مائرن جو عالمي ڏينهن ۽ فضيلا سرڪي اغوا واقعو

 

مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا ڪوٺائي ماءُ کي ڪائنات جي عظيم هستي قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ رنجائڻ نه گهرجي، ان عظيم رشتي جو هميشه احترام ڪيو وڃي. نوابشاهه ۾  جنرلسٽ اينڊ ٿنڪرس فورم طرفان آفيس جي هال ۾ ڊائلاگ پروگرام ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي فورم جي چيئرمين فياض چنڊ ڪليري چيو ته ماءُ ڪائنات جي عظيم هستي آهي، جنهن جي خدمت ڪرڻ گهرجي. سڪندر بروهي، امداد مغيري، عبدالله ڀٽي ۽ ٻين چيو ته امڙ دعائن جو در آهي، جيڪا نٽهڻ اس ۾ به اولاد لاءِ سڪون مهيا ڪندڙ سهارو ۽ ڇانورو آهي. حيدرآباد ۾ ماءُ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سماج سڌارڪ فتح شاهه فراق پنهنجي امڙ سان محبت جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب پهتو. هن چيو ته ماءُ دعا اولاد جي لاءِ وڏي نعمت آهي ۽ ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت آهي. هن چيو ته ماءُ پنهنجي اولاد جي لاءِ ڪيترائي ڪشالا ۽ محنتون ڪندي آهي، هر اولاد کي گهرجي ته هو منهنجي امڙ جي عزت ڪندي سندس ڪيل پورهين جو اجورو محبت ۽ پيار سان ڏي ٻئي پاسي ٺل ۾ مائرن جي عالمي ڏينهن تي به امڙ جون اکڙيون گذريل اٺن سالن کان پنهنجي نياڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ آتيون آهن، مائرن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي جي ماءُ سڪينه سرڪي جي جھولي گذريل اٺن سالن کان وٺي خالي پيل آهي، سڪينه سرڪي جي ڇهن ورهين جي نياڻي فضِيلا سرڪي کي اغوا ٿي وئي اٺ سال ٿي ويا آهن، پر تنهن باوجود ان  جي بازيابي جي حوالي سان ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي وس وارو مدد نه ڪري سگهيو آهي، جنهن ڪري امڙ سڪينه اڄ به پنهنجي نياڻي جي فضِيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ هن جون اکيون منتظر بڻيل آهن، ٺل جي امڙ جي جھولي خالي هجڻ ڪري هن گذريل اٺن سالن کان وٺي پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جي جدائي ۾ روئي روئي اکين جو نور وڃائي ويٺي آهي،  ٺل جي متاثر امڙ سڪينه سرڪي اڄوڪي ڏهاڙي تي به جھولي خالي هجڻ تي روئندي رهي ٿي، رابطي تي فضيلاسرڪي جي امڙ سڪينه سرڪي ٻڌايو ته مائرن جي عالمي ڏينهن تي به،  منهنجي جھولي خالي آهي، منهنجي نياڻي فضِيلا سرڪي کي اغوا ڪئي 8 سال ٿي چڪا آهن پر هن جي بازيابي لاءِ هتان جي چونڊيل نمائندن توڙي پوليس وارن ڪابه مدد نه ڪئي آهي، مان اٺن سالن کان وٺي روئندي تڙپندي رهان ٿي پر ڪوبه منهنجي ڏک سور کي نه ٿو سمجھي سگھي، هن چيو ته فضِيلا سرڪي خبر ناهي ڪهڙي حال ۾ هوندي، هن اپيل ڪئي ته منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي جھولي کي ڀري وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *