شيعا عالم شيخ نمر النمر جي سزا بعد ايران سعودي تڪرار

شيعا عالم شيخ نمر النمر جي سزا بعد سعودي عرب ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويو آهي، سعودي حڪومت ايراني سفير کي 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سعودي عرب ۾ مشهور شيعا عالم شيخ نمر النمر جي سزا بعد ايران سعودي سفير کي طلب ڪري شديد احتجاج ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي اختيارن پاران 2 ڏينهن پهرين ٻن مذهبي اڳواڻن شيخ نمر النمر ۽ فارس الشويل کي موت جي سزا ڏيڻ کانپوءِ کين سِر سِسيءَ کان ڌار ڪري ڇڏيو هو،جنهن کانپوءِ ايران سوڌو ڪيترن ئي ملڪن ۾ سعودي حڪومت جي اهڙي عمل خلاف احتجاج ڪيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايران جي به ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ شيعا مذهبي اڳواڻن جي قتل خلاف احتجاج ڪيا ويا.پرڏيهي ميڊيا کان ڄاڻ ملي آهي ته تهران  ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني ٻاهران شهرين احتجاج ڪيو ۽ سفارتخاني ۾ اندر داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ مڇريل ماڻهن سفارتخاني کي باهه ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي. جنهن بعد سعودي حڪومت ايران سان تحريري طور تي اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ ايراني سفير کي طلب ڪندي کيس 24 ڪلاڪن ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سعودي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي بيان موجب ايران جي اشتعال انگيز بيان جي جواب ۾ ايراني سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڇڪتاڻ سبب سعودي جي پرڏيهي سفير پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستاني پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل بن الجير ٻن ڏهاڙن واري دوري تي اڄ آچر ڏهاڙي پاڪستان پهچڻو هو، جيڪو دورو سعودي عرب ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ سبب ملتوي ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته دورو منسوب ناهي ٿيو ۽ ان حوالي سان جلد نئين تاريخن جو اعلان ڪيو ويندو، ياد رهي ته سعودي پرڏيهي وزير جي دوري دوران پاڪستاني سياسي ۽ عسڪري قيادت سان 34 ملڪن جي فوجي اتحاد ۽ پاڪستان جي ان بابت ڪردار جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه توڙي معاملا طئي ٿيڻا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *