سنڌ ۾ رينجرز جي وٺ پڪڙ

وفاق جي ماتحت هلندڙ رينجرز سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ڪرپشن خلاف جاچ جي سلسلي ۾ ڇاپن ۽ ڪامورن جي وٺ پڪڙ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي مرڪزي آفيس تي ڇاپو هڻي عمارت کي ڪڙو چاڙهيو ويو، رينجرز اهلڪارن اڳوڻي ڊي جي منظور قادر بابت، شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن، چائنا ڪٽنگ ۽ مختلف رٿائن جي نقشن جي منظوري جي حوالي سان  پڻ معلومات ورتي، بعد ۾ رينجرز زمينن جي الاٽمينٽ وارو رڪارڊ ، ڪمپيوٽر ۽ اهم دستاويز پاڻ سان گڏ کڻي وئي. نيب سنڌ ۾ غيرقانوني پلاٽ الاٽ ڪرڻ وارين شڪايتن جي جاچ جي سلسلي ۾ سنڌ لائينز ايريا ري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 5 اهم عملدارن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو، مٿن اهو الزام آهي ته هنن چائنا ڪٽنگ وسيلي 1200 کان وڌيڪ پلاٽ مختلف مافيائن کي وڪرو ڪري ساڍا چار ارب رپين کان وڌيڪ رقم هڙپ ڪئي، نيب موجب ڄاڻايل عملدارن پنهنجي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪندي بلڊرز ۽ مافيائن کي غيرقانوني طور پلاٽ الاٽ ڪيا ۽ ڪرپشن ذريعي وڏو ناڻو ڪمايو. جڏهن ته اي سي ايل ۾ 50 کان وڌيڪ آفيسرن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن هو ٻاهرين ملڪن ڏانهن فرار نه ٿي سگهن، اطلاع اهي به آهن ته رينجرز جي ڇاپن سبب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊي جي منظور قادر عرف ڪاڪا ڪارروائين کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي دبئي فرار ٿي ويو هو، ان سان گڏوگڏ 30 کان وڌيڪ بلڊر دبئي فرار ٿي ويا آهن، نيب ۽ رينجرز سنڌ جي صحت، تعليم، مڪاني ادارن، ورڪس اينڊ سروسز، آبپاشي کاتن ۾ غيرقانوني ڪمن، اربين رپين جي ڪرپشن ۽ گوسڙو ملازمن خلاف وڏي پئماني تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ جي سگهاري قيادت ۽ اختيارين جي اتفاق سان سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ڪامورن خلاف جاچ ۽ گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سرڪاري کاتن جي ڪامورن خلاف رينجرز جي اهڙين ڪاررواين بابت آگاهه نه ڪرڻ تي صوبائي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي سخت احتجاج ڪندي ان تي خدشا ظاهر ڪيا آهن، سنڌ جي مختلف کاتن جي خلاف ڪارروائين ۾ ان وقت کان تيزي آندي وئي آهي، جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي جي رينجرز رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو هو ته ڪراچي ۾ هر سال غيرقانوني طريقن سان 230 ارب رپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا، جن ۾ سنڌ جون بااثر شخصيتون به شامل آهن. ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ ڪرپشن ٻه وڏا مسئلا آهن، جيتري گهرج دهشتگردي کان ڇوٽڪاري جي آهي، ايتري ئي وري ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جي خاتمي جي آهي، ڇو ته دهشتگردي توڙي ڪرپشن هوندي ڪو به ملڪ ترقي جي منزل ماڻي نٿو سگهي، جيستائن سوال سنڌ ۾ ڪرپشن جي الزامن يا حقيقتن جو آهي ته لازمي طور تي اسان کي ڪرپشن ڪندڙ هٿن تائين پهچڻو پوندو. ماضيءَ ۾ به پ پ جي هر حڪومت تي ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جا الزام لڳندا رهيا ۽ هاڻ به اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.سنڌ ۾ جيڪڏهن واقعي ڪرپشن جو وڏو آزار آهي يا مختلف سرڪاري کاتن جا ڪامورا بدعنواني جي بيماري ۾ مبتلا آهن ته انهن جو علاج ڪرڻ ضروري آهي، پر هتي ته علاج ڪندڙن تي ئي الزام لڳايا پيا وڃن ته پوءِ انهيءَ درد جي دوا ڪير ڏيندو؟

نيب جي ڪارروائين ۽ رينجرز جي وڌندڙ ڇاپن مان اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وفاق سنڌ حڪومت تي بي اعتمادي ظاهر ڪري رهيو آهي، اهو ئي نتيجو آهي ته ملڪ جي چئني صوبن مان گهڻي قدر سنڌ ۾ ئي ڪرپشن جو راڳ آلاپيو وڃي ٿو، ان سان نه رڳو سنڌ حڪومت پر پيپلزپارٽي جي استحڪام لاءِ به خطرو  پيدا ٿي رهيو آهي، بهرحال، اسين سمجهون ٿا ته ڪجهه ڪوتاهيون اسان جون پنهنجون به آهن، هر غريب ماڻهوءَ جي واتان اڄ به ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ نوڪريون رڳو پئسن تي ملن ٿيون، غريب جي ڪا جاءِ ئي ناهي، هاڻ ته پٽيوالي به وزيراعليٰ يا ڪنهن وزير جي اجازت بنا نٿي ملي! غريبن جي ذهن ۾ سنڌ حڪومت لاءِ اهڙي قسم جو تاثر پيدا ٿيڻ يقينن انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ڇو ته پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذالفقار علي ڀٽو جي منشور ۾ سڀ کان پهرين اوليت غريبن جي حقن کي هئي، جيڪڏهن انهن جي جاءِ هاڻ اميرن والاري آهي ته اها اسان جي پنهنجي ڪوتاهي سڏبي. خير، اڃا به وقت ويو ناهي، سنڌ حڪومت وٽ بهترين موقعو آهي ته صوبي ۾ شفاف نموني سان عوام کي صحت، تعليم ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن وفاق کي سنڌ حڪومت تي آڱر کڻڻ جي ضرورت نه پوي، سنڌ سرڪار تي اهو لازمي آهي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهڙو نظام جوڙيو وڃي، جنهن سان نه رڳو بدعنوانين ۾ ملوث ڪامورا قانون جي جڪڙ ۾ اچي سگهن، پر ان سان گڏوگڏ ڪرپشن مان به مڪمل طور تي ڇوٽڪارو ماڻي سگهجي، جيڪڏهن وفاق ڪنهن آڙ ۾ سنڌ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو اهم ۽ سنجيده معاملو آهي، جنهن تي وفاق سان باضابطا طور تي ڳالهائڻو پوندو، اميد آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي شفاف ۽ صاف سٿري بڻائي وفاق آڏو صوبي جي هر ان مسئلي کي اٿاريندي، جنهن سان عوام جون اميدون واڳيل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *