سينيٽ چونڊون ۽ تبديل ٿيندڙ سياسي وايو منڊل

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اختلافن جو فائدو وٺڻ لاءِ سياسي پنڊت متحرڪ ٿي ويا  آهن سينيٽ چونڊن ۾ اسيمبلي ميمبرن جا ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پرڪشش شين جو پيڪيج ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. پ پ به سينيٽ جي ميدان ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ سمورا داءَ پيچ ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي انگ جي اعتبار سان پ پ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي اڪثريت نمايا آهي. سينيٽ چونڊن ۾ پ پ کي پهريان 9 سيٽون حاصل ڪرڻ جي اميد هئي پر ايم ڪيو ايم اختلاف بعد پ پ سمورين سيٽن تي نظرون ڄمائي ورتيون آهن. ايم ڪيو ايم 37، پي ايس پي 8، فنڪشنل ليگ 9، تحريڪ انصاف3 ۽ ن ليگ جي 7 سيٽن سان گرينڊ مخالف ڌُر اتحاد هجي ها ته پ پ جون سينيٽ سيٽون محدود ڪري سگھجن پيون پر مخالف ڌُر جي عدم اتفاق جي ماحول ۾ پ پ مڪمل فائدو وٺڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي. سينيٽ چونڊن ۾ جنرل سينيٽ لاءِ 21 کان 22 جڏهن ته هڪ خصوصي سيٽ لاءِ 55 ميمبرن جي ووٽ جي ضرورت پوندي. تحريڪ انصاف جو ميمبر خرم شير زمان پهريان ئي ووٽن جي خريد ۽ وڪري جا الزام مڙهي چُڪو آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو هو ته اسيمبلي ميمبرن کي ووٽن خريداري لاءِ فونون اچڻ شروع ٿي چُڪيون آهن. گڏيل بحران بعد ٻولين جو اهو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي چُڪو آهي. ايم ڪيو ايم ميمبرن کي مسلسل آڇون ٿي رهيون آهن، هو پهريان ئي پارٽي کي ڌڙي بندي ۽ سينيٽ اميدوارن جي فوج کان پريشان آهي ته ووٽ نيٺ ڪنهن کي ڏيون. پي ايس پي ۾ ويندڙ ميمبرن جا دوست به فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، انهيءَ ڪري نتيجا حيران ڪندڙ ٿي سگھن ٿا. ايم ڪيو ايم هن وقت پنهنجي تاريخ جي بدترين بحران کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ڪيترائي ميمبر ته مستقبل کان به مايوس آهن اهڙي صورتحال ۾ هو آخري فائدو وٺڻ جي به سوچي سگھن ٿا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٻنهي گروپن جي سربراهن به پ پ تي سنئون سڌو الزام مڙهيو آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ تجوريون کوليون ويون آهن پر اسان جا اسيمبلي ميمبر وڪامڻ وارا ناهن تنهن هوندي. اطلاعن مطابق سنڌ جي وڏي سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سان رابطا شروع ڪيا ويا آهن، جنهن جو رسپانس به سُٺو مليو آهي. ايم ڪيو ايم جي 30 ورهين جي پارلياماني تاريخ ۾ اهڙو وقت ڪڏهن نه آيو جنهن ۾ پارٽي جي قيادت کي پنهنجن اسيمبلي ميمبرن تي اعتماد جو بدترين بحران نظر اچي رهيو آهي.هينئرتائين ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اسيمبلي ميمرن طرفان ڪنهن قسم جي راءِ سامهون نه آئي آهي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اهڙي صورتحال برقرار رهي ته سنڌ جي وڏي سياسي پارٽي پ پ فائدو وٺي سگھي ٿي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اسيمبلي ميمبر سينيٽ چونڊن کان اڳ ئي ونڊيل نظر اچي رهيا آهن. پي آءِ بي ڪالوني گروپ دعويٰ ڪئي آهي ته هنن وٽ 24 سنڌ اسيمبلي ميمبر آهن جڏهن ته بهادر آباد گروپ 15 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪئي آهي. 7 اسيمبلي ميمبر پي ايس پي ۾ شموليت ڪري چُڪا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جا 4 ايم پي ايز پرڏيهه آهن جن جو ملڪ اچڻ جو هينئر تائين ڪو امڪان ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *