سنڌ ۾ چونڊن دوران پاڪ فوج جي مقرري ٿيندي…..؟

سنڌ سرڪار سنڌ ۾ مخالف پارٽين جي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪ فوج جي مقري کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي  تعليم واري سينيئر  وزير نثار کهڙي چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران  پولنگ اندر فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي،اي اين ايف اسپتال جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي جو چوڻ هو ته آر او مقرر ڪرڻ ۽ پولنگس کي نارمل ، حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. پولنگ اسٽيشن اندر  ڊيوٽي فوج يا رينجرز جي نه پر پوليس جي هوندي آهي. حساس پولنگس بابت اليڪشن ڪميشن کي آگاهي ڏيڻ ضلعي انتظاميه جي ذميواري آهي. پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اينجٽ کانسواءِ ڪنهن کي به پولنگ اندر وڃڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي. صوبائي وزير پ پ جي باغي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي باري ۾ چيو ته لڳي ٿو ته  ذوالفقار مرزا خانگي فورس جوڙيو آهي ۽ جيڪو به فورس جوڙيندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.وفاق ذوالفقار مرزا کي پروٽوڪول ڏنو آهي ته ذميوار به اها هوندي.

مضبوط ۽ آزاد عدليه لاءِ بار جو ڪردار

گذريل ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي سپريم ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي نئين چونڊيل صدر علي ظفر جي قيادت ۾ نئين ڪابينا ۽ رٽائرڊ صدر فضل الحق جي قيادت ۾ رٽائرڊ عهديدارن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ بار جو تعاون اڻٽر آهي، ان کانسواءِ نظام نٿو هلي سگهي، مضبوط ۽ آزاد عدليه لاءِ مضبوط بار اڻٽر آهي، وڪيل غير ضروري هڙتالن کان پاسو ڪن ته جئين عوام جي اميدن تي پورا لهي سگهن، اها ڳالهه سٺي آهي جو نئين چونڊيل ڪابينا کي خطاب ڪري رهيو آهيان، بينچ ۽ بار وچ ۾ ويجهو تعلق انٽر آهي، ٻئي انصاف جي نظام جو لازمي حصو آهن، بينچ جي ذميواري خوف ۽ لالچ کانسواءِ قانون مطابق انصاف فراهم ڪرڻ آهي، بار جو فرض آهي ته هو عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ بينچ سان تعاون ڪري، ٻئي ادارا گڏجي عوام جون اميدون ۽ قانوني ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا ۽ ڪيسن جا فيصلا تيزي سان ٿي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *