سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي آصف زرداري تيار ٿيئي آئون لاڙڪاڻي اچي رهيو آهيان. سنڌ ۾ ظلم ۽ غربت جي چڪي ۾ پيڙجندڙ ماڻهن سان گڏ بيهنداسين. مون کي لاڙڪاڻي واري جلسي جو انتظار  آهي، اسان کي ظلم جو نظام ختم ڪرڻو آهي جيئن ته تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان ملڪ ۾ ” اڻ مندائتي سياسي موسم“ ۾ جلسن پٺيان جلسا ڪري رهيو آهي ۽ هر  جلسن ۾ هو جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿو يا حڪومت تي جيڪي حملا ڪري ٿو اهي کيس ان ڪري ڦٻي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ جون ٻيون سياسي پارٽيون پنهنجين توانائين  کي ايندڙ وقت لاءِ بچائي رکڻ جي چڪر ۾ جلسن  ۽ جلوسن واري سياست کان پاسو ڪري رهيون آهن، جنهن ڪري عمران خان جا ٿيندڙ جلسا”ون مين شو“ هجڻ ڪري نه رڳو عوام کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن پر ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ ته ملڪ جون سڀيئي سياسي پارٽيون ٻرن ۾ لڪي ويون آهن ۽ هر طرف عمران خان ئي عمران خان نظر اچي رهيو آهي، ڪنهن به جمهوري معاشري ۾ هر سياستدان کي پنهنجي راءِ ڏيڻ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ يا پنهنجو پروگرام عوام آڏو پيش ڪرڻ جو مڪمل حق  هوندو آهي. عمران خان اهو حق به رڳو موجوده جمهوري سرشتي هيٺ جائز ۽ ناجائز طريقن سان استعمال ڪندو نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته آمريتي دورن ۾ عمران خان ڪو جلسو ته پري جي ڳالهه آهي ڪڏهن پريس ڪانفرنس ڪندي به نظر  نه ايندو هو.

                      بهرحال عمران کي به کي هر قسم جو حق آهي ته اهو جلسن ۾ جيڪا به وڻيس اها ٻولي استعمال ڪري يا عوام کي ايندڙ وقت لاءِ نوان نوان رنگين خواب ڏيکاري. هونئن به هر قسم جا خو اب ڏيکارڻ هر سياستدان جو ڪم هوندو آهي پر ڏسڻو اهو هوندو آهي  ته جڏهن اهو سياستدان اقتدار ۾ اچي ٿو ته تنهن کانپوءِ هو عوام کي ڪهڙا سک ڏي ٿو ۽ پنهنجن واعدن تي ڪيترو عمل ڪري ٿو. في الحال ته عمران خان مستقبل ۾ ”کير ۽ ماکي جون نديون“ وهائڻ واريون  ڳالهيون ڪري رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته عوام جي سياسي سمجهه هاڻ ايتري مضبوط ٿي چڪي آهي جو اهي هاڻ ڪنهن سياستدان جي لفاظي واري ڄار ۾ ڦاسڻ بجاءِ وقت اچڻ تي سوچي سمجهي فيصلو ڪندا آهن، ان ڪري عوام جو فيصلو قطعي ۽ سمجهه ڀريو هوندو آهي، جنهن کي ڪو به رد ڪري نه ٿو سگهي. تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جيتوڻيڪ پنجاب ۾ وڏا وڏا جلسا ڪري هاڻ سنڌ۾ پير پائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ڪراچي کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ رکيل جلسي بابت هن ملتان واري جلسي ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها سنڌ واسين لاءِ يقينن ڳڻتي جوڳي آهي. جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته آصف زرداري سنڌ کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي ٿو، سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي، آصف تيار ٿيئي آئون لاڙڪاڻي اچي رهيو آهيان.

                      اسان عمران خان جي ان ڳالهه سان ته سهمت آهيون ته سنڌ ڪنهن جي به جاگير ناهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ڪو ”بني گالا“ ناهي، جنهن جي مالڪي ڪنهن ستين فارم تي چڙهيل هجي ۽ سنڌ نه ته آصف علي زرداري جي جاگير آهي ۽ نه ئي اها ڪو بمبئي بيڪري جو ڪيڪ آهي جنهن کي کائڻ لاءِ هر ڪنهن جي دل هرکندي هجي، جڏهن ته  سنڌ هڪ ملڪ آهي، جيڪو ڪروڙين سالن کان موجود هو ۽ سنڌ جي اها واحد اسيمبلي هئي، جنهن سڀ کان پهريائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارو ٺهراءَ پاس ڪيو، ائين کڻي چئجي ته پاڪستان جي تخليق ۾ سنڌ جو اهم ۽ بنيادي ڪردار آهي ۽ قائداعظم محمد علي جناح به سنڌ ڌرتي جو پٽ هو جنهن جي اڳواڻي ۾ هندستان جي مسلمانن کي آزادي نصيب ٿي. انهي ڌرتي جي عوام لاءِ جيڪڏهن ڪو اها راءِ قائم ڪري ٿو ته سنڌ جا ماڻهو اٻوجهه آهن ۽ انهن کي جاڳائڻ لاءِ ڪو ”ڪوهه ڪاف جو شهزادو“ ايندو سا هڪ ڀل آهي، جيڪا دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، جيڪڏهن سنڌ جو عوام جاهل اڻ پڙهيل وڏيرن ۽ جاگيردارن جي چنبي ۾ ڦاٿل ۽ هڪ مظلوم عوام آهي ته پوءِ موجوده نسل جي ابن ڏاڏن سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جو ٺهراءَ ڪيئن پاس ڪيو، جيڪڏهن اهي اڻ پڙهيل، جاهل ۽ سياسي طور تي ستل هجن ها ته يقينن اهي پاڪستان وارو ٺهراءَ ڪڏهن  به پاس نه ڪن ها، جڏهن ته ان وقت جي انگن اکرن موجب 1929ع ۾ دي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل کي ڄاڻ ڏني وئي هئي ته سنڌ ۾ مسلمانن جا ووٽ 60 هزار 838 ۽ هندن جا ووٽ 67 هزار 87 آهن ۽ جنهن  مان آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ۾ مسلمان ووٽرن جو انگ هندوئن جي ووٽرن کان گهٽ هوندي به انهن همت نه هاري ۽ اڳتي هلي انهن سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارو ٺهراءُ پاس ڪرايو جيڪو هڪ وڏو تاريخي ڪارنامو آهي، اهڙي سجاڳ قوم کي جيڪڏهن ڪو سجاڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ته پوءِ پڪ سمجهڻ گهرجي ته اهو پاڻ اڃا ”خواب غفلت “ ۾ آهي ۽ ان کي پاڻ کي سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي.

                      اسان سمجهون ٿا ته عمران خان جو اهو چوڻ ته آصف زرداري سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهي ٿو سا ڳالهه قطعي طور تي غلط آهي، سنڌ جو عوام سنڌ کي ڪنهن جي جاگير  ٿيڻ نه اڳ ڏنو هو ۽ نه ئي هاڻ ڪنهن کي اجازت ڏيندو، پر عمران خان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ڪو ”سومناٿ مندر“ به ناهي جنهن کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪو سياستدان ور کنجي ميدان تي لهڻ جون تياريون ڪري ۽ ان خيال سان ڪاهه ڪري  ته سنڌ کي سومناٿ مندر وانگر فتح ڪرڻو آهي. سنڌ جو عوام سنڌ کي جيڪڏهن ڪنهن جي جاگير نه ٿو سمجهي ته ان کي سومناٿ مندر به نه ٿو سمجهي سنڌ، سنڌجي عوام ۽ سنڌي ماڻهن جي ماءُ آهي ۽ ان کي انهي اک سان ڏسي ٿو ۽ ان ڏانهن  ڪا ميري اک ته پري جي ڳالهه آهي جيڪڏهن ڪو آڱر به کڻي ٿو ته سنڌ جو عوام ان آڱر کڻندڙ شخص جي ارادن جا به ان وقت ئي پيرا کڻڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *