سينيٽ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ نئون انڪشاف

سينيٽ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي ميمبرن پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه پهتو ته 2050 تائين بدين ۽ ٺٽو سمنڊ حوالي ٿي ويندا ۽ 2060 تائين ڪراچي جو شهر به سمنڊ ۾ ٻڏي ويندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد جي دريائي پٽي ۾ 80 ڪلوميٽر سمنڊ جو پاڻي مٿي اچي چڪو آهي، 1960 کان سمنڊ جي سطح ۾ واڌ  ٿي رهي آهي. گذريل 35 سالن دوران سنڌ ۽ بلوچستان جو 2 ڪلوميٽرن تائين حصو سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آهي، گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري 1989ع ۾ پاڪستان کي انهن  ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي. جن ۾ سمنڊ جي سطح وڌڻ جا اثر پوندا گڏجاڻي ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه  تحت گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ڇوڙ ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي سفارش ڪئي آهي ۽ اهو به ٻڌايو ته 365 ڏينهن مان 300 ڏينهن سجاول کان هيٺ دريا جو پاڻي نه ٿو  پهچي. چيو وڃي ٿو ته ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته  91 واري پاڻي ٺاهه واري معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو ويندو، ان لاءِ و زيراعظم کي خط لکيو ويندو.

سينٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ پيش ڪيل اهي ڇرڪائيندڙ انڪشاف يقينن انهن ماڻهن لاءِ حيرت انگيز هوندا، جن جو سڄو وقت بند ايوانن ۾ گذري ٿو، يا جن جو پير ڪڏهن به پٽ تي لڳي ئي نه ٿو ۽ نه ئي انهن کي ان ڳالهه سان ڪو مطلب آهي ته سنڌو درياءَ تي جيڪي ڌاڙا لڳي رهيا آهن، تنهن سان سنڌ ڪيتري تباهه ٿي رهي آهي. سنڌ جو ماڻهو هڪ ڊگهي عرصي کان اهي رڙيون ڪندو رهيو آهي ته  سنڌو درياءَ جو پيٽ خالي  ٿي رهيو آهي ته سنڌو درياءَ جي ڊائون اسٽريم ڏانهن پاڻي وڃڻ جي ڳالهه ته پري آهي، سکر بئراج کان ڪوٽڙي بئراج تائين جي وچ واري علائقي ۾ به واري اڏامندي نظر اچي ٿي. سنڌ جي ماڻهن کي اها پڪ ٿي  چڪي آهي ته ماضي  ۾ جيڪي ڊيم ٺاهيا ويا، انهن ڊيمن سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي گهڻائي رڳو ان وقت ڏٺي وڃي ٿي، جڏهن اترين علائقن ۾ وڏي پيماني تي وسڪارا ٿين ٿا ۽ ٻوڏ اچي ٿي انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ به برساتون پون ٿيون، ان ڪري سنڌ ۾ به فصلن لاءِ پاڻي جي ضرورت نه هوندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌودرياءَ ۾ ايندڙ چاڙهه جي ڪري درياءَ جي آس پاس وارن علائقن ۾ به ٻوڏ جا امڪان پيدا ٿيندا آهن، تڏهن ڪوٽڙي بئراج جا در مٿي کنيا ويندا آهن ته جيئن اضافي پاڻي سمنڊ ڏانهن ڇوڙ ڪري اهو ئي مدو آهي جنهن کي سينٽ ڪاميٽي کي ڏنل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال ۾ رڳو 65 ڏينهن ڊائون اسٽريم  ۾ پاڻي ڇوڙ ڪندو آهي. اسان کي افسوس ان ڳالهه تي  آهي ته وسڪاري وارن ڏينهن ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم مان هيٺ ويندڙ پاڻي کي هڪ طرف سنڌ پاران  زرعي پاڻي کي ضايع ڪرڻ وارا الزام لڳن  ٿا ته ٻئي طرف جڏهن سنڌ پاران 1991ع واري ٺاهه تي گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي ڳالهه ٿيئي ته جواب ۾ اهو چيو وڃي  ٿو ته واقعي سمنڊ ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ضرور ڇوڙ ٿيڻ گهرجي پر اهو پاڻي سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ اضافي نه ٿو ڏ يئي سگهجي، ان ڪري سنڌ پنهنجي حصي مان اهو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙڪري، هڪ طرف 1991ع واري ٺاهه کي هڪ مثالي ٺاهه قرار ڏنو وڃي ٿو ته ٻئي طرف ان ٺاهه تي عمل ڪرڻ جي جڏهن ڳالهه ٿيئي ٿي تڏهن سنڌ کي ابتا جواب ٻڌايا وڃن  ٿا. جڏهن ته  سنڌ ۾ پاڻي جي اڳ ئي شديد کوٽ آهي ته  ٻئي طرف جيڪڏهن سنڌ کي پاڻي جي ملندڙ حصي مان 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ ۾ جيڪو انڌو منڊو فصل ٿيئي ٿو اهو به نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته پاڻي جي اڃا به وڌيڪ کوٽ پيدا ٿي ويندي. بهرحال اسان وٽ مسئلو اهو آهي ته اسان جا سالن جا سال ڪنهن هڪ موضوع تي بحث ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا، پر نتيجو آخر تائين ٻڙي ئي نڪري ٿو.

1991ع واري ٺاهه کي به اڄ 25 سال ٿيڻ وارا  آهن. اسان اڄ ڏينهن تائين اهو فيصلو ڪري نه سگهيا آهيون ته سمنڊ ۾ ڪيترو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ گهرجي هڪ طرف اسان الزامن پٺيان الزام هڪٻئي تي هڻي رهيا آهيون ته ٻئي طرف سمنڊ جي دهشتگردي جاري آهي ۽ رڳو 4 سالن دوران بدين جي 31 هزار 303 ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، جيڪڏهن اسان پاران اها سستي ۽ ڪاهلي ٿيندي رهي ۽ سمنڊ ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ لاءِ گهربل پاڻي بابت فيصلو نه ڪيوسين ته پوءِ جهڙي ريت 25 سال گذري چڪا آهن، تهڙي ريت ايندڙ 25 سال ٺٽي ۽ بدين ضلعن لاءِ موت جو پروانو هوندا. اسان سينٽ جي ڪاميٽي پاران ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻڻ کي هڪ سڻائو فيصلو قرار ڏيندي سنڌ سرڪار کي صلاح ڏينداسين ته اها گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پنهنجو ڪيس مضبوطي سان تيار ڪري پيش ڪري ته جيئن سمنڊ جي دهشتگردي بند ٿي سگهي ۽ سنڌ جا 2 ضلعا اجگر سمنڊ جي وات ۾ وڃڻ کان بچي پون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *