شهيدن جي رت جي آخري قسط

                 وزيراعظم نواز شريف  قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد نرمي کي رياست جي ڪمزوري نه سمجهن، دهشتگردي ۽ فتنو اسان کي منزل طرف وڌڻ کان روڪي نه ٿا سگهن، بربريت جو مظاهرو ڪندڙن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، شهيدن جي رت جي قرض جي آخري قسط ادا ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، دهشتگردن جي لاءِ ملڪ جي سرزمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. هو اهڙي موقعي تي قوم کي مخاطب آهي جڏهن گلشن اقبال پارڪ لاهور جي افسوسناڪ سانحي سبب هر پاڪستاني جي دل زخمي آهي ۽ پوري قوم ڏک ۾ ورتل آهي. هن ياد ڏياريو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران پشاور، شبقدر، ڪوئيٽا، مردان ۽ٻين جاين تي پڻ دهشتگردن معصوم انسانن کي نشانو بڻايو. مون کي چڱي ريت اندازو آهي ته نرم هدفن کي نشانو بڻائي دهشتگرد ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. مون کي خبر آهي ته پنهنجي پناهگاهن، پنهنجي تربيتگاهن ۽ پنهنجي انفراسٽرڪچر کان محروم ٿيڻ کانپوءِ باقي بچيل عنصرن پنهنجي ناڪامين ۽ مايوسين کي لڪائڻ جي لاءِ لڪي درسگاهن، تفريحگاهن ۽ عوامي جاين تائين اچي پهتا آهن.

قوم آڏو ان وچن کي ورجائڻ جي لاءِ حاضر ٿيو آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺي رهيا آهيون ۽ اهو حساب چڪايو پيو وڃي ۽ ان جي آخري قسط ادا ٿيڻ تائين اسان سک سان نه ويهنداسين. جون 2013ع ۾ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن کان ئي اسان دهشتگردي جي خاتمي جو پڪو عزم ڪيو هو. ان ڳالهه تي افسوس  آهي جو اٽڪل 13 سالن تائين ڪنهن به ان خطري جي اکين ۾ ۾ اکيون وجهي نه ڏٺو. اسان جو عظيم دين امن، سلامتي، محبت ۽ ڀائيچاري جو دين آهي، اهو دين جنهن هڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو آهي. اسان انهي رسول مقبول صه جا امتي آهيون جيڪو سمورن جهانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيو، جنهن انسانيت کي حسن اخلاق، حسن ڪردار ۽ حسن عمل جو سبق ڏنو.الله ۽ رسول جي نالي تي لاقانونيت، جلاءُ گهيراءُ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، بدامني پکيڙڻ ۽ عام انسانن جي لاءِ، عام مخلوق جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ ڪنهن به طرح قابل قبول نه آهي. ان سلسلي ۾ رکيل نرمي کي رياست جي ڪمزوري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بيوسي نه سمجهيو وڃي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي.

هن وقت تائين حڪومت صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ته جيئن معصوم ماڻهن جا مذهبي جذبا اڀارڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪامياب نه ٿين پر واضح رهي ته اشتعال پکيڙڻ، نفرتن جي باهه ڀڙڪائڻ، فرقيواريت کي هوا ڏيڻ ۽ عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندڙن کي ضرور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. گذريل ٽن سالن دوران حڪومت جي پڪي عزم، هٿياربند فوج، پوليس ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي جدوجهد ۽ عوام جي حمايت سان دهشتگردي جي وارداتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، اسان انهن کي ٻيهر ڪنڌ کڻڻ نه ڏينداسين، اسان انهن کي پاڪستان جي عوام جي جانين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دهشتگرد اهو نه وسارين ته عظيم پاڪستاني قوم هڪ فولادي عزم رکي ٿي، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون نه ان قوم جي پڪي ارادن کي ڪمزور ڪري سگهن ٿيون نه انهن جي وڌندڙ قدم روڪي سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *