فضيلا جي بازيابي لاءَ ڪيتريون فضيلائون يتيم ٿينديون….؟

ٺل جي فضيلا سرڪي لاءِ شڪارپور پوليس پاران گهوٽڪي جي آفتاب ڪالوني ۾پوليس مقابلو اڃا تائين شڪي بڻيل آهي ۽ مختلف سوال برقرار آهن ته جيڪڏهن فضيلا سرڪي بابت اطلاع تصديق جوڳا نه هئا ته آپريشن ڇو ڪيو ويو، جنهن ۾ معصوم ٻارڙي سميت 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ ٽن پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا، هوڏانهن آپريشن ۾ فضيلا جي نه ملڻ، اهلڪارن جي زخمي ۽ ٻارڙي جي مارجڻ واري ظاهري ناڪامي بعد پوليس جي حيرت جو مثال ڏسو ته ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان ۽ ايس ايس پي ناصر آفتاب گذريل رات ساڍي 11وڳي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل معصوم ٻارڙي شاهزيب چنا جي گهر پهتا، جتي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي وارثن مان ڪنهن هڪ نوجوان کي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو،

شاهزيب جي والد امير بخش چنا ٻنهي ايس ايس پيز کي روئيندي دانهن ڏني ته منهنجو پٽ گولي لڳڻ بعد وچ رستي تي تڙپندو رهيو، پر ڪنهن به اهلڪار کيس کڻي اسپتال نه پهچايو، ايس ايس پي شڪارپور امير بخش چنا کي خاطري ڪرائي ته اهلڪارن کان ٿيل ان ڪوتاهي جي انڪوائري ڪرائي ويندي، ايس ايس پي گهوٽڪي  کيس پنهنجي آفيس اچن جو چيو ۽ مدد جي خاطري ڪرائي،

پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالحق عرف هڪڙو لولائي ۽ سانوڻ لولائي جا وارث به سراپا احتجاج آهن، گذريل رات لولائي برادري جي عورتن ۽ مردن پاران خان ڳوٺ وٽ باءِ پاس تي 5 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو هو، جنهن بعد اي ايس پي عمران کوکر پهچي خاطري ڪرائي هئي ته صبح تائين گرفتار ڪيل ماڻهو نه رڳو آزاد ڪرايا ويندا، پر ٻن ڄڻن جي مارجڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، اي ايس پي جي خاطرين تي عمل نه ٿيڻ بعد ڳوٺ حاجي سچل لولائي جي رهواسي عورتن ۽ مردن پاران حاجي سچل، عبدالرحيم، سانول، غلام حسين، شهزادو ۽ سونو لولائي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ مارجي ويل سانوڻ لولائي جي 6 ورهين جي پٽ عبدالرزاق ۽ 4 ورهين جي ساجد لولائي به شرڪت ڪئي،

سنڌ پوليس جي تاريخ به حيرت جوڳي آهي، دل چوين ته معاملي کي منٽن ۾ حل ڪن جي موڊ نه هجين ته ڀلي ورنهن گذري وڃن ڪيس کي هٿ ناهي لائڻو، اهڙي طرف معصوم نينگري فضيلا سرڪي جو مثال سڀني جي اڳيان آهن جنهن کي ورنهن گذري ويا پر پوليس نياڻي کي ڳولي نه سگهي آهي، بس رڳو سياستدانن ۽ وڏيرن جي چئوگرد ڦيراٽين ۾ پوري هجي ٿي، فضيلا سرڪي جي بازيابي تائين ڪيتريون فضيلائون يتيم ٿينديون اهو ته الله ڄاڻي،، باقي جي ڪڏهن ڪو قدرتي معجزو ٿي پوي ته ٻئي ڳالهه آهي باقي فضيلا سرڪي جي بازيابي هاڻي خواب بڻجي وئي آهي جيڪا پوليس جي ناڪامين جي تاريخ ۾ هڪ باب لکي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *