قصور جي زينب سان انصاف…!

دهشتگردي جي انت واري عدالت قصور جي معصوم زينب جي  قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدر عمران علي کي 4 ڀيرا موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت جي جج سجاد احمد ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران خلاف جيل ۾ روزانو 9 کان 11 ڪلاڪ ٻُڌڻي ٿي، ان دوران 56 شاهدن جا بيان ريڪارڊ ڪيا ويا ۽ 36 ڄڻن جون شاهديون پيش ڪيون ويون. ٻُڌڻي دوران ڊي اين اي ٽيسٽ، پولي گرافڪ ٽيسٽ ۽ وڊيوز به ثبوت طور تي پيش ڪيون ويون. 15 فيبروري تي ڌُرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ  ڪيو ويو جيڪو ٻڌايو ويو آهي. جوابدار کي جنسي ڏاڍائي تي عمر قيد جي سزا به ٻڌائي وئي آهي. پراسيڪيوٽر جنرل احتشام قادر موجب ته عمران کي ننڍڙي زينب کي اغوا ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عمران کي زينب سان زيادتي تي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عمران کي زينب کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.پاڪستان زينب ڪيس کانپوءِ سائنسي بنيادن تي جوابدارن کي سزا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي.

قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ڪيل 8 سالن جي ٻارڙي زينب جي والد امين انصاري چيو آهي ته جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي جيئن اڳتي لاءِ اهڙو ڪو به واقعو پيش نه اچي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي سنگسار ڪيو وڃي، جيستائين سندس ساهه نٿو نڪري. معصوم زينب جي والد چيف جسٽس  آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جا ٿورا به مڃيا جنهن جي ڪري ايتري تيزي سان ٽرائل ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *