ضلعو سانگهڙ فتح ٿي ويو

سانگهڙ تعلقي جي 16 يونين ڪائونسل تي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ  اڪثريت ۾ ڪامياب ، 10 يونين ڪائونسلن ٻوٻي، ڪوٽ نواب، ڪونڌو، کڏواري، گجري، صدرٽ، دڙو بازار، بهرم بري ، ساڌڻو، سيٺار تي پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته 6 يونين ڪائونسلن جنهن ۾ مياڻ ، ڪلر ، چوٽياريون ، پير ڪيهور ، شاهه سڪندر آباد ۽ جانب ڍورو تي فنڪشنل ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن ٻئي طرف تعلقي ٽنڊو آدم جي 8 يوسيز مان 5 تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ 5 ئي يوسيز پ پ ٻهاري وئي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب يوسي مير حسن مري تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ پ پ اميدوارن عقيل مري ۽ مختيار جمالي 4254 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مخالف ف ليگ اميدوارن انور هڱورو ۽ علي جان هڱورو رڳو 37 ووٽ کنيا، ضلعي ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار سڪندر مري 4245 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سندس مخالف اميدوار ف ليگ جي نادر هڱورو رڳو 40 ووٽ کنيا، يوسي طيب ٿهيم ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ پ پ اميدوار اورنگزيب ٿهيم ۽ دلبر خان سريوال 3534 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ سندس مخالف ف ليگ اميدوارن قادر بخش ۽ منور علي 553 ووٽ کنيا، ضلعي ڪائونسل لاءِ پ پ اميدوار پير ڏنل شاهه 3565 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مخالف ف ليگ اميدوار الهه بچايو شاهه 405 ووٽ کنيا، يوسي ماڻڪ ٿهيم تي پ پ اميدوار چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ عبدالعزيز ٿهيم ۽ امير علي خاصخيلي 4353 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته سندس مخالف ف ليگ اميدوار مصري خاصخيلي ۽ باغ علي چنڙ 465 ووٽ کنيا، ضلعي ڪائونسل لاءِ پ پ اميدوار علي نواز خاصخيلي 4365 ۽ سندس مخالف ف ليگ اميدوار علي اڪبر چنڙ 495 ووٽ کڻي سگهيو، يوسي پير فقير شورو ۾ ضلعي ڪائونسل جي واحد سيٽ تي پ پ جو حاجي مختيار شوري 4347 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار ايس يو پي جي منظور ٿهيم رڳو 14 ووٽ کنيا، جڏهن ته يوسي ڪنب ڏاڙهو ۾ صرف جنرل ڪائونسلرن جي 3 سيٽن تي 3 ئي پ پ اميدوار ڌڻي پرتو ڀاڻو، مبارڪ ڀٽي ۽ عامر راجپوت ڪامياب ٿيا، واضح رهي ته 3 يوسيز تي پ پ جا اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، باقي تعلقي ٽنڊو آدم جي 2 يوسيز ۽ ميونسپل ڪميٽي جي 23 وارڊن تي حد بندين جي تڪرار سبب اليڪشن ملتوي ٿيل آهي، جيڪا بعد ۾ ٿيندي، هوڏانهن کپري جي 15 يوسيز مان 10 يوسين تي پ پ کي سرسي ملي آهي، پيپلز پارٽي يوسي سمن آباد، راڻڪ ڏهر، هٿونگو، لوڻ کاڻ، حافظ راڄڙ، کاهي، روڻجھو، حمزو درس، ڀوپي ۽ ڀٽ ڀائٽي (بنا مقابلي) تي ڪاميابي ماڻي آهي، ف ليگ کي يوسي بلال، يوسي ڪامل هنڱورو، يوسي قاضي فيض محمد، کوڙي ۽ بانڪو تي ڪاميابي ملي آهي، تعلقي سنجھوري جي يوسيز ۾ پڻ پ پ کي سرسي ملي آهي، يونين ڪائونسل پريتم آباد ۾ پ پ ڪلين سوئپ ڪيو آهي، جڏهن ته ڄام نواز علي تعلقي ۾ يونين ڪائونسل 84 جمڙائو تان پاڪستان مسلم ليگ ف کي ڪاميابي ملي آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *