سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ حڪومت

سنڌ ۾ هن وقت بيروزگاري واري جيڪاصورتحال آهي، اها نهايت ئي ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪا جاءِ خالي ٿيئي ٿي ته هزارين درخواستون پهچي وڃن ٿيون، جيڪو انگ 10 کان 15 هز ارن تائين به ڏسڻ ۾ آيو آهي. درخواست ڏيندڙن ۾ ايم ايس سي، ايم اي، ڊيل ايم اي ۽ ايل ايل بي پاس اميدوار به شامل هوندا آهن.جڏهن ته جاين جو انگ 50 کن مس هوندو آهي، جنهن کانپوءِ لکت جي ٽيسٽ ۽ انٽرويو وارو ڊرامو ٿيندو آهي ۽ من پسند ماڻهن کي ڪامياب قرار ڏيئي انهن جي ڀرتي ڪئي ويندي آهي،اسان وٽ جيتوڻيڪ ميرٽ جي ڳالهه ته هر ڪو ڪري ٿو پر اهو ڪيئن ممڪن آهي، مثال طور

اعلانيل 50 کن جاين لاءِ 10 هزار اميدوارن مان ميرٽ جي بنياد تي ڪنهن کي ڪيئن مقرر ڪري سگهجي ٿو. سا ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي اهو ئي سبب آهي جو ميرٽ جي سنئين سڌي لتاڙ ڪرڻ جو انٽرويو ڪندڙ اختيارين کي آساني سان موقعو ملي ويندو آهي. هاڻ جڏهن ملڪ ۾ بيروزگاري جي اها حالت هجي اتي ايمپلائمينٽ ايڪسچينج جي سڀني سينٽرن تي هڪ مهيني ۾ 3 هزار 552 ماڻهو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين تنهن جو مطلب اهو ئي نڪري ٿو ته بيروزگارن جو به هن اداري تي ڪو به اعتماد ناهي. ان ڪري ڪو به بيروزگار ان اداري ڏانهن اچڻ جو ارادو ئي نه ٿو ڪري، ظاهر آهي جڏهن اداري ڏانهن ڪو اچڻ ئي نه چاهيندو هوندو ته پوءِ آفيس ۾ 16 ۽ 17 هين گريڊ يا ان کان مٿي جا ويٺل عملدار ۽ ٻيو ماتحت عملو سڄو ڏينهن آفيس ۾ ويهي مکيون نه ماريندو ته ٻيو ڇا ڪندو، ڪجهه حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته جن بيروزگارن کي رجسٽرڊ ڏيکاريو ويو آهي، اهي به گهڻو ڪري رجسٽرڊ ٿيڻ لاءِ آيا ئي نه هوندا، پر اداري کي پنهنجي ڪا نه ڪا ته ڪارڪردگي ضرور ڏ يکارڻي آهي، ان ڪري ڪوڙا سچا نالا لکي اها خانه پري ڪري پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته اڄڪلهه ڪٿي به ڪا نوڪري جي جاءِ خالي ٿيئي ٿي ته ان لاءِ ته رشوت ورتي وڃي ٿي يا سفارش ذريعي ڪم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. انهن ٻن ڳالهين کانسواءِ نوڪري حاصل ڪرڻ جو ٽيون طريقو اڃا شايد ايجاد ئي نه ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ نوڪري ڏيارڻ واري آفيس بيروزگارن کي نوڪري تي ڪيئن لڳائيندي هوندي سا ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي.يعني سرڪاري ادارن ۾ ته هر نوڪري جو هاڻ اگهه مقرر آهي، هڪ گريڊ لاءِ هڪ لک رپيا 5 گريڊ لاءِ 5 لک ۽ 8 گريڊ لاءِ 8 لک رپيا ٻولي هلندڙ آهي. جڏهن ته اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن ۾ 161 ماڻهن کي ڪلارڪ 13 کي ٽيڪنيڪل ۽ 536 ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته روزگار ڏياريندڙ آفيس وٽ جادو جي ڪهڙي لٺ آهي، جنهن جي ڦيرائڻ سان اهي بيروزگارن کي نوڪرين سان لڳائڻ وارا ڪم ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 133 خانگي ادارن پاران 721 خالي جاين جو تعين ڪيو ويو.

اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن ادارو اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ اشتهارن کي پاڻ وٽ رجسٽر تي چاڙهي ۽ بيروزگارن کي رجسٽرڊ ڪرڻ کانپوءِ انهن ادارن ڏانهن اماڻڻ وارو ڪم ڪري ٿو ته پوءِ اهو پوسٽ مين وارو ڪم ڪرڻ لاءِ ايڏو وڏو ادارو جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ان ڪري يا ته ان اداري کي ختم ڪري ان عملي کي ٻين ادارن ۾ ضم ڪيو وڃي ته جيئن اهي مفت جون پگهارون کائيندڙ عملو حڪومت جي ڪم اچي سگهي ته ٻئي طرف بيروزگارن کي نوڪري ڏيارڻ جي نالي ۾ ٿيندڙ رجسٽريشن وارو فراڊ به بند ٿيئي، جيڪڏهن ائين ممڪن نه هجي ته پوءِ سرڪار سڀني ادارن کي پابند بڻائي ته جيڪو به بيروزگار ان اداري وٽ پاڻ کي رجسٽرڊ نه ڪرائيندو تنهن جي ڪنهن به اداري ۾ ڏنل درخواست تي غور نه ٿيندو، ائين ڪرڻ سان ادارو به سرگرم ٿي پوندو ۽ اداري کي ٿيندڙ آمدني مان ملازمن جي پگهارن وغيره جي سلسلي ۾حڪومت تي پوندڙ بار پڻ گهٽجي ويندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ائين ڪرڻ سان ڪجهه بيروزگارن جو به ڀلو ٿي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *