ وقت به کيس عزت ڏنم. گذريل ڏينهن پرويز مشرف چيو آهي ته آمريت جمهوريت کان بهتر آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن جي نه توهين ڪئي نه گار ڏني. ڇا اسان ڍاڪا سانحي مان سبق ناهي سکيو. پرويز مشرف ايترو بهادر آهي ته پاڪستان ڇو نه ٿو اچي، هن مون سان اين آر او ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. ميثاق جمهوريت تي ميان رضا رباني، احسن اقبال ۽ اسحاق ڊار وڏي محنت ڪئي ۽ مون ان تي عملي طور تي ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ به آصف زرداري وٽ ويس. اڪبر بگٽي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ماڻهو آهستي آهستي سڀ ڪجهه سمجهي ويندا. في الحال ملڪ جي ترقي جي ڪري خاموش آهيان پر سدائين منهنجا چپ سبيل نه رهندا، ملڪ بدري هڪ ٺوڪر هئي ۽ انسان غلطين مان سکي ٿو. ڇا ڪو ڊڪٽيٽر جو به احتساب ڪري سگهي ٿو، ڇا ڪڏهن آئين ٽوڙيندڙن کي به سزا ملندي، عوام ڏسڻ چاهي ٿي ته ڪنهن آمر کي سزا ڪڏهن ٿي ملي، جيڪڏهن ڪنهن آمر کي سزا نه ٿي ملي سگهي ته پوءِ ڪهڙو نظريو آهي. نيب ۾ جيڪي ڪيس هلن ٿا اهي بدعنواني جا هوندا آهن ۽ هي پهريون ڪيس اسان جي والد ۽ ڏاڏا جي ڪمپني جي جاچ ڪندو. جڏهن اسان جي صنعتن کي تحويل ۾ ورتو ويو تڏهن آئون سياست ۾ نه هئس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *