سنڌ ڪابينا به ڪمند جي اگهه جومسئلو نبيري نه سگهي…!

گذريل ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ  سنڌ ڪابينا جو اجلاس  ٿيو جنهن ۾ ڪمند جي اگهه ۽ آبادگارن ۽ شگرمل مالڪن وچ ۾ اگهه واري مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته زراعت کاتي کي اجازت ڏني وڃي ته اهي اسٽيڪ هولڊرز لاءِ قابل عمل حل جي ڳولا لاءِ وڌيڪ ڪوششون ورتيون وڃن. ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي زراعت ۽ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته شگرڪين ڪنٽرول بورڊ جي روشنيءَ ۾ ڪمند جو اگھه 182 رپيا في چاليهه ڪلوگرام مقرر ڪيو ويو هو جنهن کي مل مالڪن هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو. عدالت زراعت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اهي آبادگارن ۽ مل مالڪن وچ ۾ مامري جي نبيري لاءِ ڪوششون وٺي ۽ ان مامري کي ڪنهن ريت حل ڏانهن آندو وڃي. آبادگارن ۽ مل مالڪن سان ڪيترائي اجلاس رٿيا ويا آهن، آبادگارن جو مطالبو 216 رپيا في چاليهه ڪلوگرام هو جڏهن ته مل مالڪ 132 رپيا في چاليهه ڪلوگرام تي اڙيل رهيا. زراعت کاتي گهٽ ۾ گهٽ اگهه 142 رپيا في چاليهه ڪلوگرام تجويز ڪيو پر ٻنهي ڌرين اتفاق نه ڪيو. ٻيهر هڪ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پاسما (پي اي ايس ايم اي) 153 رپيا في چاليهه ڪلوگرام اگهه جي تجويزڏني، ان مرحلي تي آبادگارن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اگهه 160 رپيا في چاليهه ڪلوگرام مقرر ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت 12 رپيا في چاليهه ڪلوگرام سبسڊي ڏئي ۽ اهڙي ريت قيمت 172 رپيا في چاليهه ڪلوگرام ٿي ويندي، جهڙيءَ ريت 15-2014ع ۾ هئي.ڪابينا ان مامري جو غور سان جائزو ورتو ۽ آخرڪار چيو ته صوبائي حڪومت سبسڊي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي. زراعت کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته اسٽيڪ هولڊرن سان هڪ ٻيو اجلاس معنقد ڪري ۽ عدالت جي صلاح تحت مامري جو قابل عمل حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڪابينا جي ٻئي ايجنڊا سنڌ پبلڪ پرائيوٽ ايڪٽ 2010 جنهن تي غور ڪيو ويو ۽ سنڌ پبلڪ پرائيويٽ ايڪٽ 2010 ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي. آبادگار اڳواڻن زاهد ڀرڳڙي ۽ قبول کٽياڻ  جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ پاسما سان ڳالهيون ڪيون پر ڪو به نتيجو نه نڪتو، هاڻي معاملي اڄ عدالت ۾ کڻنداسين ۽ اسان کي عدالت مان ئي انصاف جي اميد آهي، عدالت جيڪو به فيصلو ڪيو اهو قبول هوندو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *