متحده جو سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ وارو مامرو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ جنهن جلسي کي خطاب ڪيو هو ان خطاب ۾ هن ايم ڪيو ايم خلاف به ڪجهه لفظ ڳالهايا هئا جن کي ايم ڪيو ايم جي قيادت نهايت ئي سنجيدگي سان ورتو آهي بلاول ڀٽي پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته  پي ٽي آءِ لاهور جي ايم ڪيو ايم ٿيڻ چاهي ٿي ۽ 2018وارين عام چونڊن ۾ ڪراچي کي اصل آزادي ملندي ۽ بوڪاٽا بوڪاٽا ٿيندو، ڪراچي ۾ ڌانڌلي ٿيندي آهي ته پ پ خلاف ٿيندي آهي هن اهو به چيو ته ڪراچي ۾ فساد پکيِڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي سنڌي چون ٿا ته اسان ڪراچي ۾ اقليت ۾ اچي رهيا آهيون ۽ توان  سنڌي چون ٿا اسان سان ظلم ٿي رهيو آهي ايم ڪيو ايم 20 سالن کان ڪراچي ۾ حڪمراني ڪري رهي آهي  ان دوران ڪراچي ۾ جيڪي ٿيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، انڪل الطاف کي جيڪو دل ۾ اچي ٿو چئي ڇڏي ٿو، متحده بلاول ڀٽو جي اهڙن لفظن کان پوءِ فوري طور تي سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻيهر پراڻي واقعن کي ورجائيندي اها ئي ڳالهه ڪئي ته اسان جيڪا قرباني ڏني هئي اسان ڏئي چڪا سين ۽ هاڻ جڏهن اسان جي قائد تي ڳالهه اچي ته ايم ڪيو ايم ان سلسلي ۾ ڪوبه سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ، هن چيو ته اسان اهو برداشت نٿا ڪري سگهون ته ڪو مهاجرن جي تذليل ڪري بلاول ڀٽو اسان جي قائد جي نالي چيو ته اوهان پنهنجي ڪارڪنن کي لغام ڏيو نه ته اسان توهان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏينداسين، پوءِ به الطاف حسين اسان کي جھليو ان ڪري اسان چپ ٿي وياسين اهڙي ريت خورشيد شاهه مهاجر لفظ کي گار چيو ، اهو برداشت ڪري نه  ٿو سگهجي  ، هنن چيو ته پ پ  1972ع ۾ ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪرڻ اسان کان نوڪريون ، انشورنس ڪمپنيون ۽ ڪارخانا کسيا ويا، هاڻ بلاول ڀٽو نفرت ۽ تعصت جو مظاهرو ڪيو آهي سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ جيڪي به ڀرتيون ڪيو ويون آهن حيدرآباد يا  ڪراچي ۽ سکر جي مڪاني ادارن ۾ ڪوبه مهاجر نظر نه ٿو اچي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ آهي پر خبر نٿي پئي ته سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾آهي يا ڪنهن ٻئي هنڌ تي آهي  پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمني ۽ تعصب پرست حڪومت ڪراچي واٽر بورڊ  کي سنڌ واٽر بورڊ ٺاهيو هاڻ سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جو مطالبو ڪريون ٿا اهڙا سنگين الزام هڻڻ کان پوءِ متحده سنڌ سرڪار کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري  ڇڏيو آهي ، جڏهن ته ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته اهي سڀ ڳالهيون ۽ الزام جذباتي آهن متحده هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿي ويندي ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو آهي جو متحده ايندڙ مڪاني چونڊن ۾پنهنجي  شڪست ڏسي رهي آهي ان ڪري متحده اردو ڳالهائيندڙن جا ووٽ مهاجرن جي نالي ۾ هڪ ڀيرو  ٻيهر ڪيش ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان وقتي طور تي  ڌارٿي آهي جيڪا   ڳالهه  عارضي آهي ۽ متحده هڪ  ڀيرو يوٽرن ڪري واپس حڪومت ۾ شامل ٿي ويندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *