قومي معاملن تي گڏ ٿيڻ جي روايت جاري رکي وڃي

 

وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته قومي معاملن تي اتفاق راءِ سان سڀني کي گڏ وٺي هلڻ چاهيون ٿا، پاڪ چين اقتصادي لنگهه تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، سڄي قوم اقتصادي لنگهه تي متفق آهي. خميس ڏينهن هتي پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته سياستدانن ماضي جي غلطين مان سبق سکيو آهي، 18 هين ترميم جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي، اسان چاهيون ٿا ته قومي معاملن تي گڏ ٿيڻ جي روايت جاري رهي ۽ موجوده دور به افهام تفهيم سان گذري. هن چيو ته جمهوري طريقي سان اقتدار جي منتقلي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته سڄي قوم اقتصادي لنگهه تي متفق آهي. پاڪ چين لاڳاپا سياسي متڀيد کان مٿانهان آهن. حڪومت مسلم ليگ (ن) جي هجي يا ڪنهن ٻي پارٽي جي، چين سان پاڪستان جي دوستي سدائين مضبوط رهندي. هن ڪراچي ۾ صفوران سانحي جي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ تي سنڌ حڪومت، پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مبارڪباد ڏني جنهن ۾ اسماعيلي برادري جا 42 ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا. هن چيو ته ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال اقتصادي لنگهه منصوبي بابت بريفنگ دوران ٻڌايو ته هن منصوبي جي ڪري اسان کي پنهنجي اقتصادي ۽ واپاري ترقي جو هڪ اهم موقعو مليو آهي. چين جي تعاون سان اقتصادي لنگهه جو منصوبو ٻنهي ملڪن جي لاءِ ڪامياب صورتحال آهي، سڄي دنيا جي پاڪستان بابت سوچ ۾ تبديلي آئي آهي. هن چيو ته سياسي حصيداري کي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪيو ويندو. هن چيو ته جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان جن علائقن ۾ معدنيات جي نشاندهي ڪئي آهي اتي صنعتي زون ٺاهيا ويندا، بلوچستان ۾ جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته چين پاڪستان ۾ 46 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو جنهن ۾ 34 ارب ڊالر توانائي جي منصوبن جي لاءِ آهن، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، خضدار، زوب ۽ ٻين علائقن ۾ صنعتي پارڪس ٺاهيا ويندا. هن چيو ته سنڌ ۾ پورٽ قاسم، ٿر، سکر، لاڙڪاڻي، ٺٽي ۽ ٻين علائقن ۾ منصوبا قائم ٿيندا ۽ پـٺتي پيل علائقا ملڪ کي روشنيون ڏيندا. ڪراچي ۾ واٽر سپلاءِ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم ٿيندو، ملڪ جي وڏن صنعتي شهرن ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي جي حل لاءِ ماس ٽرانزٽ سسٽم تي ڪم جاري آهي، جنهن تي 15 ارب رپيا لاڳت ايندي، اهڙي طرح پنجاب جي پٺتي پيل علائقن کي به لنگهه ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فضل الرحمان، فاروق ستار، شاهه محمود قريشي، سراج الحق، مالڪ بلوچ، اسفنديار ولي ۽ بين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منصوبي تي اتفاق ٿيو آهي. جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبي بابت گهرايل خصوصي آل پارٽيز ڪانفرنس منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي مڪمل حمايت ڪندي گوادر کي ڪاشغر سان ڳنڍڻ جي لاءِ اولهندي رستي کي ترجيحي طور تي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.اهو روٽ حسن ابدال، ميانوالي، ڊيرا اسماعيل خان، ڪوئيٽا کان ٿيندو گوادر ويندو. وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ٻي آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چيو ته سياسي اڳواڻن لنگهه منصوبي جي توثيق ڪئي آهي جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ رستن، ريلوي نيٽ ورڪ، هوائي اڏن ۽ بندرگاهن ۽ اقتصادي زونز ۽ بجلي گهرن جي تعمير آهي. وزيراعظم منصوبي جي حمايت تي سياسي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت منصوبن جي جائزي لاءِ هڪ پارلياماني ڪميٽي به قائم ڪئي ويندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته جيڪڏهن ڪي خدشا هجن ته انهن کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته  صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ به قائم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته لنگهه هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواب کي مڪمل ڪندو. منصوبو نه رڳو پاڪستاني اقتصادي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو پر علائقائي ملڪن جي لاءِ به فائديمند هوندو. هن اهم قومي معاملي تي متحد ٿيڻ ۽ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪرڻ تي سياسي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته لنگهه منصوبو سڄي ملڪ جي برابر ترقي ۾ مدد ڏيندو. هن ان سلسلي ۾ چين جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم قومي اهميت جي معاملي تي گڏجي ويهڻ تي سياسي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن مخالف پارٽين جا سياسي اڳواڻ احتجاج جي سياست ڪندا هئا. ان جي ابتڙ موجوده دور بلڪل مختلف آهي ۽ سموري سياسي قيادت ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ جمهوري استحڪام جي لاءِ گڏ بيٺل آهي. هن ان کي هڪ صحتمند روايت قرار ڏنو ۽ دعا ڪئي ته اهم قومي معاملي تي گڏيل فيصلاسازي جو اهڙو بهتر ماحول جاري رهڻ گهرجي. اجلاس ۾ سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد جي قيادت سيد خورشيد شاهه، پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد جي قيادت شاهه محمود قريشي، اي اين پي جي اسفنديار ولي، ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار، جي يو آءِ (ف) جي مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جي سراج الحق، بي اين پي جي ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي مشاهد حسين سيد ڪئي. محمود خان اچڪزئي، حاصل خان بزنجو، اعجاز الحق، آفتاب احمد خان شيرپائو، سينيٽر پروفيسر ساجد مير، سيد غازي جمال ۽ فاٽا مان الحاج شاهه جي گل، پير اعجاز هاشمي پنهنجي لاڳاپيل سياسي پارٽين جي نمائندگي ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا محمد ظفرالحق، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات واري وزير پرويز رشيد، پيٽروليم جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، منصوبابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيفران جي وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، وزيراعظم جي خصوصي معاون عرفان صديقي، طارق فاطمي، بيريسٽر ظفرالله خان ۽ خواجه ظهير احمد شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *