سنڌ جي ڪوٽا جو پئٽرول پنجاب موڪلڻ جو سلسلو شروع

 

پنجاب کان شروع ٿيل تيل بحران اسلام آباد ۽ پشاور کانپوءِ سنڌ پهچي ويو،  سنڌ جي ڪوٽا جو  پئٽرول پنجاب موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.ڪراچي جي مختلف علائقن جا پئٽرول پمپ بند ٿي ويا، شهري پريشان،  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به تيل جو اسٽاڪ ختم ٿيڻ لڳو. جنهن جا شروعاتي اثر ڪراچي ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. ڪراچي جي ڪيترن علائقن ۾ تيل کٽي ويو آهي. جنهن ڪري مختلف علائقن ۾ پيٽرول پمپ بند ٿي ويا آهن، گلشن اقبال، ڊفينس، ڪورنگي روڊ ۽شارع فيصل سميت مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن صبح جو ئي پئٽرول پمپ کلي نه سگهيا هئا، جڏهن ته خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته باقي کليل پئٽرول پمپ به تمام جلد بند ٿي ويندا. سنڌ ۾ تيل بحران جو سبب وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين کي ڄاڻايو پيو وڃي. سنڌ جي پئٽروليم ڊيلرز ايسوسيئشن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت هٿ سان سنڌ ۾ تيل جو بحران پيدا ڪري رهي آهي. ڊيلر ايسو سيئيشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ جو پئٽرول پنجاب موڪليو پيو وڃي، جيڪا سنڌ واسين سان زيادتي آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن فوري طور فراهمي شروع نه ڪئي وئي ته سنڌ ۾  بحران سنگين ٿي ويندو.  حڪومت سنڌ کي پنجاب جهڙين حالتن ۾ نه وجھي نه ته سڄي ملڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. هنن مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ جو تيل پنجاب موڪلڻ بند ڪري ٻئي طرف پئٽروليم ڊيلز ايسو سيئيشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيلرن ۽ پئٽرول پمپ مالڪن پنهنجا پمپ تيل کٽڻ جي ڪري نه پر هٿرادو بحران پيدا ڪري پوءِ مهانگي اگهه تي پئٽرول کپائڻ جي ڪري بند ڪيا آهن. جڏهن ته ڪلفٽن، ڊفينس، گلشن اقبال، ملير، اولڊ سٽي ايريا ۽ نيو ڪراچي ۾ ڪيترائي پمپ بند ٿي ويا.

ملڪ جي وڏي صوبي ۾ پئٽرول جو بحران انتهائي وڏي حد تائين وڌي ويو آهي، جنهن ڪري جتي مدد پريشان آهن، اتي پئٽرول وٺڻ لاءِ پئٽرول پمپن تي عورتن جون به قطارو لڳي ويون آهن ۽ اهو سڄو لقاءَ ميڊيا تي به ڏيکاريو پيو وڃي، پئٽرول جو بحران وڌڻ ڪري آخرڪار وزيراعظم به ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته پئٽروليم واري وزارت جو چوڻ آهي ته تيل جو بحران ختم ڪرڻ ۾ اڃان به 6 ڏينهن لڳي ويندا، اخباري رپورٽن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته تيل جو بحران حڪومت جي مٿي جو سور رنڊجي ويو آهي، بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظ اهم گڏجاڻي به طلب ڪري ورتي آهي، حڪومت جو چوڻ آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پئٽرول جي بحران تي ضابطو تڪڙو آڻي ماڻهن کي ان عذاب مان آزاد ڪرايو ويندو، هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٻارڻ وارو تيل ختم ٿيڻ ڪري ملڪ جي بجلي جي کپت به وڌي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو بجلي جي پيداوار هزار ميگا واٽ گهٽجي وئي آهي، ان ڪري لوڊشيڊنگ کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پي ايس وٽ فرنس آئل صرف هڪ ڏينهن جو وڃي بچيو آهي، بجلي جي پيداوار لاءِ فرانس آئل جي روزانو کپت 25 هزار ميٽرڪ ٽن آهي، جڏهن ته موجود ذخيرو 10 هزار ميٽرڪ ٽن آهي، جڏهن فرنس آئل لاءِ نوان ٽينڊر به جاري ناهن ڪيا ويا، لوڊشيڊنگ وڌڻ ڪري شهرن ۾ 12 ۽ ڳوٺن ۾ 15 ڪلاڪ بجلي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ ڪڏهن تيل ته ڪڏهن گئس ته ڪڏهن بجلي جهڙا بحران پيدا ٿي رهيا آهن، موجوده حڪومت ڪنهن هڪ معاملي کي مس مس سڌو ڪري رستي تي آڻي ٿي ته وري ٻيو بحران کر کنيو بيٺو آهي، ان جو ڪهڙو سبب آهي.اهو ته حڪومتي ڌريون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون پر اصل حقيقت اها آهي ته عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو ان کي هر ايندڙ ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ ڌڪيو وڃي ٿو.چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته عوام گئس ۽ بجلي جا بل به ڀري ٿي پوءِ به ايڏا وڏا بحران پيدا ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟ پي ايس او جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت مٿان اربين رپين جون رهتون آهن، جيڪي ادا نٿيون ڪيون وڃڻ، جيڪڏهن اهو معاملو ائين آهي ته پوءِ تيل ڏيندڙ ڪمپنيون به مجبور آهن، اسان جو ملڪ قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ باوجود به ترقي نٿو ڪري سگهي، شايد ان جو سبب اسان جو ”ايمان“ آهي، جيڪڏهن ملڪ جو هر ماڻهو ايمانداري وارو رستو اختيار ڪري ته هتي پئٽرول، گئس ۽ بجلي جو ڪو به بهران نه ٿيندو، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايمان وارو گس ڪير وٺي؟ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ اهي بحران ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندا، اسان جي حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته بحرانن تي تڪڙو ضابطو آڻي ماڻهن کي ڪو سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *