قرض جي ڏي وٺ….!!

چونڊن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، جلد اليڪشن ٿيندي، مان، بلاول ۽ منهنجون نياڻيون آصفه ۽ بختاور اليڪشن لاءِ تيار آهن، جلد انهن کي به خبر پئجي ويندي ته اليڪشن ڇاکي چئبو آهي، پيپلز پارٽي جو هڪ وفد سمورين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهي، هاڻي پاڪستان ۽ خاص ڪري لاهور ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائينداسين، آصف علي زرداري لاهور ۾ سينيئر پارٽي اڳواڻ عزيز الرحمان چن جي گهر پارٽي ڪارڪنن کي خطاب  ۽ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو ڏسي ائين ٿو لڳي ته پيپلز پارٽي ۽ ڪارڪن هاڻي هڪ دفعو ٻيهر مقابلي لاءِ تيار آهن، پوئين ڀيري اسان کي هٿڪڙيون لڳل هيون، پر هن دفعي اسان کي هٿڪڙيون ناهن لڳل، مان پاڻ ۽ بلاول ميدان ۾ آهي، قوم جون نياڻيون شهيد محترمه جون نياڻيون به اسان سان گڏ ميدان ۾ آهن، اسان سڀ ملي ڪري ميدان ۾ نڪرنداسين ۽ مخالفن کي خبر پئجي ويندي ته مقابلو ڪئين ٿيندو آهي، اليڪشن جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، انهن دوستن کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به شڪست نه کائيندي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به پنجاب ۾ خاص ڪري لاهور ۾ ناهي هارايو، پر ها اسان هميشه اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل آر اوز کان هارايو آهي، ڇو جو نتيجا انهن جي هٿ ۾ هوندا آهن،پاڪستان جي سمورين پارٽين ڏي پيپلز پارٽي جو هڪ وفد موڪلينداسين، جيڪو انهن سان ملاقات ڪندو ۽ ايندڙ اليڪشن بابت انهن جون صلاح مشورن تي غور ڪندو، جڏهن بي بي شهيد لاهور ايندي هئي ته سڄو لاهور بند ٿي ويندو هو، هاڻي به ائين ئي ٿيندو. هن ڀيري پ پ جو ڪردار مختلف هوندو،  اسان شارٽ ڪٽ جو مقابلو ڪنداسين، پهرين قرض ڏنو هاڻي وٺنداسين، سياست ۾ ڪڏهن به دروازا بند ناهن ٿيندا، هر صوبي ۾ سياسي جماعتن سان الائنس ڪري سگهجي ٿو، آفتاب شيرپائو جي پارٽي ۾ واپسي بابت نٿو چئي سگهجي، ساڻس سياسي ٺاهه ٿي سگهي ٿو، اسفند يار ولي سان دوستي آهي، ڪجهه دوستن ايم ڪيو ايم سان به الائنس قبول نه ڪيو، هر ڪنهن جي پنهنجي سوچ آهي، منهنجي پنهنجي سوچ آهي، آر اوز جون چونڊون پهرين به ٿيون، هاڻي به ٿي رهيون آهن حسين حقاني پروفيشنل ڊپلوميٽ ناهي، سندس ڪيريئر جماعت اسلامي کان شروع ٿيو، پوءِ نواز شريف کان ٿيندو اسان وٽ آيو، جڏهن بي بي شهيد جي پهرين حڪومت ختم ڪئي وئي، لاهور مان هڪ شخص آيو، بي بي ۽ مون سميت ٽن ڄڻن کي چونڊن کان پري رهڻ جو چيو ويو، چيو ويو ته توهان ٻاهر هوندا ته فري فيئر چونڊون ٿينديو، ٻي صورت ۾ رزلٽ الڳ هوندي، مون وٽ اشارو ڪري چيو ته هن کي ڦاهي ڏئي ڇڏينداسين، پاڪستان ٺاهڻ ۾ بلوچن جو اهم ڪردار آهي، آئيني طور انهن کي حق ملندا، پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ بلوچستان جي ڌرتي استعمال ڪئي پئي وڃي، جبلن تي چڙهي ويندڙن کي چوندس اسان ذوالفقار ڀٽو جي شهادت ڏٺي، مير مرتضيٰ جي شهادت ڏٺي ۽ بي بي جي شهادت ڏٺي، پاڙيسري اسان لاءِ ڪنڊا اڇلائي پاڻ سڪون سان ويهندا ايئن نه ٿيندو، هندوستان ۾ مسلمانن سان پيو ٿئي سڀ ڄاڻون ٿا، پاڻي بلوچستان جو بنيادي مسئلو آهي، وفاقي حڪومت کي سنڌ دير سان ياد آئي آهي، رڳو اعلانن مٿان اعلان ٿيندا، واعدا وفا نه ٿيندا. پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل رضامندي سان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو فيصلو سنجيده قدم آهي، ان سان دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *