لاکڙا پاور پلانٽ سنڌ حوالي ڪرڻ جو مطالبو

ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاھ اعتراف ڪندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار طرفان فنڊ نه ملڻ ۽ تعاون نه ڪرڻ  سبب سنڌ ۾ ميگا پراجيڪٽ  وقت سر مڪمل نه  ٿي سگھيا آهن فنڊن جي کوٽ سبب ٿر ڪول جي رٿا به مڪمل نه ٿي سگھي آهي بجلي جي ورڇ صوبائي معاملو آهي  اهو وفاق کان واپس وٺڻ چاهيون ٿا ،حيسڪو ۽ سيپڪو جا قانون تمام گھڻا آهن  وفاق کان گڏيل طور تي خسارو پورو ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي  . اهڙن  خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ميمبرن جي لکيل ۽  ضمني سوالن جا جواب ڏيندي  ڪيو هن وڌيڪ چيو ته اينگرو ڪمپني جا شيئر گھٽائي سنڌ حڪومت جا شئير وڌائڻ وارو معاملو  ۽ پرڏيهي قرضن  جي لاءِ وفاقي سرڪار طرفان ضمانت ڏيڻ وارو معاملو به رولڙي جو شڪار آهي،  هن  چيو ته سنڌ حڪومت لاکڙا ۾ 300 ميگا واٽ جو پاور پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿي  هن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته لاکڙا پاور پلانٽ به سنڌ حڪومت حوالي ڪيو وڃي  هن چيو ته واپڊا جا لڳايل پاور پلانٽ ڪم نٿا ڪن . سنڌ جو ڪوئلو  ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ 1994 ۾ منصوبو جوڙيو ويو جيڪو ماضي جي حڪومت ختم ڪيو هو .ڪيٽي بندر تي چين کانسواءِ ٻيو ڪير به سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار  ناهي ، ڪيٽي بندر تي سنڌ حڪومت پاور پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿي ، هن چيو ته ڊاڪٽر ثمر مبارڪ وارو پراجيڪٽ  خدشن سبب رولڙي جو شڪار آهي . جھمپير ۾ هوا تي هلندڙ پاور پلانٽن لاءِ زمين سنڌ حڪومت فراهم ڪئي آهي  پر اهي  ونڊ پاور پلانٽ وفاقي حڪومت جي ماتحت  هلي رهيا آهن ، هن چيو ته  بجلي تي سڀ کان پهريون حق ڪنهن  جو آهي ان بابت ايئن ۾ ڪجھه به لکيل ناهي ، سنڌ مان پيدا ٿيندڙ بجلي پهريان نيشنل گرڊ ۾ وڃي ٿي پوءِ وري ملڪي سطح تي ورهائي وڃي ٿي ، هن چيو ته قدرتي گيس تي پهريون حق ان علائقي جو جتان نڪري ٿي .هن چيو ته سنڌ حڪومت روهڙي ۽ نارا ڪينالن تي هائيڊرل پروجيڪٽ لڳائي رهي آهي ، چين جي تعاون سان سنڌ ۾ چار هائيڊرل پاور پلانٽ لڳايا ويندا ، ڪي اي ايس سي کي هڪ سئو ميگا واٽ بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ نوري آباد ۾ پاور پروجيڪٽ لڳايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *