مذهبي جماعتن پاران 77ع جهڙي تحريڪ جي ڌمڪي

ملڪ جي مختلف مذهبي پارٽين حڪومت کي پنجاب ۾ عورتن جي تحفظ وارو لاڳو ڪيل قانون واپس وٺڻ لاءِ 27 مارچ جي ڊيڊلائن ڏني آهي، لاهور ۾ جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره ۾ مذهبي پارٽين جي ٿيل اجلاس ۾ عورتن جي تحفظ واري بل بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پنجاب ۾ عورتن جي تحفظ وارو لاڳو ڪيل قانون 27 مارچ تائين واپس ورتو وڃي، جڏهن ته 2 اپريل تي اسلام آباد ۾ عالمن جي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي ۽ تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو، اهو به چيو ويو ته حڪومت ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، مدرسن ۽ مسجدن تي لاڳو ڪيل اجائي پابنديون ختم ڪيون وڃن، حڪومت 27 مارچ کان اڳ عورتن واري قانون کي واپس وٺي ٻي صورت ۾ 1977ع جهڙي تحريڪ جنم وٺي سگهي ٿي،  عالم سيڪيولر ۽ لبرل نظرين جو مقابلو گڏجي ڪندا. اجلاس کي خطاب دوران سراج الحق جو چوڻ هو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورتن جي تحفظ واري بل کي آئين ۽ شريعت جي خلاف قرار ڏنو، اسان عورتن تي هر قسم جي تشدد جي خلاف آهيون پر هي بل تشدد جي خاتمي لاءِ نه پر ڪٽنبي نظام جي بربادي لاءِ آهي.اسلامي جمهوريه پاڪستان جو مذهب اسلام ۽ قرارداد مقاصد ان جي آئين جو لازمي حصو آهي، انهيءَ تحت حلف کڻندڙن طرفان پاڪستان کي لبرل بڻائڻ جا اطلاع ۽ اسلامي شقن جي منافي قدم آئين سان بغاوت آهي، خطاب ڪندي مولانا سميع الحق، علامه امين شهيدي،مولانا فضل الرحمان چيو ته توهين رسالت قانون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عورتن جي تحفظ واري بل تي ڳالهيون ناڪام وينديون. عورتن جو مقام ختم ڪري نمائشي شئي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان جي بانين ۽ شهيدن سان بيوفائي آهي، جڏهن ته سلمان تاثير جي قتل ۾ ملوث ممتاز قادري کي ڦاهي ڏيڻ تي به تنقيد ڪئي وئي. عورتن جي تحفظ وارو قانون شريعت جي خلاف ته آهي ئي آهي پر اهو قانون معاشرتي قدرن جي به خلاف آهي، قرآن پاڪ ۾ آهي ته جيڪڏهن اختلاف هجن ته زال مڙس جي ڪٽنبن مان ماڻهو چونڊيا وڃن، جيڪي سرچاءُ ڪرائين پر هتي ته سرچاءَ جي گنجائش ئي ناهي، هتي ڪنگڻ پارايو ويندو ۽ گهر کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويندو، مذهبي جماعتن جي ان اهم اجلاس جو مقصد عورتن جي تحفظ بابت پنجاب اسيمبلي مان منظور ڪيل قانون جي حوالي سان مذهبي ڌرين جي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *