فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي سياسي پارٽيون راضي ٿي ويون…!

ڏيڍ مهيني جي ڪوشش بعد گذريل ڏينهن سياسي جماعتن وچ ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، اسيپڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جو چوڻ آهي ته سڀني جماعتن جي اها راءِ هئي ته اهو قومي مفادن جو معاملو آهي، جي يو آءِ، جماعت اسلامي کي مذهب جي لفظ تي اعتراض هو، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي 9 مان چئن مطالبن تي اتفاق ٿي ويو آهي، ان حوالي سان ترميمي مسودو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، جيڪو ايندڙ سومر تي منظور ڪيو ويندو. اڱاري تي سينيٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪيو ويندو، پاڪستان حالت جنگ ۾ آهي، فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هاڻي پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي، جيڪا فوجي عدالتن جي معاملي ۽ ملڪي سلامتي کي ڏسندي. ناڻي جي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پارلياماني ڪميٽي سيڪيورٽي ۽ فوجي عدالتن جي معاملي جو جائزو وٺندي، آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ تي مڪمل اتفاق ٿي ويو آهي.

پيپلز پارٽي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته فوجي عدالتن جي مدت ۾ واڌ تي اتفاق ٿيو آهي، ان معاملي تي اسان کي خدشا هئا، جيڪي ختم ٿي ويا، اسان جي نڪتن کي تسليم ڪيو ويو آهي، بلاول نيشنل سڪيورٽي ڪميٽي جي تجويز ڏني هئي، اميد ٿا ڪريون ته ڪميٽي بڻجندي ته بلاول جي مطالبي موجب هوندي، فوجي عدالتن جي مدي ۾ 2 سال واڌ تي راضي آهيون، عبارت طئي ٿي چڪي آهي، ان کي ايڪٽ ۾ تبديل ڪرڻو آهي، مسودي کي سومر ڏهاڙي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، ملٽري ڪورٽس ۾ سيشن ججز جي لاءِ اسان زور نه ڀريو.

پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به خاص مذهبي طبقي کي نشانو نه بڻايو ويندو، جڏهن ته اڄ ٻيهر ثابت ٿي ويو ته جمهوريت جا نتيجا هميشه سٺا نڪرندا آهن، ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان بل پاس ٿي سگهيو پئي، پر اتفاق راءِ سان بل پاس ٿئي ته ان جي خوبصورتي وڌيڪ هوندي آهي. فوجي عدالتن ۾ سيشن ججن جي مقرري تي اسان زور ناهي ڀريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *