عدالت جا ساراهه جوڳا حڪم عمل درآمد جا منتظر…!!

چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ لاهور رجسٽريءَ ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي فين ۾ اضافي ۽ اسپتالن جي خراب حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس سمورن خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي مالڪن ۽ سي اي اوز سان ڪاليجن جي عمارتن، فين جي اسٽرڪچر ۽ ليب جي سهولتن بابت حلفي بيان حاصل ڪيا.  چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون به نه آهن، هڪ اسپتال ۾ اها حالت هئي ته مريض کي ٽاڪو هڻڻ لاءِ ڌاڳو نه هو. چيف جسٽس چيف سيڪريٽري کي حڪم ڪيو ته سمورين سرڪاري اسپتالن جي آڊٽ رپورٽ ۽ فراهم ڪيل دوائن بابت ڄاڻ بابت حلفي بيان جمع ڪرايو وڃي جڏهن ته جان بچائڻ  جي دوائن جي موجودگي جي رپورٽ به جمع ڪرائي وڃي. سرڪاري اسپتالن جي حالت بهتر بڻائڻ بابت پاليسي تيار ڪري 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي. حڪومت جي اشتهاري مهم جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو،

سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن جي دوري لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي جنهن ۾ سينيئر ڊاڪٽر ۽ وڪيل شامل هوندا، سرڪاري اسپتالن جي صورتحال تي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽس جا بيان حلفي به طلب ڪيا. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته صحت شهرين جو بنيادي حق آهي، صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي، نوٽيس جو مقصد ايڪشن وٺڻ ناهي، اسپتالن جي حالت بهتر ڪرڻ آهي.  جيڪڏهن تعليم ۽ صحت جي ڪم نه ٿيو ته اورنج لائن سميت سمورا منصوبا بند ڪري ڇڏينداسين. شام وقت سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر خانگي ڪلينڪ ويندا آهن، ڊاڪٽر پنهنجون اسپتالون بند ڪري خانگي ڪلينڪن تي لکن ته سرڪاري اسپتالن ۾ مصروف آهن اڄ ڪلينڪ نه هلندي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته سموريون ڪلينڪس بند ڪري ڇڏينداسين. مفت دوا نه ملي رهي آهي ۽ مشهوري تي رقم خرچ ڪئي پئي وڃي، پنجاب حڪومت پنهنجي مشهوري لاءِ ڪروڙين رپيا اشتهارن جي مد ۾ لڳائي رهي آهي، ٽي وي چينلز تي پنهنجي مشهوري بدران اسپتالن کي دوائون ڏنيون وڃن. سپريم ڪورٽ جانورن کي کير وڌائڻ لاءِ لڳائي ويندڙ انجيڪشن (بوسٽن) تي بندش لڳائي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته ان سان ڪينسر جو مرض ٿئي پيو، دٻي جي کير ۾ ڪيميڪل استعمال ٿي رهيو آهي، عدالت ينگ ڊاڪٽرن جي هڙتال تي به بندش لڳائي ڇڏي. عدالت غيرقانوني شادي هال ڊاهڻ خلاف منع نامي ڏيڻ کان به روڪي ڇڏيو. غيرقانوني هال ڊاهڻ کان ڇو روڪيون. عدالت وي آءِ پي چرپر لاءِ رستن جي بندش جو به نوٽيس ورتو.جيڪڏهن عدالت سڳوري جي حڪمن تي عمل ٿي ويو ته عوام جا اهنج ختم ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن حڪم ردي جي ٽوڪري ۾ هليا ويا ته بس عوام جو الله ئي حافظ آهي. عدالت سڳوري کي گهرجي ته ملڪ ۾ ترقي جون دعوائون ڪندڙن جي پرڏيهه ۾ علاج ته به پابندي مڙهي کيس هدايت ڪري ته هو پنهنجي ملڪ ۾ علاج ڪرائين جتي غريبن جو علاج ٿئي ٿو اتي هنن جو به علاج ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *