سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2015ع اتفاق راءِ سان منظور

 

سنڌ اسيمبلي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2015ع کي اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. بل موجب چونڊن واري طريقي کي تبديل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حلقن جي تڪبندين جو اختيار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سياسي جماعتن کي چونڊن لاءِ اڳ اميدوارن جا جيڪي پينل نامزد ڪرڻا هئا، اهو طريقو ختم ڪري وارڊ کي بنيادي يونٽ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هر يونين ڪائونسل ۽ يونين ڪاميٽي ۾ 4 وارڊ هوندا ۽ هر وارڊ ۾ سياسي جماعتون پنهنجا اميدوار بيهاري سگهنديون. ترميم موجب ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ يونين ڪاميٽي ۾ آبادي جي حد 40 کان 50 هزار هوندي. اسان سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي مذڪورا بل کي اتفاق راءِ سان منظور ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا. جڏهن ته اها اميد به ڪريون ٿا ته حڪومت جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي، مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائيندي جيئن ته مڪاني ادارن جي جوڙجڪ بابت سنڌ جي مختلف سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو، ڇاڪاڻ ته گذريل دور ۾ سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي جنهن طريقي سان تڪن جون حد بنديون ڪري رهي هئي، تنهن تي ڪراچي جي لساني جماعت جو سخت اعتراض هو، سندن موقف هو ته حڪمران جماعت پنهنجي مرضيءَ سان تڪبنديون ڪري سندن مضبوط حلقن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ ان سلسلي ۾ متحدا پاران اهڙا ڪي ثبوت ميڊيا آڏو نه رکيا ويا هئا پر جيئن ته متحدا پنهنجي هر ڳالهه کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وارو حربو اختيار ڪندي آهي ۽ ڪارڪنن جي جذبن کي ايترو مٿي کڻي ايندي آهي جو عام ماڻهو به اها ڳالهه سمجهڻ لڳندو آهي ته واقعي حڪومت ڪا هيرا ڦيري ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته حڪومت دليلن ذريعي پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ ايترو ته ناڪام ٿي جو اڪثر حلقن کي اهو شڪ وڌيڪ ٿيڻ لڳو ته ڪو چڪر ضرور آهي. اهڙي شڪايت رڳو متحدا کي نه هئي پر مسلم ليگ فنڪشنل به ساڳئي قسم جي دانهن ڪئي ته فنڪشنل مسلم ليگ جي مضبوط حلقن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ متحدا ۽ مسلم ليگ فنڪشنل کي اعليٰ عدالت جو در کڙڪائڻو پئجي ويو، جنهن ڪري مڪاني ادارن واريون چونڊون ويجهو ايندي ايندي تمام گهڻو ڏور ٿي ويون. هونئن به پيپلز پارٽي تي اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته اها جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي تڏهن مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرڻ کان لنوائيندي رهندي آهي ۽ مڪاني ادارا نامزد ڪيل ايڊمنسٽريٽرن جي حوالي ٿي ويندا آهن ۽پوءِ هر طرف ڪرپشن جو راڄ نظر ايندو آهي. اسان سمجهون ٿا ته لڳي ٿو ته سنڌ سرڪار به اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي آهي ته ايڊمنسٽريٽرن حوالي مڪاني ادارا ڪرڻ سان ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ شهرن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، سنڌ جو هن وقت ڪو به اهڙوشهر ناهي، جنهن کي سنڌ جو صاف سٿرو شهر قرار ڏيئي سگهجي. ماضي ۾ ايوب خان جي دور ۾ سنڌ جي شهر ٽنڊي آدم کي صاف ترين شهر قرار ڏيئي ان کي انعام ڏنو ويو هو اهڙي ريت جنرل ضياءَالحق جي دور ۾ سجاول شهر کي صاف شهر قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته هاڻ اهڙي قسم جي ڪا به روايت باقي ناهي ۽ هونئن به سنڌ جا سڀيئي شهر گند جو ڍير بڻجي چڪا آهن، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سرڪار کي سنڌ کي سائو ستابو ڪرڻ لاءِ ٻوٽا پوکڻ ۽ صفائي جو عمل شروع ڪرڻو پئجي ويو آهي ۽ ان مهم کي هڪ سال تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻوٽا پوکڻ ۽ صفائي مهم جي نگراني ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ڪمشنر ۽ ٻين ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن. اسان سمجهون ٿا ته هن ڀيري حڪومت جيڪو قدم کنيو آهي اهو ڪجهه نظر به اچي رهيو آهي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڳچ حصن تي صفائي ڪرڻ لاءِ عملو ڪم ڪندو نظر آيو آهي. اسان سڌ سماءَ ۽مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. جنهن ۾ هن چيو آهي ته اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي مڪاني کاتي ۾ گوسڙو ملازم ختم ٿيندا يا وري آئون وزارت ڇڏي ڏيندس. صوبائي وزير جيڪڏهن اها سرگرميءَ وزارت سنڀالڻ شرط ئي ڏيکاري آهي ته يقينن سنڌ جا شهر گند جو ڍير نه بڻجن ها اسان جي خيال ۾ سنڌ سرڪار کي جيڪڏهن اها مهم شروع ڪرڻي هئي ته ان کي رڳو روڊ رستن جي صفائي تائين محدود رکڻ بجاءِ سڀني سرڪاري ادارن اسڪولن ڪاليجن ۽اسپتالن تائين وڌائڻ گهرجي ها ته جيئن سرڪاري ادارن جون عمارتون جيڪي ڀوت بنگلا نظر اچن ٿيون انهن جو به ڪجهه سڌارو ٿي پئي ها. بهرحال مڪاني ادارن جون جيڪڏهن چونڊون ٿيل هجن ها ته سنڌ سرڪار جي وزيرن کي ٻهارا هٿن ۾ کڻڻ جي ضرورت ئي پيش نه اچي ها.

. اسان سمجهون ٿا ته مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ کانپوءِ حڪومت لاءِ جيڪو هن وقت مٿي جو سور آهي، اهو ڳچ حد تائين گهٽ ٿي ويندو ۽ مڪاني ادارا پاڻ ئي پنهنجن مسئلن کي منهن ڏيندا ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ان ڪري اسان جي صلاح آهي ته جڏهن هاڻ سنڌ اسيمبلي به ترميمي بل پاس ڪري ورتو آهي ته پوءِ دير ٿيڻ نه گهرجي ۽ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائي اهو گنگهر لاهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي گهربل سهولتون ا هي ادارا پاڻ ئي فراهم ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *