ش ليگ بڻيل ن ليگ

                 وزارت عظميٰ ۽ پارٽي صدارت تان نااهل ٿيل نواز شريف مسلم ليگ (ن) جو تاحيات قائد ۽ شهباز شريف وقتي صدر چونڊجي ويا آهن.  مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو جو اجلاس پارٽي چيئرمين راجا ظفرالحق جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ نواز شريف، شهباز شريف، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اسپيڪر اياز صادق، احسن اقبال، سعد رفيق، مريم نواز، حمزه شهباز ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ نواز شريف شهباز کي پارٽي جو وقتي صدر بڻائڻ جي تجويز ڏني. شاهد خاقان تاحيات قائد لاءِ نواز شريف جو نالو تجويز ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي .  اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته وزيراعظم ذليل ڪري لاٿا پيا وڃن، سياستدان آسان حدف خلاف آهن ۽ آمرن کي هٿ به نه ٿو لاٿو وڃي، ملڪ ۾ آمريت ناهي پر پوءِ به آمريتي دور جهڙا فيصلا ٿي رهيا آهن، ڪجهه طاقتون ملڪ کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃڻ چاهين ٿيون؟ 70 ورهين دوران ڪنهن به وزيراعظم مدو پورو نه ڪيو آهي، اسان کي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته آخر ڪيستائين ايئن ٿيندو رهندو، عوام ڪجهه ٻيو چاهي ٿو پر ڪجهه طاقتون ملڪ کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃڻ چاهين ٿيون، سياسي اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين کان جيڪو ڪجهه ٿيو ٿيندو آيو آهي قوم سامهون آهي. رڳو مان نه نڪتو آهيان پر 70 ورهين ۾ ڪنهن به وزيراعظم مدو پورو نه ڪيو آهي. ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي کي سينيٽ جي چونڊن مان آئوٽ ڪرڻ  قبولڻ جوڳو ناهي. اسان کي چور، ڦورو ۽ ڊرگ ڊيلر چيو ويو، ڪا هڪ، ٻن يا 10 رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي ته ٻڌائي وڃي. منهنجي خلاف ڪو ڪيس نئب نه ٺاهيو آهي، چونڊيل وزيراعظم کي ذليل ڪيو ويندو آهي، هر مارشل کي نظريه ضرورت تحت تحفظ ڏنو ويو، مارشل لا تي ٺپو هنيو ويو، آمرن جي هٿن تي بيت ٿيندي رهي آهي، 6 مهينن دوران منهنجي خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي. 1947ع کان جيڪو ڪم شروع ٿيو اهو اڄ تائين ختم نه ٿيو آهي، تاريخ کي قبر ۾ دفن نه ٿو ڪري سگهجي، هڪ نئين تاريخ لکجي رهي آهي، جيڪو 70 ورهين کان ٿيندو آيو آهي اهو تاريخ هڪ  باب آهي. مان حيران آهيان ۽ منهنجي حيراني بلڪل جائز آهي، ڪيستائين اسان ايئن ڪندا رهنداسين، اسان جي پارٽي ان کي قبول نه ڪندي جنهن کي وڻي ان کي هڪلي. پي سي او تحت قسم کڻڻ ملڪ ۾ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي.شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ ن خلاف فيصلن تي آواز اٿاريندس. اهم فيصلا نواز شريف ئي ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *