سنڌ ۾ استاد تنظيمن تي پابندي، امڪاني گوسڙن جو ميدان تي نڪرڻ ۽ ملتوي ڪيل پوليو مهم

گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سوڌو ٻين اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران استاد تنظيمن تي پابندي جي منظوري ڏني وئي. ان کانسواءِ تعليمي کاتي کي لازمي خدمت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته تعليمي کاتي مان گوسڙو ملازمن جو خاتمو ڪيو ويندو ته جئين بهتر تعليم کي هٿي ڏئي سگهجي. ساڳئي ئي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حفاظتي انتظام نه ٿيڻ ڪري پوليو مهم عارضي طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پوليو جي روڪٿام واري پروگرام جو جائزو ورتو ويو جنهن دوران بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته مڪاني چونڊن سبب پوليس اهلڪارن جي کوٽ ٿيڻ ڪري پوليو مهم لاءِ حفاظتي انتظام نٿا ڪري سگھجن، ان اجلاس ۾ پوليو جي روڪٿام واري پروگرام جي چيئرپرسن عذرا فضل پيچوهو، سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، آئي جي سنڌ جي بريفنگ بعد عذرا فضل پيچوهو چيو ته جيستائين پوليو ٽيمن جي حفاظت لاءِ انتظام نٿا ڪري سگھجن، تيستائين مهم نٿي هلائي سگھجي.جنهن بعد باضابطا طور پوليو مهم عارضي طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هدايت ڪئي ته مڪاني ادارن جي چونڊن سان گڏوگڏ پوليو مهم لاءِ 3 هزار اهلڪارن جو بندو بست ڪيو وڃي، جنهن لاءِ وي وي آءِ پيز کي سيڪيورٽي لاءِ ڏنل اهلڪار واپس گهرايا وڃن. سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن سبب امن امان جي صورتحال کي نظر ۾رکندي پوليو مهم کي عارض طور ملتوي ڪرڻ سٺو قدم آهي گڏو گڏ سنڌ حڪومت استادن جي تنظيم جي جيڪا پابندي مڙهي آهي اهو قدم پوليو معاملي کان به وڌيڪ بهتر آهي، سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ڪارڻ اهي گوسڙو استاد ئي آهن جيڪي ڪڪڙن جي ميل توڙي ٻيا ڪم ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن باقي تعليم ڏيڻ کان ڄڻ ڪو تپ چڙهيل هجين، اسڪول ڊيوٽي نه ڪندڙ استاد خلاف ڪارروائي ٿئي ٿي ته نام نهاد گوسڙو تنظيمن جا اڳواڻ بوڇڻ ڪلهي تي رکي ميدان تي نڪري پون ٿا جن کي روڪڻ لاءِ تنظيم تي پابندي سٺو قدم آهي، هاڻي سوال اهو ٿو اٿي تي ڇا سنڌ سرڪار پنهنجي کنيل قدم تي ڄمي بيهي ٿي يا استادن جي احتجاجن اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏي ٿي اهو وقت ٻڌائيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *