قرآن جي حافظ هٿان کٿاڀي جو قتل ۽ وارثن جي بيحس خاموشي…!

معصوم گلن جهڙن ٻارڙن تي تشدد توڙي قتل جا واقعا هاڻي ته روز جو معمول بڻجي چڪا آهن، هر روز اخبارن ۾ معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ ظلمن جا قصا پڙهڻ ڪاڻ ملن پيا، ڪجهه ڏينهن پهرين معصوم ٻارڙي زينب جو واقعو پيش آيو جيڪا پاڪ ڪتاب پڙهڻ وئي پر واپس سندس جو لاش مليو ۽ قانون جا رکوالا اڳ جيان پنهنجي خانه پوري ۾ لڳل آهن توڙي جو سپريم ڪورٽ توڙي پاڪ آرمي به نوٽيس ورتو تنهن هوندي به قاتل پڪڙ کان آجا آهن. اهي قصا اڃان ذهن تان لٿائي نه هئا جو وري ملير جي علائي پپري ۾ 9 ورهين جي معصوم ٻارڙي جي قتل جو واقعو اخبارن جي زينت بڻيو آهي، رپورٽن موجب ته پپري جي عيدو ڳوٺ ۾ ٻارڙن کي ٽيوشن پڙهائيندڙ مولوي قاري نجم الدين اسلامي منزل ۾ قرآن جا 10 سيپارا ياد ڪري يارنهين سيپاري کي ياد ڪندڙ کٿابي 9 ورهين جي محمد حسين  سبق ٻڌائيندي چڪون ڪيون جنهن تي مولوي آپي مان نڪري ويو ٻارڙي کي مولوي ڏنڊن، لتن ۽ مڪن سان ايترو تشدد ڪيو جو ٻارڙو تشدد برداشت نه ڪندي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.  اطلاع ملندي ئي علائقي جا سوين رهواسي مدرسي پهچي ويا، جن مدرسي کي گهيرو ڪري ورتو ۽ مولوي کي مدرسي مان فرار ٿيڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. پولس پهچي مولوي کي گرفتار ڪيو ۽ ٻارڙي جو لاش کي وارثن حوالي ڪيو. ٻارڙي جو لاش کڻڻ باوجود ان جي وارثن مولوي خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي آهي، وارثن جي ان بيحسي کي ڪهڙو نالو ڏجي جن پنهنجي جگر جي ٽڪر مٿان ٿيندڙ ظلم باوجود خاموش بڻيل آهن،  ايس ايڇ او بن قاسم موجب مولوي نجم شاگرد تي تشدد ڪيو، اسان پهتاسين ته وارثن لاش کڻي پنهنجي حوالي ڪيو. هنن نه رڳو اسپتال نيڻ کان انڪار ڪيو، پر مولوي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو، وارثن به ڪيس داخل نه ڪرايو پر  مولوي جي گرفتاري بعد پوليس جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن ۾ صاف ظاهر آهي ته پوليس پنهنجا کيسا ڀريندي ۽ هي ڪيس به اڳتي هلي عوام جي ذهن تان مٽجي ويندي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *