شڪارپور:هڪ ئي خاندان جا 50 ماڻهو پراسرار بيماري ۾ مبتلا، وس وارن ڌيان نه ڏنو

 

شڪارپور شهر کان 20 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ محمود پنهور ۾ هڪ ئي خاندان جي 50 کان وڌيڪ مرد توڙي عورتن کي پيدائشي طور تي هٿن ۽ پيرن ۾ صرف هڪ آڱر آهي جنهن ڪري اهي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. پراسرار ڳوٺاڻن کي هٿن ۽ پيرن ۾ وڌيڪ آڱريون نٿيون ٿين، انهي مسئلي جي ڪري نارين جون شاديون به نٿيون ٿين، ڪيتريون ئي عورتون وڏي عمر ٿيڻ باوجود ڪنواريون رهجي ويون آهن ۽ مرد توڙي عورتون بوٽ به نٿا پائي سگهن، عورتون آڱريون نه هجڻ کي علائقي واسي عيب سمجهن ٿا جنهن ڪري اهي متاثر عورتون ڪنهن ڪاڄ ۾ نه ٿيون وڃن ۽ صرف گهرن تائين محدود رهن ٿيون. چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا پاران علاج جا آسرا ڏنا ويا پر عمل ڪنهن نه ڪيو جنهن ڪري اهي مرد توڙي عورتون ڪراچي ۾ پني ڪري پنهنجو پيٽ پالڻ تي مجبور آهن. ڳوٺ جي وڏيري عبدالشڪور پنهور، نياز پنهور، ربنواز پنهور، غلام قادرپنهور، عبدالغفار پنهور ٻڌايو ته ان مسئلي جا صرف ٻه حل آهن پهريون ته خاندان ۾ پنهنجي نارين جون شاديون ڪرايون وڃن ۽ ڇوڪرن لاءِ ٻئي هنڌان رشتا ورتا وڃن، برادري جا ماڻهو رشتو ڪرڻ تي راضي ئي نٿا ٿين، ٻيو حل هي آهي ته انهن سڀني جا جزا ٽيسٽ ڪرايا وڃن ته جيئن ايندڙ نسل کي ڇوٽڪارو ملي سگهي، ڳوٺاڻن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن کي ووٽ نه ڏينداسين، هر ڀيري رڳو ڏٽا ڏنا وڃن ٿا پر علاج ڪير نٿو ڪرائي. ڊي ايڇ او هيلٿ منير جوکيي ٻڌايو ته اسان وٽ اهڙي ڪائي به شڪايت ناهي، باقي ڪير آيو ته انهي جو حل به بجيٽ تي هوندو. هوڏانهن سماجي اڳواڻ فدا حسين بروهي، عمران منگي، دانش حيدري، عبدالغفارابڙو، جسقم اڳواڻ عبدالسميع بلالي، امداد ويسر، مهراڻ هڪڙو، ذيشان گلشن جمالي ۽ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جي اها ذميواري آهي ته انهن جا جزا ٽيسٽ ڪري ليبارٽري اماڻيا وڃن ۽ هڪ آڱر وارن ماڻهن جي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهي پني پيٽ گذارو ڪرڻ کان بچي سگهن.

گهوٽڪي:دستي بم ڦاٽڻ واري واقعي ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي

گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ صيفل ڪولاچي ۾دستي بم ڦاٽڻ جي واقعي واري جاچ ۾ پوليس ڪابه اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته صرف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي، ان جي ابتڙ شهيد ٿيل نوجوانن جي وارثن کان آڏي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي، اهڙي ريت نوجوانن جي وارثن پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي گهوٽڪي جي صحت کاتي ۽ زخمي نينگر جو علاج نه ڪندڙ ڊاڪٽرن توڙي پوليس خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان رپورٽن موجب ڳوٺ صيفل ۾ بم ڌماڪي ۾ ٻن نوجوانن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جي ڊي ايس پي ارباب علي سومرو ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او سعيد احمد ڀيو جاچ ڪري رهيا آهن، ان هوندي به پوليس اڃا تائين ڪنهن نتيجي تي ناهي پهچي سگهي، ان سلسلي ۾ واقعي بابت جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي ارباب سومرو سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن سان رابطو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته بم ڦاٽڻ جي واقعي بعد حساس ادارن پاران به واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد جاچ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، حساس ادارا سنڌ جي مختلف شهرن کانپوءِ ٻهراڙي جي علائقي ۾ ٿيندڙ دهشت گرديءَ جي واقعن ۽ انهن جي نيٽ ورڪ بابت پتو لڳائڻ واري ڪم ۾ مصروف ٿي ويا آهن، هوڏانهن اي سيڪشن ٿاڻي تي شهيد ٿيل فداحسين ۽ وڪيل احمد  جي والد غلام نبي ڪولاچي جي فرياد تي قلم 302، 7 اي ٽي اي ۽ ڌماڪو ڪرڻ واري قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود واقعي ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، هوڏانهن شهيد ٿيل ٻنهي ڀائرن جي پونئيرن غلام نبي ڪولاچي،حبيب الرحمان، مولوي قمر الدين، حاجي حبيب الله ڪولاچي، ڪرم الدين ڪولاچي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته ايس پي اسپيشل برانچ جو ايس پي منصور مغل واقعي کي فرقيواراڻو قرار ڏئي رهيو آهي ۽ بم ڦاٽڻ جو ٽائيم غلط ٻڌائي رهيو آهي، شهيدن جي وارثن پوليس، صحت کاتي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان واضح ٿا ڪريون ته اسان وٽ فرقي واريت ناهي، هنن چيو ته ٻچا اسان جا شهيد ٿي ويا آهن، اسان جو درد سمجڻ بجاءِ پوليس وارا فرقا پڇڻ سميت اونڌا سڌا سوال ڪري رهيا آهن، صحت کاتي گهوٽڪي جي ڊاڪٽرن جي نااهلي جي ڪري اسان جو ٻيو ٻار شهيد ٿي ويو، جيڪڏهن واقعي وقت موجود هجن ها ۽ انهن کي فرسٽ ايڊ ملي ها ته ٻيو ٻار شهيد نه ٿئي ها، هنن چيو ته اسان منصور مغل ۽ صحت کاتي گهوٽڪي جي ڊاڪٽرن طرفان فرضن ۾ غفلت ڪرڻ خلاف عدالت جو دروازو پڻ کڙڪائيندا سون، هوڏانهن بم ڦاٽڻ سبب شهيد ٿيل ٻنهي ڀائرن فداحسين ۽ وڪيل احمد جي پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *