قتل جون وارڌاتون ۽ پوليس جا دلاسا

ڍورو ناري لڳ ڳوٺ ساڍر وٽ زرعي زمين تي قائم زميندار سهراب راڄڙ جي اوطاق تي هٿياربندن ڪاهه  ڪري پيرسن يونس راڄڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. هٿياربندن جي سڃاڻپ عبدالرحيم عرف عدريو راڄڙ، محمد راڄڙ، عبداللطيف عرف مگهن راڄڙ طور ڪئي ويئي. جڏهن ته جوابدارن سان گڏ 2 ٻيا جوابدار به گڏ هئا، جن جا نالا معلوم نه ٿي سگهيا آهن. مقتول جي پٽ جي فرياد تي پوليس ڪيس ته داخل ڪري ورتو آهي، پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي. جوابدار ڇو گرفتار نه ٿيا آهن تنهن جا پوليس وٽ ته ”ريڊي ميڊ“ جواب هر وقت موجود هوندا آهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا لڳائي رهيا آهيون، قانون کان ڪو به مٿانهون ناهي. ڪو ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، ان کي بخش نه ڪيو ويندو ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، اهڙيئي قسم جا دلاسا مقتول جي وارثن کي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان وٺي پوليس جيئن ئي ٻڌائڻ شروع ڪيا آهن اهي اڃا تائين ختم نه ٿيا آهن ۽ پوليس پنهنجو رڪارڊ وڄائڻ ۾ اڃا تائين رڌل آهي. پوليس به آخر ڪري ته ڇا ڪري جوابدارن کي جيڪڏهن بااثر شخصيتن جي پٺڀرائي هجي ته پوءِ مجال آهي جو ڪو جوابدار گرفتار به ٿي سگهي، پوليس ڪيترائي لوڙها لتاڙي سگهي ٿي پر بااثر شخصيتن جي اوطاقن ۽ بنگلن ڏانهن وڃڻ ته پري جي ڳالهه آهي انهن جو نالو وٺڻ جي به همت نه ٿي ڪري سگهي، ان ڪري مقتول يونس راڄڙ کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس تيستائين شايد گرفتار نه ڪندي جيستائين انهن جوابدارن مٿان بااثر شخصيتن جو هٿ جاري رهندو. هونئن به چيو ويندو آهي ته پوليس کي ڪنهن به ڏوهه جا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ اوترو فائدو نه ٿيندو جيترو جو ابدارن جي فرار ٿيڻ يا روپوش ٿيڻ جي ڪري فائدو ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن جوابدار گرفتار ٿي ويندا آهن، تنهن کانپوءِ ڪنهن به ڏوهه جو  معاملو پوليس، عدالت ۽ وڪيلن جي وچ ۾ هڪ فوٽ بال بڻجي سالن جا سال پيو ٿڏبو آهي، عدالتون ڪيسن جون شنوايون پيون ڏينديون آهن، عدالتن جا سرشتيدار هر شنوائي تي جوابدارن کان عدالت جي خرچ جي نالي ۾ ڏوڪڙ پيا وٺندا آهن ۽ پوليس جو اي ايس آءِ هر شنوائي تي ڪيس جي سلسلي ۾ حاضر ٿي پيو سڄو ڏينهن عدالت جي ٻاهران ڪاڙهي ۾ پيو سڙندو آهي، جڏهن ته وڪيلن جي ته چاندي ٿي ويندي آهي، هر شنوائي تي اچڻ وڃڻ جو خرچ جيئن وصول  ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، اهو خرچ ڪيس ختم ٿيڻ تائين پيو اصيلن مان نڪرندو آهي، جڏهن ته ڪيسن جي پيروي لاءِ ٻوليل رقم مان اڌ رقم ته پهرين سٽ ۾ جوابدارن ۽ فريادين کان وڪيل پٽي وٺندا آهن. جڏهن ته  ٻئي طرف جوابدارن جي فرار ٿيڻ يا هٿ نه اچڻ جي صورت ۾ پوليس جي چاندي ٿي ويندي آهي. هر ٻئي ڏينهن تي جوابدارن جي مائٽڻ تي عزرائيل بڻجي ڪڙڪندي آهي ۽ ”دش خش“ وٺڻ کانسواءِ واپس نه ويندي آهي.   اهڙي ريت جوابدارن جو هر سرنديءَ وارو ويجهو مائٽ جوابدارن کي پناهه ڏيڻ جي نالي ۾ پيو پوليس هٿان پنهنجي کل لهرائيندو آهي، جڏهن ته پوليس ان ڪيس جي سلسلي ۾ هر ان ماڻهو  مان ڏوڪڙ ڪڍندي آهي، جنهن بابت پوليس کي پڪ هجي ته ان ماڻهو ڪڏهن جوابدار سان گڏجي ڪنهن هنڌ تي اٺ ڏهه سال اڳ ڪو چانهه جو ڪوپ به پيتو هوندو  آهي. ان ڪري سنڌ ۾ جيڪي به ڏوهه ٿين ٿا تن ۾ پوليس پنهنجو  فائدو پهرين سوچيندي آهي ۽ ڏسندي آهي ته جوابدار کي فورن گرفتار ڪرڻ ۾ فائدو آهي يا نقصان آهي پر جيڪڏهن ڪنهن بااثر شخصيت جا جوابدارن تي هٿ هجن ۽ ان جو ڪو فون به صوبيدار وٽ اچي چڪو هجي پوءِ ته ان شخصيت تي پوليس جو ٿورو به ٿيو وڃي ۽ پوليس جي ڄڻ ته اليڪشن به کليو  پوي.  ڍوري ناري لڳ جيڪو قتل ٿيو آهي، تنهن ۾ پوليس کي اڃا تائين ڪو جوابدار ڇو هٿ نه آيو آهي، تنهن لاءِ مٿي ڄاڻايل سببن مان ڪو هڪ سبب ضرور ٿي سگهي ٿو. اسان محسوس ڪيو آهي ته سنڌ جو عوام ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍا معصوم سوال ڪندو آهي. مثال طور عام ماڻهو جي خواهش آهي ته علائقي ۾ امن قائم ٿيئي ۽ شراب جوئا ۽ فحاشي جا اڏا بند هجن، ليڪن اهي، اهو ڪڏهن به نه ٿا سوچين ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ختم يا بند ٿي وڃي ته پوءِ پوليس کاتو ڪيئن هلندو؟ اسان ڍوري ناري لڳ هڪ بيگناهه انسان جي قتل کي انسانيت جو قتل قرار ڏيندي گهر ڪنداسين ته ڍوري ناري جهڙي پرامن علائقي ۾ جن به ماڻهن رت جي راند رچائي آهي، تن جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾آندو وڃي، پر  جيڪڏهن ڪا شخصيت انهن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي ته پوءِ ان شخصيت بابت به مقتول جي وارثن کي ڄاڻ ملڻ گهرجي ته جيئن اهي ڪو قانوني دڳ اختيار ڪندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا ڪارروائي ڪري سگهن، اسان کي اميد آهي ته پوليس جوابدارن جي ڳولا ۾هاڻ ڪا سستي نه ڪندي، پر جيڪڏهن پوليس ڪا به هيراڦيري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ميڊيا ان هيراڦيري يا غفلت کي وائکو ڪرڻ لاءِ مقتول جي وارثن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ هر وقت موجود هوندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *