سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو پهريون مرحلو ۽ سرڪاري ملازمن جو ڪردار

31 آڪٽوبر 2015 تي پنجاب جيان سنڌ ۾ به پهريون مرحلو رت جي راندي بعد پنهنجي پڃاڻي تي پهتو بيگاني شادي عبدالله ديوانه جيان ڪيترن ئي ماڻهن جا اڃا تائين زخم به ختم نه ٿيا آهن، هاڻي وري ٻئي مرحلي جي تياري پئي هلي، جئين ته قانون موجب ڪو سرڪاري ملازم بلدياتي سميت عام چونڊن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي اهو ئي نه پر جيڪڏهن ڪو تازو رٽائرڊ ٿئي به ان کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ناهي هوندي، پر تازين بلدياتي چونڊن ۾ مختلف کاتن جا سرڪاري ملازم سري عام چونڊ مهم هلائيندي ۽ اميدوارن جي ڀرپور ساٿ ڏيندي نظر آيا آهن، توڙي جو انهن کي اڻڌريو ٿي ڪري پنهنجي نوڪري جا فرض انجام ڏيڻ گهرجين، ان باوجود سرڪاري ملازم اليڪشن جي چهچٽي ۾ سلهاڙيل رهيا، رڳو اهو ئي نه انهن جا ته اميدوارن جي چونڊ جلسن ۾ به گفتا ٻڌڻ آيا ۽ فوٽو سيشن پڻ ٿيندا رهيا. پوءِ ڇو نه اهي بئنڪ ملازم هجن يا اسڪول جا ماستر ، سرڪار کي عرض آهي ته سرڪاري ملازمن کي پنهنجي ڊيوٽي جو پابند ڪيو وڃي نه ڪي انهن کي اها کليل اجازت ڏني وڃي ته هو سري عام ڀوتارن جي چونڊ مهم هلائين ۽ پنهنجي نالن ۽ تصويرن سان پينا فليڪس ۽ پملفليٽ ڇپائي ديوارن جي زينت وڌائيندا وتن، سندن ڪم پنهنجي آفيس يا اسڪول ۾ ذميواري نڀائڻ جو آهي جنهن جو هو پگهار کڻي رهيا آهن، جيڪو قوم جو فرض پڻ آهي ان ڪري سرڪار سڳوري ايندڙ چونڊ مرحلي ۾ اهڙي قسم جي سرگرمين تي نظر وجهي اهڙا حڪم جاري ڪري جئين ڀوتارن جي چونڊ سرگرمين ۾ عوام جا نوڪر کين آفيسن ۾ رولي پاڻ اليڪشن ڪمپين هلائڻ لاءِ نڪتل هجي ۽ ماڻهو آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا وتن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *