سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي روڪيو وڃي

 

سنڌ هميشه بين الاقوامي يتيم خانو رهي آهي، هتي توهان کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا انڌا، منڊا، لولا ۽ لنگڙا ماڻهو ملندا، هتي انهن کان ڪوبه پڇا ڪرڻ وارو ڪونه آهي ته توهان ڪٿان آيا آهيو …..؟ يا توهان کي هتي ڪنهن آندو آهي….؟ بس هتي جيڪو آيو سو اگھي ويو وارو ڪم هلي رهيو آهي. هن وقت سنڌ ۾ افغاني پٺاڻ تمام تيزي سان آباد ٿي رهيا آهن پر انهن کي ڪير پڇڻ وارو ڪير ڪونه آهي، افغانستان مان آيل افغاني هتڙي آساني سان شناختي ڪارڊ ٺهرائي هتان جا مستقل رهاڪو ٿي رهيا آهن، پوري سنڌ سان گڏ حيدرآباد ۾ به افغاني پٺاڻن سنڌ جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري يا سنڌي ماڻهن کان انهن کي ٻڌايل رقم کان به وڌيڪ پئسا ڏيئي انهن کان جڳهون، پلاٽ حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن علائقن مان سنڌي ماڻهن کي دربدر ڪري ڪڍي رهيا آهن، حيدرآباد ۾ افغاني پٺاڻن جي آباد ڪاري ڪا لڪل ڳاله ڪونه آهي ان جي خبر سنڌ پوليس کي به چڱي ريت آهي، ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ سنڌ پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي ڪري انهن کي گرفتار به ڪيو هيو پر پوليس سڳوري جھجھا پيسا حاصل ڪري انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي هو آزاد آهن انهن کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ وارو ڪير ڪونه آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪو نئون مسئلو ڪونه آهي پر هتي 1947ع کان هي سلسلو جاري آهي جيڪو اڃا تائين بند نه ٿيو آهي ۽ مسلسل ان ڌارين جي آبادڪاري نه فقط سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهي آهي پر انهن جا حق به غصب ڪيا پيا وڃن، جنهن جي ڪري اڄ پنج هزار سال پراڻي سنڌي قوم تباهي جي ڪناري تي اچي پهتي آهي سندن ڪوبه انهن کان حال پڇڻ وارو ڪونه آهي. اڄ سنڌ اندر سنڌين جو هي حال آهي ته سنڌي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون نه ٿيون ملي سگھي، اڄ ڏينهن ڏٺي جو سنڌين کان ملڪيتون ڦري انهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي، ڪوبه سنڌي اڳواڻ يا ڪو اهڙو ڪو سنڌ مخلص ڪونه آهي جيڪو سنڌي ماڻهن لاءِ آواز اٿاري سگھي، هتي هر سنڌي ڊنل آهي، هتي هر سنڌي ماڻهو کي بندوق جي زور تي هيسايو پيو وڃي، سرڪار هجي توڙي، اسان جا اڳواڻ انهن ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌين جي حمايت نه ڪئي آهي. اڄ ڌاريا جتي به پنهنجا پير کوڙين ٿا اتي اڳ ۾ پنهنجن ٻين ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سوچين ٿا ڇاڪاڻ ته جيترا انهن جا ماڻهو گھڻا هوندا اوتري انهن جي طاقت وڌيڪ ٿيندي. ٻئي طرف اسان جا سنڌي….!! بس ڇا ڳاله ڪجي جتي ڪنهن سنڌي جا ٻه گھر هوندا ته اهي ٻئي سنڌي اهو چاهيندا ته جيڪر پاڙي وارو سنڌي لڏي وڃي ته بهتر ٿيندو، اهو نه سوچيندو ته سندس طاقت به گھٽ ٿيندي پر سنڌي ماڻهو هر ٻئي سنڌي جا پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جڏهن ته ڌاريا ائين ناهن ڪندا اهو ئي سبب آهي ته اڄ سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿيندا وڃن پيا ۽ ڌاريا اسان وٽ اڪثريت ۾ تبديل ٿين پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *