ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاج

 

400کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪا آرڊر اڃا تائين نه ملي سگهيا، سوين ليڊي هيلٿ ورڪرن پڪا آرڊر نه ملڻ، 29 مهينن جون رهيل پگهارون، اسڪيل مطابق مقرري نه ٿيڻ ۽ 3 سالن کان گاڏين جو پئٽرول نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهري ۾ شامل ليڊي هيلٿ ورڪرن مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪندي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 15ڏينهن ۾ مطالبا حل نه ٿيا ته ڪم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪيو ويندو. آل پاڪستان ليڊي هيلٿ ورڪرز ايمپلائيز ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٿيل احتجاجي مظاهر کي خطاب ڪندي اڳواڻن حليما لغاري، رخسانه مغل، راحيلا شيخ، هما شيخ ۽ ٻين چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي سنڌ سميت ملڪ جي ٻين صوبن جي ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ هن وقت به 400 ليڊي هيلٿ ورڪرون مقررين جي آرڊر کان محروم آهن. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪم کان وٺي 29 مهينن جون رهتون بقايا آهن، جڏهن ته گذريل 3 سالن کان ليڊي هيلٿ ورڪرن کي گاڏين لاءِ ملندڙ پئٽرول بند ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اسڪيل مطابق پگهارون نه ملڻ 29 مهينن جون رهتون نه ملڻ 3 سالن کان پئٽرول نه ملڻ سبب ليڊي هيلٿ ورڪرن ۾ سخت مايوسي ڇانيل آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن جا مطالبا حل ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾15ڏينهن کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.

جنسي ڏاڍائي کان پوءِ قتل ڪيل پنجن ورهين جي فوزيه سومرو جي خون سان انصاف ڪير ڪندو

لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪلهوڙو ڪالونيءَ ۾ ٽي ڏينهن اڳ وحشي جوابدارن هٿان جنسي ڏاڍائي کانپوءِ گهٽا ڏئي بي رحمي سان قتل ڪيل پنجن ورهين جي نينگري فوزيه عرف سنڌو سومرو جي ڪيس ۾ گرفتار  ڪيل ٽن جوابدارن يونس عرف اربيلو جتوئي، شعيب جتوئي ۽ نياز جتوئي کي وليد ٿاڻي جي پوليس ڪالهه رمانڊ لاءِ ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جتي پوليس جسماني رمانڊ لاءِ عدالت کي درخواست ڏني. ان موقعي تي چائلڊ رائيٽس موومينٽ طرفان وڪيل عبدالرحمان ڀٽو، جاويد گوپانگ، آصف چانڊيو، گلشن دايو ۽ ٻين وڪيلن تي مشتمل پينل عدالت ۾ گڏيل درخواست ڏني، جنهن ۾ هنن موقف اختيار  ڪيو ته نينگري فوزيه جي وحشتناڪ قتل سان وڏو خوف ڇانيل آهي. جنهن لاءِ سندس قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جو قلم لاڳو ڪري ان کي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ هلايو وڃي. درخواست کانپوءِ عدالت ڊي ايس پي سول لائين يار محمد رند ۽ ڊي ايس پي معصومي سميت ايس ايڇ او وليد منتظر حسين مهدي کي طلب ڪري ورتو. جن عدالت کي لکي ڏنو ته جيڪڏهن عدالت جو حڪم ٿيو ته کين ڪيس ۾ دهشتگردي جو قلم لاڳو ڪرڻ تي ڪو به اعتراض نه هوندو.  جنهن کانپوءِ  پوليس ڪيس ۾ دهشتگرد جو قلم 7/6 لاڳو  ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته جوابدارن جي گرفتاري باوجود نينگري جي وارثن خدشو ظاهر ڪيو هو ته دهشتگردي جو قلم لڳو نه ڪيو ويو ته ڪيس ڪمزور ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ سياسي سماجي تنظيمن پڻ دهشتگردي جو قلم لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو  هو، ٽنهي جوابدارن کي اڄ  دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *