سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا وڃن

 

پشاور اسڪول تي حملي کانپوءِ جڏهن سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ انتظامي سطح تي هر هنڌ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، پر ان باوجود ڪنهن کي اهو خدشو نه هو ته سنڌ جي شڪارپور ضلعي ۾ امام بارگاهه تي جمعي نمازدوران دهشتگردي جي بدترين ڪارروائي ڪندي 60 کان وڌيڪ نمازين کي شهيد ڪيو ويندو، شڪارپور کانپوءِ سيڪيورٽيءَ جا انتظام توڙي جو سخت ڪيا ويا آهن، پر ڪنهن به وقت ڪنهن به شهر ۾ اهڙي قسم جي اڻوڻندڙ ڪارروائي جا خدشات موجود آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ اندر سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت بڻائن جون هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ سکر ڊويزن ۾ به ساڳي طرح امن امان جي بحاليءَ لاءِ پڻ سخت ڪوششون ورتيون وڃن پيون، ان حوالي سان ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ شڪارپور سانحي کانپوءِ سکر ڊويزن ۾ سڪيورٽي جا مڪمل فول پروف انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي سڄي ملڪ لاءِ چئلينج آهي، جنهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سماج جي هر فرد کي پنهنجي صفن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي مستقبل جي معمارن کي پرامن پاڪستان ڏيڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي آفيس ۾ ڪوٺايل ڊويزنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو، اجلاس ۾ دهشتگرديءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جوڙيل قومي ايڪشن پلان تي غور ويچار ڪندي سکر ڊويزن جي سمورين ننڍي وڏين سرڪاري عمارتن، اسڪولن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين عبادتگاهن سميت سمورن عوامي هنڌن تي چوڪسي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ضرورت پوڻ تي رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان پڻ مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن کي اسان سڀني کي گڏجي حل ڪرڻو ۽ منهن ڏيڻو آهي. هن چيو ته پشاور آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۽ شڪارپور ۾ امام بارگاهه تي بم حملي کانپوءِ حڪومت پاران حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن ۽ سکر ڊويزن ۾ امن امان جي قيام جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪنگ وڌائڻ ۽ سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي داخلي رستن تي نادرا جي سهڪار سان بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي ۽ تصديق کانسواءِ ڪوبه غيرقانوني ماڻهو داخل نه ٿي سگهندو. ڪمشنر سکر ڊويزن تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي مهيا ڪيل ايس او پي تي عمل ڪندي سيڪيورٽي جي انتظامن کي يقيني بڻائين ۽ سرڪاري اسڪول ايس ايم سي فنڊن مان پرائيويٽ گارڊ مقرر ڪري سگهن ٿا. هن چتاءَ ڏنو ته جيڪي به پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليج انتظاميه جي ڏنل ايس او پي تي عمل نه ڪندا اُنهن جي اين او سي رد ڪئي ويندي. ڪمشنر اها پڻ هدايت ڪئي ته جن پرائيويٽ اسڪولن ۾ شاگردن جي يونيفارم فورسز جي طرز تي هُجي اُن ڊريس تي پابندي عائد ڪئي وڃي. ڪمشنر سکر ڊويزن گھوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اُهي پنهنجن ضلعن ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ محله ڪميٽيون ٺاهين ته جيئن اهي پنهنجي ڀرپاسي ٿيندڙ چرپر ۽ علائقي ۾ ڪنهن اجنبي يا شڪي ماڻهوءَ جي داخلا بابت وقتائتو اطلاع ڏين ۽ اسڪائوٽس توڙي سول ڊفينس جي عملي کي پڻ فعال بڻائين ته جيئن وقت ضرورت انهن کان مدد حاصل ڪري سگھجي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ ڊويزنل سطح جو هڪ ريسڪيو سينٽر جوڙيو وڃي جنهن ۾ ايمبولينسز سان گڏوگڏ ضروري خدمتون انجام ڏيندڙ ادارن جا فوڪل پرسن مقرر ڪيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته غيررجسٽرڊ گيسٽ هائوسز کي ختم ڪيو وڃي ۽ هر گيسٽ هائوس توڙي هوٽل ۾ رهندڙ ماڻهن جو رڪارڊ رکيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *