ظلم جي ستايل عورت ۽ ڏهرڪي پوليس جو ڪارنامو

 

ڏهرڪي لڳ پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾ گهڙي عورتن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مزاحمت تي عورتن جا ڪپڙا ليڙون ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت بااثرن جي ظلم ۽ پوليس خلاف پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي. مسو واهه ڀرسان رهندڙ لوهرن جي گهرن تي رونتي پوليس ڪڙڪي پئي جنهن دوران اهلڪارن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾گهڙي ٻن عورتن مائي بابرا ۽ مائي سڪينه کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڙين تي سندن ڀرپاسي جي ڳوٺن وارا پهچي ويا، جن کين پوليس کان بچائي ورتو. ان موقعي مائي بابرا رونتي پوليس اهلڪارن ۽ گرفتار ڪرائڻ لاءِ آيل ڏير انور ڇڄڻ تي جوتن جو وسڪارو لائي ڏنو، اهڙي ريت ٽنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران عورتن کي پوليس پاران زوري گهلي گاڏي ۾ ويهارڻ ڪري مائي بابرا ۽ مائي سڪينه جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي پيا. ان موقعي تي صحافين ۽ پوليس جي سامهون مائي بابرا پنهنجو پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پيٽرول هاري تيلي ڏني پر سندس ڀرسان بيٺل وارثن باهه کي وسائي کيس سڙڻ کان بچائي ورتو، جنهن بعد پوليس ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ان وقت رونتي پوليس جي اي ايس آءِ سڪندر ملڪ ٻڌايو ته اسان کي اي ايس آءِ سڪندر لاکي موڪليو آهي ته عورت بابرا کي کڻي اچو، جيڪا احسان جي زال آهي ۽ اسان وٽ بابرا جو ڏير انور آيو هو، جنهن اسان کي شڪايت ڪئي ته اسان کي ڀاڄائي موٽرائي ڏيو، موقعي تي موجود بابرا جي ڏير انور ڇڄڻ ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو، ان  موقعي تي صحافين کي دانهيندي مائي بابرا چيو ته منهنجي شادي 13 مهينا اڳ احسان ڇڄڻ سان ٿي هئي، منهنجي مڙس ڏيرن مون کي اڍائي لک رپين ۾ منهنجي پيءُ کان خريد ڪيو هو ۽ اسٽامپ پيپر تي گهر موڪل سميت ٻيا شرط به لکيل هئا. بابرا وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو مڙس ۽ ٻيا جوابدار مون کي خريد ڪيل جانور سمجهي بد پيشو ڪرائيندا هئا، جنهن ڏينهن مان هنن جو چيو نه مڃيندي هيس ته هو مون کي ڏنڀ ڏيندا هئا ۽ سخت تشدد ڪندا هئا. بابرا جي پيءُ محمد سعيدل لوهر چيو ته مان اڍائي لک رپين ۾ پنهنجي ڌيءُ ڏئي انهن کان لکرائي ورتو هو ته بابرا جو مڙس مون سان گڏ رهندو، هن چيو ته منهنجي ڌيءَ کي عزت ڀري زندگي ڏيڻ بجاءِ انهن ظالمن منهنجي ڌيءَ جي جسم فروشي ڪرڻ شروع ڪري ڏني، اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي منهنجي ڌيءَ جي جند آجي ڪرائن.

غلط آپريشن سبب ٻه حياتيون موت جو بڻجي ويون

رتي ديري ۾ ڊاڪٽرياڻي پاران ويم دوران غلط آپريشن ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل سائنڻ خاتون جو 5 ڏينهن جو ڄاول ٻار به فوت ٿي ويو جنهن بعد گھر ۾ ماتم متل آھي. سائنڻ خاتون جي وارثن ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري رتوديرو _ نئون ديرو لنڪ روڊ تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر علي خان ڏاھاڻي، شبير ڏاھاڻي، برڪت ڏاھاڻي، حمزو ڏاھاڻي ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽرياڻيءَ پيسن جي لالچ ۾ اچي سائنڻ خاتون جي ويم لاءِ غلط آپريشن ڪيو هو، کيس لاڙڪاڻي کڻائي وياسين جتي هوءَ فوت ٿي وئي. هنن چيو ته جاڙن ٻارن مان هڪ ٻار فوت ٿي ويو آهي، ڊاڪٽرياڻي خلاف قدم کنيو وڃي، فوتي عورت جي مڙس برڪت ڏاھاڻي چيو ته ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب سائنڻ خاتون فوت ٿي هئي ۽ ماءُ جو کير نه ملڻ سبب ٻار به تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي، ڊاڪٽرياڻي ٻه قتل ڪيا آهن مٿس اهڙو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *