شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي پشاور جي وائيس چانسلر جي مقرري ڪيس….

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته جنهن اداري ۾ هٿ وجھون ٿا اتان هڪ نئون داستان نڪري ٿو اچي. جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي پشاور جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان وائيس چانسلر جي مقرري جي معاملي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪي پي ڪي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اختيار ملڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي ايمان ٿي وڃي ته اها سسٽم جي خرابي ناهي،جنهن اداري ۾ هٿ وجهون ٿا انهيءَ جي هڪ نئين ڪهاڻي سامهون اچي ٿي وڃي.ان موقعي تي جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي بادشاهت ناهي جو جنهن کي چاهي ڦاهي ڏئي،جنهن کي هار پارائي،عدالتون سسٽم ناهن ٺاهينديون،پر قانون مطابق ڪم ڪنديون آهن.وڏي وزير بابت فيصلو ڏنو ته سڀاڻي ٻيو ڪو آفيسر ساڳيو معاملو کڻي ايندو،سندس چوڻ هو ته الله ڪري هي قوم سڌري وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *