سيد جي سالگرهه ۽ بغاوت جو ڪيس…!

سن ۾سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرھه تقريب ۾شرڪت ڪندڙن مختلف قومپرست پارٽين جي 52 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي ايڊيشنل ايس ايڇ او خادم حسين راڌڻ جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾جسقم چيئرمين صنعان قريشي، گلڻ عرف ايڊووڪيٽ ڪيهر انصاري، جسقم چيئرمين اسلم خير پوري، جسقم سينيئر وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور، جيئي لبرل فرنٽ چيئرمين نواز خان زئنور، حسين زئنور جسقپ آرگنائزنگ ڪميٽي جي چيئرمين سوڀ قمر ڀٽي، جيئي سنڌ تحريڪ ڪرناڻي گروپ جو مرڪزي اڳواڻ محمد قاسم عرف سورهيه سنڌي، انور علي ڪرناڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ  ظفر ڪوريجو، جسمم جو شهزاد منگلو، آصف جوڻو، جمي تنيو، وقار عرف وڪي چانڊيو، حبيب ولد سونو لغاري، نثار اوٺو، صدام نوحاڻي، بلاول پنهور، امام دين عرف طوطو چانڊيو، عمران لغاري، ڪامران لغاري، ابو نوحاڻي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،  قومپرستن تي داخل ڪيس ۾  01/2019 قلم A / 123 ملڪ جي خلاف ڳالهائڻ A/124 ملڪ سان بغاوت ڪرڻ ، 153 ملڪ خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ 149 هٿيارين جي نمائش ڪرڻ سميت مختلف قلم لڳايا ويا آهن، بغاوت جي ڪيس داخل ٿيڻ بعد قومپرستن جو موقف آهي ته بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ وارو  عمل سيد جي فڪر اڳيان حڪمرانن جي شڪست جو ثبوت آهي، سيد جو فڪر پيار، امن، رواداري ۽ آزادي جو فڪر آهي جنهن جي سالگرھه ملهائڻ تي سن ٿاڻي تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اسين سمجهون ٿا اهو اظهار جي آزادي تي وار آهي، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي ڳالهه ڪرڻ کي اسين قومي فرض سمجھو ٿا، ڪيس داخل ڪري اسان کي سائين جي ايم سيد جي فڪر تان هٽائي نٿو سگھجي. سنڌي ھڪ قوم آھي. اسان پنھنجي جداگانا قومي تشخص تان ھٿ نٿا کڻي سگھون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *