سنڌ طاس معاهدو، ڀارتي وفد پاڪستان پهچي ويو…!

سنڌ طاس واٽر ڪمشنر جي ٻن ڏينهن وارين ڳالهين جي اڄ سومر کان شروعات ٿيندي جنهن ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي وفد واگها جي رستي پاڪستان پهچي ويو آهي، 20 ۽ 21 مارچ تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان جو وفد انڊس واٽر ڪمشنر مرزا آصف بيگ ۽ ڀارتي وفد سڪسينا جي قيادت ۾ شرڪت ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي آبي معاملن کي غور هيٺ آندو ويندو، پاڪستان ڳالهين لاءِ ايجنڊا تي مشورو مڪمل ڪري آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي، پاڪستان جي اعليٰ آفيسرن سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهين لاءِ واگها بارڊر رستي پاڪستان ايندڙ 10 رڪني ڀارتي وفد کي ڀليڪار ڪيو، رپورٽ موجب ڳالهين ۾ چناب درياءَ تي ٺهندڙ 3 تڪرار منصوبا بحث هيٺ ايندا انهن ۾ مايار ڊيم، لوئر ڪلنائي ڊيم ۽ پاڪل دل ڊيم شامل آهن، 1960 ۾ طئه ٿيل سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ پاڻي جي تڪرار تي اهو 113 هيون ڳالهيون هونديون، انڊس واٽر ڪميشن موجب ڀارت پاران تعمير هيٺ ڪشن گنگا ۽ رتلي ڊيم تي ڳالهه ٻولهه ايجنڊا ۾ شامل نه آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ طئي ڪيو ويو هو، جيڪو عالمي معاهدو آهي، جنهن کي ائين هڪدم اعلان ڪري ختم ڪرڻ سولو ناهي، ڇوته ان جي ضمانت ورلڊ بئنڪ کنئي هئي، پر ان جي باوجود ڀارت ان معاهدي جون خلاف ورزيون ڪندو پيو اچي، جنهن خلاف پاڪستان مختلف سطحن تي احتجاج به ڪندو رهيو آهي، پر ان جو هن وقت تائين ڪوبه کڙتيل ناهي نڪري سگهيو. ڀارت چناب، جهلم ۽ سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهي رهيو آهي ۽ سندس پاران ان جو جواز بجلي پيدا ڪرڻ ڄاڻايو ويندو رهيو آهي. اصل ۾ ڀارت پن بجلي پيدا ڪرڻ بهاني پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي رٿابندي جوڙي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان هُو ڪيئي ڀيرا ان جو کُلي عام اقرار به ڪندو رهيو آهي، سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ سميت مودي پاران اهڙي قسم جي ٻين ڌمڪين جو مقصد ڀارت جي رياستي چونڊن ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ هو ۽ مودي جي جنگي سوچ ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ ويڇا وڌائي رهي آهي، جنهن جو نتيجو ائٽمي جنگ جي صورت ۾ به نڪري سگهي  ٿو، اڳ ئي اهي اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي معاملي ٿي جنگ ٿي سگهي ٿي ۽ هن وقت جيڪي آثار نظر اچن ٿا، تنهن مان ڀلي ڀت اندازو ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن اها اڳڪٿي درست ثابت ٿي ته انهيءَ جنگ جي شروعات هن خطي مان ئي ٿيندي! مودي جو مقصد به اهو ئي آهي ته انهن دريائن تي بَند ٻَڌي پاڪستان طرف وهندڙ دريائن جو رُخ ڀارت طرف موڙيو وڃي ۽ پاڪستان جي زرعي زمينن کي غيرآباد ڪري بنجر بڻائي سگهجي ته جيئن خطي ۾ تڪرارن کي اڃا وڌيڪ هٿي ملي سگهي. ڀارت جي اهڙي سازش تي پاڪستان اهو معاملو عالمي بئنڪ ۾ کڻي ويو ۽ ان کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو، پر ورلڊ بئنڪ به پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏيل اجلاس سڏائي معاملا طئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي ٻئي ملڪ پاڻي معاملي تي ڳالهين جي ميز تي اچي رهيا آهن.دريائن جو پاڻي گهٽجڻ ڪري پاڪستان ۾ جر جو پاڻي به زمين جي مقرر سطح کان هيٺ ٿي ويو آهي، ٻيو ته هتي ٽيوب ويلن جو غيرمعمولي استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان به زمين مان نڪرندڙ پاڻي جي سطح تي وڏو اثر پيو آهي، ساڳئي وقت افسوس ته ان ڳالهه تي به ٿئي ٿو ته ڀارت گذريل پنجاهه سالن کان پاڪستان جي دريائن جي منڍ تي ڊيم تعمير ڪري رهيو آهي، جن ذريعي هو پاڪستان جي حصي ۾ ايندڙ پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، پر پاڪستاني اختيارين طرفان ايڏي عرصي تائين ان معاملي تي سنجيدگي سان ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو، صرف دانهون ۽ڪوڪون ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، پاڻي مامرو هجي يا خطي جي ملڪن ۾ ڪشمير سميت ٻيو ڪوبه تڪرار، ان جي حل لاءِ بهتر حڪمت عملي ۽ رٿابندي جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جي پاڪستاني اختيارين وٽ کوٽ نظر اچي ٿي ۽ ان جو ڀارت گذريل وڏي عرصي کان فائدو کڻي رهيو آهي. ان ڪري پاڪستان کي اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن سان نه رڳو ڀارت پاڪستاني دريائن تي ڊيم تعمير ڪرڻ کان هٿ کڻي وڃي، گڏوگڏ پاڪستان پنهنجي حصي جو پاڻي به مڪمل طرح سان حاصل ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *