لاڙڪاڻي ۾ 31 هزار استادن لاءِ بائيوميٽرڪ نظام جو افتتاح

 

تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو ڪالهه لاڙڪاڻي پهچي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جي آفيس ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو چيو ته بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي سڄي ڊويزن ۾ مقرر ٿيل استادن ۽ تعليم کاتي جي ٻين ملازمن جي تصديق ڪرائي ويندي، جنهن کانپوءِ انهن جي ڊيوٽين جي نگراني به بائيو ميٽرڪ نظام ذريعي  ڪئي ويندي. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ انهيءَ نظام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڪري رهي آهي، جنهن تحت صوبي لاءِ 66 ملين ڊالر گرانٽ منظور ٿي آهي. بائيو ميٽرڪ سسٽم نادرا سان ڳنڍيل هوندو، ڪوشش آهي ته نادرا جي جاري ڪيل سمارٽ ڪارڊ ۾ لڳل سم جو اسپيس وٺون، جيڪڏهن اهو نه مليو ته نگراني جو سڄو نظام پنهنجو ڪيو ويندو. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ لڳايل بائيو ميٽرڪ سسٽم ڊويزن جي 5 ئي ضلعن لاءِ هوندو، مونکي شڪايتون مليون آهن ته قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ استاد ڊبل نوڪريون ڪري رهيا آهن، جيڪواستاد گوسڙو ثابت ٿيو ان کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويندو. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ لڳايل بائيو ميٽرڪ نظام ذريعي استادن ۽ ملازمن جي تصديق 6 مهينن اندر مڪمل ڪئي ويندي. لاڙڪاڻي ڊويزن اندر ٽوٽل استادن جو تعداد 31 هزار آهي، جنهن ۾ ساڍا 24 هزار پرائمري استاد ۽ ساڍا 6 هزار سيڪنڊري استاد آهن. هن چيو ته تعليم جي پٺتي پوڻ جا ذميوار استاد، اسان ۽ سمورو معاشرو آهي. اسان کي تعليم جي سڌاري لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته جعلي ڀرتين وارا استاد پڪڙِي رهيا آهيون، جن کان پگھارون واپس ڪرايون وينديون. هن چيو ته استادن جي پروموشن پاليسي اهليت جي بنياد تي ٺهڻ گھرجي، جنهن ۾ سزا ۽ جزا وارا عمل به شامل هجن. گسٽا جي تحريڪ هلائڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گسٽا بيشڪ تحريڪ هلائي، غلط مقصد لاءِ هلندڙ تحريڪن کي پذيرائي نه ملندي آهي. سڀ استاد خراب ناهن، استادن کي بند پيل اسڪولن کي کولڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ گھرجي. هن چيو ته استاد سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ پاسپورٽ آفيس وڃن ٿا. بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ساڳيو ڪم اسان ڪريون ٿا ته انهن کي تذليل محسوس ٿئي ٿي. گسٽا وارا هرو ڀرو اسان کي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿا. انهن تي پابندي به لڳي سگھي ٿي. ان موقعي تي رفارم سپورٽ يونٽ جي سربراهه صبا محمود، ڊي او انور کوکر، ڊپٽي ڊي او انيس الرحمان جلباڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر مسعود احمد ڀٽو، پريس ڪلب جو صدر ايس اقبال بابو ۽ تعليم کاتي جي ٻين عملدارن سميت تعليم کاتي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو سربراهه شاهد حسين ابڙو، سينيئر پروگرام مئنيجر علي رضا ۽ ٻيا موجود هئا. ٻئي طرف، گسٽا لاڙڪاڻي ۽ تعليم واري سيڪريٽري ۾ بائيو ميٽرڪ نظام ۽ استادن جي ويريفڪيشن واري عمل تان ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ان ڏس ۾ گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل باڊي جو اجلاس ضلعي صدر جي ايم ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري مظهر حسين سومور، سيف الله ابڙو، نثار احمد سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته بائيو ميٽرڪ سسٽم ۽ سرٽيفڪيٽن جي ويريفڪيشن جي نالي ۾ استادن جي توهين ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هنن چيو ته سالن کان وٺي استاد اسڪولن ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏئي رهيا آهن ۽ هاڻي سندن ڪاغذن جي ويريفڪيشن ڪرائڻ فقط استادن جي تذليل ڪرڻ ۽ کين پريشان ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھه نه آهي. استادن چيو ته پروموشن نه ڪرڻ ۽ اين ٽي ايس پاس استادن کي پگهارن کان محروم رکڻ جي مذمت ڪريون ٿا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن عملن جي مزاحمت ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *