سنڌ کي مليل وسيلن بنا اختيار

18هين ترميم کانپوءِ ته صوبن کي وڌيڪ اختيار ملي ويا آهن، پر اها ڳالهه به اهم آهي ته رڳو اختيار ملڻ سان ته ڪاروهنوار نٿو هلي سگهي، ڇو ته مالي وسيلا وفاق جي هٿ وس آهن، جن مان سنڌ تقريبن 66 سيڪڙو روينيو گڏ ڪري وفاق کي ڏئي ٿي، ان جي باوجود سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ گهٽ ملڻ وڏي ناانصافي آهي، ماضي تي نظر ڦيرايون ته اهي ثابتيون ملن ٿيون ته سنڌ سان سدائين هر پليٽ فارم تي زيادتي، بدديانتي، ناانصافي ۽ ظلم ٿيندو رهيو آهي، پوءِ اهو پاڻيءَ تي ڌاڙي جي صورت ۾ هجي يا وري اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست، ٻيو وري حد کان وڌيڪ ظلم ته اهو آهي جو وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾سولر ۽ ونڊ پاور پلانٽن تي پابندي لاڳو ڪيل آهي، جنهن خلاف پڻ سنڌ حڪومت سخت احتجاج ڪيو آهي. وفاقي سرڪار پاران اهو جواز پيش ڪيو پيو وڃي ته ونڊ ۽ سولر پاور پلانٽن مان پيدا ٿيندڙ بجلي ۽ انهن لاءِ ٻاهران گهرائي ويندڙ مشينري جي اگهن تي وڏا مسئلا پيدا ٿيندا. اسان جو وفاق کان سوال اهو آهي ته سنڌ جي مستقبل سان وابسته فيصلا اڪيلي سر ڪرڻ جو ڪهڙو مطلب آهي، ڇا وفاق سنڌ کي پٿرن جي دور ۾ ڌڪڻ جي خواهش رکي ٿو يا سنڌ جي ترقي سندس اک ۾ ڪنڊو محسوس ٿئي ٿي؟ اسين وڏي وزير جي انهيءَ فيصلي ۽ احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا، جنهن ۾ هن احتجاجن وفاق کي بجليءَ جون رهتون نه ڏيڻ جو چتاءُ ڏنو آهي. ٻڌايو ته اهو به ويو آهي ته حيسڪو ۽ سيپڪو پاران سنڌ سرڪار جي ادارن تي 17 ارب رپين جو رهتون ڏيکاريون ويون، پر جڏهن انهن جي تصديق ڪرائي وئي ته ان مان 8 ارب رپيا اضافي بلن جي صورت ۾ نڪتا، اهڙي صورتحال ۾ بجلي جا بل ڀريندڙ عام صارفين کي بجلي ورڇ ڪندڙ ادارن تي ڪهڙو ويساهه ٿيندو؟ اسين سمجهون ٿا ته اين ايف سي ايوارڊ ورهائڻ ۾ دير لاءِ نئين مالي سال جي بجيٽ جي تيارين جو بهانو اجايو آهي، اهڙن بهانن سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ وفاق جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ناتو هجي، جيڪو زيادتين ۽ ناانصافين جي صورت ۾ نڀايو پيو وڃي. 18هين ترميم کانپوءِ هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم، صحت، توانائي سميت جيڪي به شعبا ۽ کاتا صوبن کي منتقل ڪيا ويا آهن، انهن جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ وفاق مالياتي فنڊ به ادا ڪري، رڳو اختيار ڏئي هٿ ڪڍڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ وفاق اڳ ئي انهن منصوبن جي تيارين ۾ هو ته وفاقي ناڻو گڏ ڪري ڪنهن مخصوص صوبي تي خرچ ڪرڻو آهي، اهڙي سوچ ۽ فهم سان صوبن ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويندا ۽ نتيجو عوام لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندو. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها پنهنجي حقن لاءِ وفاق آڏو مضبوط ڪيس تيار ڪري پنهنجا پير ڄمائي بيهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *