عسڪري ۽ سياسي قيادت جو گڏيل فيصلو

 

ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت 20 نڪاتي قومي ايڪشن پلان بابت نه رڳو بحث ڪندي رهي پر، ملڪ جي مڪمل سياسي قيادت جن ۾پاڪستان جي سڀني پارٽين جا اڳواڻ موجود هئا، ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ بابت سڄو ڏينهن هلندڙ بحث کانپوءِ نيٺ وزيراعظم ميان نوازشريف کي اها ڳالهه چوڻي پئجي وئي ته فوجي عدالتن بابت تمام گهڻي مشاورت ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ وڌيڪ بحث جي ضرورت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي ايڪشن پلان جي سڀني حمايت ڪئي هئي ۽ جيڪڏهن اسان دهشتگردن کي منهن ڏيئي نه ٿا سگهون ته پوءِ اسان جو هتي ويهڻ اجايو آهي، جيڪڏهن اسان بهادراڻا فيصلا نه ڪيا ته قوم جا اسان جي ڳچين ۾ هٿ هوندا ان ڪري اسان دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف خطاب ڪندي چيو ته خاص عدالتون فوج جي خواهش نه پر وقت جي ضرورت آهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان ئي ڪامياب ٿينداسين، اسان جو اڄوڪو فيصلو قوم جي قسمت جو فيصلو ڪندو، جڏهن ته صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه معمول تي اچي ويندو. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ٿيل تقريرن کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي آهي ته عسڪري ۽ سياسي قيادت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهن ۽ دهشتگردن کي فوجي عدالتن ذريعي سزائون ڏيارڻ جي خواهش رکن ٿيون. ليڪن سوال اهو هو ته فوجي عدالتون ڪهڙي ريت جوڙيون وڃن.

ان سلسلي ۾ ٽي واضح موقف سامهون آيا، هڪ موقف اهو هو ته آئين ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتون قائم ڪيون وڃن، ٻيو موقف هو ته پاڪستان جي آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم ڪري اهي فوجي عدالتون قائم ڪيون وڃن. جڏهن ته ٽيون موقف اهو ته فوجي عدالتون قائم ڪرڻ بجاءِ دهشتگردن کي سزائون ڏيڻ لاءِ عدالتن جو انگ وڌايو وڃي. وزيراعظم ميان نوازشريف ۽ آرمي چيف سميت ڪجهه پارٽيون ان راءِ جون نظر آيون ته فوجي عدالتن کي آئيني ڪور ڏيڻ لاءِ آئين جي سيڪشن 256,212,204 ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جو موقف هو ته اسان فوجي عدالتن کي قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ترميم جي حمايت نه ڪنداسين هاڻ   جڏهن عسڪري ۽ سياسي قيادت طرفان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ان کي آئيني تحفظ ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلو ٿي چڪو آهي ان کان پوءِ ڏسڻو اهو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ جيڪو بل تيار ڪيو ويو آهي، اهو بل اڄ جڏهن قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيئي ٿو ته ان مسودي سان ڪهڙي پارٽي اتفاق ڪري ٿي ۽ ڪهڙي پارٽي اڃا به ان جي مخالفت ڪري ٿي. ظاهري طرح ته جيڪو به مسودو حڪومت قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ پيش ڪندي اهو اڪثريتي راءِ سان منظور ٿي ويندو.جڏهن اهو بل سڀاڻي سينٽ پيش ڪيو ويندو. هڪ طرف حڪومت ۽ عسڪري قيادت خاص عدالتن جي قيام بابت هڪ پيج تي بيٺل نظر اچي رهيون هيون ته ٻئي طرف ملڪ جون بار ڪائونسلون ۽ عدليا ٻئي طرف نه رڳو بيٺل نظر اچي رهيون آهن پر اهي اهڙي ڪنهن به ترميم خلاف مهاڏو اٽڪائڻ جو به واضح اعلان ڪري چڪيون آهن،

مثال طور لاهور بار ان سلسلي ۾ مخالفت ڪندي چيو آهي ته اسان فوجي عدالتن کي ڪنهن به صورت ۾ قائم ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ جيڪڏهن اهي عدالتون قائم ٿيون ته انهن خلاف اعليٰ عدالتن ۾ پٽيشنون داخل ڪيون وينديون. سندن موقف آهي ته سپريم ڪورٽ 1999ع ۾ فيصلو ڏ يئي چڪي آهي ته آئين ۾ فوجي عدالتون جوڙڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي ۽ جيڪڏهن اهڙيون عدالتون قائم ڪيون ويون ته پوءِ اها توهين عدالت هوندي. ان سلسلي ۾ ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن به داخل ڪئي وئي هئي.جنهن ۾ اعليٰ عدالت کي گذارش ڪئي وئي هئي ته اها 1999ع ۾ ڏنل پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ ان کي رد ڪيو وڃِي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض هڻي اها پٽيشن واپس ڪري ڇڏي آهي. هتي اها ڳاله به ياد رکڻ جهڙي آهي ته 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به لاهور ۾ مارشل لا لاڳو ڪري آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتون قائم ڪيون هيون، جن کي بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ختم ڪري ڇڏيو هو، هاڻي جيئن ته فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آرمي ايڪٽ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ان کي آئيني تحفظ ڏيڻ لاءِ فيصلو ٿي چڪو آهي تڏهن به اڪثر قانوني حلقن جي راءِ آهي ته پارليامينٽ مان اها ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ به اعليٰ عدالتن ۾ ان ترميم خلاف ڪيتريون ئي پٽيشنون داخل ٿي سگهن ٿيون. ڪجهه وڌيڪ قانوني ماهرن جي راءِ آهي ته قانون موجب جيڪڏهن ڪو قانون اڄ ٺاهجي ٿو ته پوءِ ان قانون تحت سزا رڳو انهن جوابدارن کي ملندي جيڪي جوابدار اهو قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ ٿيندڙ ڏوهه ۾ گرفتار ٿيندا. جڏهن ته قانون پاس ٿيڻ کان اڳ جيڪي گرفتار جوابدار هوندا تن کي ان نئين قانون تحت سزا نه ٿي ڏيئي سگهجي. بهرحال عسڪري ۽ فوجي قيادت فوجي عدالتن جي قيام بابت متفق ته ٿي ويون آهن پر انهن فوجي عدالتن کي اعليٰ عدالتون ۽ بار ڪائونسلون ڪهڙي اک سان ڏسن ٿيون ۽ ڪهڙا فيصلا ڏين ٿيون، ان جو اڃا فيصلو ٿيڻو باقي آهي. اسان کي اميد آهي ته فوجي ۽ عسڪري قيادت جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو ملڪ ۽ قوم جي فائدي ۾ ويندو ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽجي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *